سوراھہ واھہ: هي واھہ سما حڪومت جي دؤر ۾ ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي کوٽرايو، جيڪو سيوهڻ کان 38 ميل ۽ جبلن کان 32 ميل پري بوبڪ پرڳڻي ۾ هو. هن واھہ کوٽرائڻ جو خاص مقصد نيرون ڪوٽ پرڳڻي مان جبلن جو پاڻي ڍنڍن طرف پهچائڻ هو. ڄام نظام الدين پنھنجي وزير چاڳلا ۽ درياھہ خان کي هي واھہ کوٽائڻ لاءِ خاص ذميواري ڏني، جن هي واھہ کوٽرائي منڇر ۾ پاڻي پهچائڻ سان گڏ علائقي جي ڪيتري ئي زمين کي پوکي لائق بڻايو. هن واھہ جي کوٽجڻ سبب منڇر جو اتريون پاسو ڳاهن جا مختلف قبيلا ۽ ڏکڻ وارو پاسو بوبڪن جا ماڻهو آباد ڪندا هئا. هن واھہ جي کوٽائي بعد بوبڪن جي آسپاس جي رهواسين ۾ وڏي خوشحالي آئي، بنجر زمينون آباد ٿيون.