سورة الانبياء: هيءَ قرآن مجيد جي ايڪيهين سورة آهي، جنهن ۾ خدا جي پيغمبرن جي ذڪر هجڻ سبب ان جو نالو ’سورة النبياء‘ رکيو ويو آهي. البت هي لفظ (الانبياء) سورت جي ڪنهن آيت ۾ نہ آيو آهي. هن سورت ۾ ست رڪوع ۽ 112 آيتون آهن. هن سورت جي نازل ٿيڻ جو زمانو مڪي جو وچون دؤر آهي ۽ هي حبشه ڏانهن هجرت جي ويجهي وقت ۾ نازل ٿي. سورت جي شروعات ۾ ٻڌايو ويو آهي تہ ماڻهو غفلت جي ننڊ ۾ ستا پيا آهن ۽ انهن کي آخرت جي ڪا پرواھہ ڪانهي. جڏهن انهن کي ڪو جاڳائڻ/ سمجهائڻ لاءِ اچي ٿو تہ هي اُن کي تنگ ڪن ٿا. ڪڏهن ان جي تعليم کي مصنوعي چون ٿا، جڏهن تہ رسول هميشہ انسانن منجهان ئي ايندا آهن. اڳتي هلي هن سورت ۾ پيغمبرن جي عظمت ۽ سندن مخالفن جي هلاڪت، دشمنن جي هٿن مان انهن جي نجات جو ذڪر ۽ سندن تابعداري ڪندڙن کي زمين جو وارث سڏيو ويو آهي. خاص طور تي پيغمبرن سڳورن جي پاڪدامني ۽ پرهيزگاريءَ جو نهايت صفائيءَ سان بيان ٿيو آهي تہ اهي قول ۽ فعل ٻنهيءَ ۾ ﷲ تعاليٰ جي رضا هيٺ هوندا آهن. سورة جو اختتام ان ڳالھہ تي ڪيو ويو آهي تہ حضور محمد ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن دنيا ۾ ناڪام نہ ٿا ٿي سگهن ۽ آخرڪار ان جي مقبوليت وڌندي ويجهندي. ان ڳالھہ کي چٽو ڪيو ويو آهي تہ انبياء سڳورا ۽ سچا ماڻهو هميشہ ڪامياب رهن ٿا ۽ دشمنن جي بهتانن باوجود حق غالب رهي ٿو. هن سورة ۾ انبياء عليهم السلام جي پاڪدامني ۽ پرهيزگاريءَ جا ڪجهہ مثال ڏنا ويا آهن، جنهن جو مقصد آهي تہ سمورا پيغمبر انسان هئا، خدائيءَ جو انهن ۾ گمان ئي نہ هو. انهن تي بہ طرحين طرحين تڪليفون آيون ۽ مخالفن کين برباد ڪرڻ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون، ٻيو تہ انهن جو دين هڪ ئي هو ۽ اهو ساڳيو ئي دين هو، جيڪو آخري نبي حضرت محمد ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم پيش ڪري رهيا آهن. اهو ئي اصل دين آهي، مگر ماڻهو گمراھہ ٿيندا پيا وڃن، جڏهن تہ ان جي پيرويءَ ۾ سندن نجات آهي. زمين جا بہ اهي وارث ٿيندا، جيڪي ان دين تي مڪمل طرح سان هلندا (شاهڪار اسلامي انسائيڪلوپيڊيا).