پوکيءَ جي مندن جو ڇارٽ

پوکيءَ جي مندن جو ڇارٽ

ٻج مقدار جي سفارش

ٻج مقدار جي سفارش

ڪيميائي ڀاڻ جون سفارشون

ڪيميائي ڀاڻ جون سفارشون

سورج مکيءَ کي پاڻيءَ جي گھرج

سورج مکيءَ کي پاڻيءَ جي گھرج

سورج مکي

سورج مکي

سورج مکي

سورج مکي (Sunflower): سورج مکي، تيلي ٻجن ۾ اهم کاڄرو تيل جو فصل آهي، جنهن جي ٻج مان ملندڙ تيل خوراڪ طور استعمال ڪبو آهي. هن جو اصل وطن ڏکڻ آمريڪا ۽ ميڪسيڪو آهي، جتان هيءُ سنڌ سميت دنيا جي ٻين هنڌن ۽ ملڪن ڏانهن پکڙيو آهي. سورج مکيءَ جو تيل صاف سٿرو ۽ ڪولسٽرول کان پاڪ ٿئي ٿو، جنهن ۾ ڄمڻ جي خاصيت بلڪل معمولي هوندي آهي. اهو ئي سبب آهي تہ هن جو تيل رت جي دٻاءَ ۽ چرٻيءَ جي ڄمڻ کي روڪڻ ۾ مددگار ٿئي ٿو. سورج مکيءَ جي فصل جي مکيہ پيداوار ڏيندڙ ملڪن ۾: روس، ارجنٽينا، بلغاريا، رومانيا، ترڪي، ڏکڻ آمريڪا ۽ پاڪستان شامل آهن. هيءُ فصل هند سنڌ اندر 1960ع ڌاري متعارف ٿيو. سورج مکي بنيادي طور کاڄري تيل لاءِ پوکبو آهي، پر هن فصل جا کاڄرو تيل سميت ٻيا بہ فائدا آهن. هيءُ جيئن تہ اڻ رچيل ٿئي ٿو، تنهنڪري هن مان کاڌا، روغن ۽ مصنوعي مکڻ وغيرہ بہ ٺاهيو وڃي ٿو. ان کانسواءِ بناسپتي گيھہ، صابڻ، هار سينگار وغيرہ جهڙين شين جي ٺاهڻ ۾ بہ ڪتب آندو وڃي ٿو. حڪيم هن جي پنن کي ڪارن مرچن سان گڏ گهوٽي سفوف ٺاهي ڏڪڻيءَ واري بخار لاءِ استعمال ڪندا آهن. سورج مکيءَ جي گلڪاريءَ سبب پوکيءَ وارن هنڌن تي موسمي بخار نٿو ٿئي. گاڏين لاءِ موبل آئل (Biofuel)، رنگ روغن (Dyes) ٺاهڻ، جانورن جي چاري جي کڙ، ڪڪڙين جي خوراڪ جي استعمال سميت هن جي ڏانڊين جي ريشي مان اعليٰ قسم جو پنو ٺاهيو وڃي ٿو. هن جي ٻجن ۾ غذائيت جي نسبت وڏي مقدار ۾ لحمياتي جزا ٿين ٿا، جن جي ڪري هن جا ٻج ٿورا تڙڪائي کاڌا ويندا آهن. سورج مکيءَ جو تيل دل جي مريضن لاءِ بہ مفيد آهي. تنهنڪري هن فصل جو مارڪيٽ ۾ اگهہ ٻين فصلن کان وڌيڪ آهي.
سنڌ جون آبهوائي حالتون هن فصل لاءِ انتهائي موزون آهن. هيءُ فصل خاص ڪري بھار ۽ سرءُ جي موسم ۾ پوکجي ٿو ۽ چڱي پيداوار ڏئي ٿو. سورج مکيءَ جو فصل زمين ۾ اڪيلي سر ۽ ڪمند، ڪڻڪ توڙي وونئڻن وغيرہ سان گڏ بہ پوکي سگهجي ٿو. هيءُ ٿوري عرصي ۾ پچي راس ٿيندڙ فصل آهي، جنهن جي پچڻ ۾ 90 کان 110 ڏينهن لڳن ٿا، هن لاءِ پاڻيءَ جي ضرورت گهٽ هجي ٿي. ڪلر واري زمين ۾ پوکڻ سان زمين جي پيداواري قوت کي بہ وڌائڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. سورج مُکي دوباري فصل طور بہ ڪامياب فصل آهي. سنڌ ۾ لاڙ واري طبعي ڀاڱي ۾ هن فصل جي وڏي ايراضيءَ تي پوک ڪئي وڃي ٿي، جڏهن تہ اتر سنڌ ۾ ساريال علائقي ۾ دوباري فصل طور سورج مکيءَ جي پوک ڪئي وڃي ٿي. درست پوکائي ۽ صحيح سنڀال سان هيءُ پنجويھہ کان ٽيھہ مڻ في ايڪڙ پيداوار ڏئي ٿو. عام حالتن ۾ هن فصل مان ڏهن کان پندرنهن مڻ في ايڪڙ پيداوار حاصل ڪئي وڃي ٿي.
سورج مکيءَ جي فصل جي پوک ٻٽي فصل طور اضافي پيداوار وٺڻ خاطر ڪئي وڃي ٿي. جنهنڪري سرءُ ۾ هن جي پوکائي ڪمند سان گڏ ڪبي آهي، فبروريءَ ۾ پوکيل فصل واري زمين ۾ ڪپھہ پوکي سگهجي ٿي. ڪن هنڌن تي ڪمند ۽ مڪئيءَ سان گڏ بہ هن فصل جي پوکائي ٿئي ٿي. سورج مکيءَ جي فصل لاءِ لٽاشي زمين وڌيڪ مناسب آهي. مال جي وٿاڻ جو ڀاڻ ۽ پاڻيءَ جي بهتر نيڪال واري زمين هن فصل لاءِ لاڀائتي ٿئي ٿي. سورج مکيءَ جون ٻہ جنسون:
(1)Hybrid، (2)HO-l متعارف ٿيل آهن. عام طور هاري هن فصل مان ديسي ٻج تيار ڪري آئندي جي پوکيءَ لاءِ سنڀالي رکندا آهن. هن فصل کي گـُڏ ڏيڻ لازمي آهي. ٻيجي فصل هئڻ سبب هن فصل تي جهار جھڙوڪ: طوطا، ڳيرا، ڪٻريون ۽ ڪي ٻيا اهڙا پکي حملو ڪندا آهن، جن کان بچاءُ لازمي آهي. هن فصل جي ڳاھہ بہ ڳاهبي آهي. هن وقت سورج مکيءَ جو اَنُ يا ٻِجُ ڳاھہ مشين/ ٿريشر (Sunflower Thresher) يا جديد اَنُ ڇڙڻ وارين انجڻين ۽ مشينن ذريعي صاف ڪيو وڃي ٿو.
پوکيءَ جو وقت (Sowing Time): هر فصل وانگر سورج مکيءَ جي فصل مان بہ بهتر پيداوار حاصل ڪرڻ لاءِ سفارش ڪيل وقت تي پوکي ڪرڻ تمام ضروري آهي تہ جيئن وقتائتي پوکي ڪرڻ سان فصل جي صحيح نشونما ٿئي ۽ ايندڙ فصل لاءِ وقت سر زمين بہ خالي ٿي سگهي.
سفارش ڪيل جنسون ۽ ٻج جو مقدار (Recommended Varieties & Seed Rate): سورج مُکيءَ جون ٻن قسمن جون جنسون ٿين ٿيون، هڪڙيون ديسي جنسون جھڙوڪ: ايڇ. او-1 (HO-1) ۽ ٻيون ٻہ سريون جنسون يعني هائبرڊ (Hybrid). ٻج جو مقدار هيٺينءَ ريت سفارش ڪجي ٿو:
سورج مکيءَ جي ديسي جنس پوکڻ جي صورت ۾ هيٺين خاص ڳالهين تي چڱيءَ ريت عمل ڪبو تہ پيداوار هائبرڊ جنسن جيتري آسانيءَ سان حاصل ڪري سگهبي.
(1) ديسي جنس هڪ جاءِ تي 10 ايڪڙن کان وڌيڪ پوکڻ نہ گهرجي، ڇاڪاڻ تہ ديسي جنس ۾ لڳ جو عمل جيتن ۽ مکين وغيرہ جي معرفت ٿئي ٿو، جيڪي ساڳي ايراضيءَ ۾ گهٽ هوندا آهن. تنهنڪري سورج مکيءَ جون ديسي جنسون مختلف جڳهين تي لڳائڻ گهرجن تہ جيئن پيداوار گهڻي ملي.
(2) ديسي جنس واري فصل ۾ هٿرادو ماکيءَ جون ڪالونيون رکڻ سان پيداوار تي تمام گهڻا مثبت اثر پون ٿا، ڇاڪاڻ تہ ماکيءَ جون مکيون هڪ گل کان ٻئي گل ڏي رس چوسڻ لاءِ اڏامنديون رهن ٿيون ۽ قدرت ماکيءَ جي مکين جي ڄنگهن ۾ ننڍيون ننڍيون ٽوڪريون ٺاهيون آهن، جن ۾ مکيون پنھنجي خوراڪ وٺڻ دوران گلن جي نر حصن تان نَر جُزا (Pollens) جمع ڪنديون آهن، جيڪي مکين جي هڪڙن گلن تان اٿي ٻين گلن تي ويهڻ دوران گلن جي مادي حصن کي بہ لڳندا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ گلن ۾ ٻج ٺھڻ شروع ٿي ويندو آهي. هڪ اندازي موجب فصل ۾ ماکيءَ جون ڪالونيون رکڻ سان ٽيڻ تي پيداوار وڌيڪ حاصل ڪري سگهجي ٿي. ان ڪري سورج مُکيءَ جي ديسي جنس پوکڻ کان پوءِ ان ۾ ماکيءَ جي مکين جون ڪالونيون رکڻ گهرجن.
زمين جي چونڊ (Land Selection): سورج مکيءَ جي پوکي سم وارين، ڪلراٺين ۽ وارياسين زمينن کانسواءِ ٻين سمورين زمينن ۾ ڪري سگهجي ٿي، پر وچولي لٽاشي زمين، جنهن ۾ وٿاڻ جو ڀاڻ يا سائو ڀاڻ پيل هُجي، تہ ان ۾ سورج مکي پوکڻ سان وڌيڪ پيداوار حاصل ٿيندي. زمينن کي ساهي نہ ڏيڻ، فصل مٿان فصل پوکڻ، فصلن جي واري ڦيري نہ ڪرڻ ۽ فصلن کي گهڻي ڪيميائي ڀاڻ ڏيڻ جي ڪري زمين جي زرخيزي گهڻي گهٽجي وئي آهي. زمين ۾ نامياتي مادي کي وڌائڻ جا ٻہ ذريعا آهن. هڪ سائي ڀاڻ وارن فصلن جو استعمال ۽ ٻيون وٿاڻ جي ڀاڻ جو زمين ۾ هر ٽئين سال استعمال تمام ضروري آهي. ائين ڪرڻ سان جيڪڏهن زمين ۾ ٿورو ڪلر هوندو تہ اهو بہ ختم ٿي ويندو. ان ڪري جنهن زمين ۾ سورج مکي جو فصل پوکڻو هجي، ان ۾وٿاڻ جو ڀاڻ يا سائو ڀاڻ ڏنو وڃي.
پوکيءَ جا طريقا (Sowing Methods): پوکيءَ جا ٽي طريقا آهن:
(1) ڇٽ کيڙ، (2) ڪورڙ يعني گَپَ ۾ ٻج ڇٽڻ ۽ (3) ناڙيءَ رستي پوکي ڪرڻ. اهي طريقا مختلف حالتن ۾ ماحول ۽ ضرورت مطابق عمل ۾ آندا وڃن ٿا. هنن ٽنهي طريقن مان ناڙي ڪامياب پوکي آهي. ناڙي پوک ۾ قطارن جي وچ ۾ وِٿي ٻن کان اڍائي فوٽ ۽ ٻوٽن جي وچ ۾ 9 انچ وڇوٽي رکڻ گهرجي. ناڙي ڪوشش ڪري ٽريڪٽر ذريعي ڪجي. ناڙيءَ رستي پوکي ڪرڻ سان ٻج جو ڦوٽهڙو سٺو ٿئي ٿو. ناڙيءَ واري پوک ان لحاظ کان بہ وڌيڪ ڪارگر آهي، جو فصل جون اوڙون سڌيون ۽ کليل ٿين ٿيون، جن مان هوا ۽ سج جي روشني آسانيءَ سان گذر ڪري ٿي، جنهن جي موجودگيءَ ۾ ٻوٽا پنھنجي کاڌ خوراڪ پنن رستي بهتر نموني تيار ڪن ٿا. جنهنڪري ٻوٽن جي واڌويجهہ سٺي ٿئي ٿي. ناڙيءَ واري پوک ۾ گـُڏ ڪرڻ توڙي ڪيميائي ڀاڻ ۽ جيت مار دوائون آسانيءَ سان ٿوري وقت ۾ بهتر نموني ڏئي سگهجن ٿيون، جنهنڪري هڪ طرف انهن ڪمن ۾ گهٽ وقت لڳڻ سبب مزدوريءَ جو خرچ گهٽجي ٿو ۽ ٻئي طرف وري اهي ڪم بهتر نموني ٿيڻ جي ڪري فصل جي پيداوار وڌي ٿي.
سارين ۾ ڇاٽي پوک: ساريال علائقي ۾ پاڇاٽين پوکيل سارين ۾ يا زمين جي تياريءَ واري خرچ کان بچڻ لاءِ سارين جي عام مُندائتي فصل ۾ بہ آخري پاڻي ڏيڻ کانپوءِ گَپَ ۾ سورج مکيءَ جو ٻج ڇٽي سگهجي ٿو، پر ان ريت پوکي ڪرڻ لاءِ ٻج کي 6 ڪلاڪ پاڻيءَ ۾ پسائي پوءِ ڇٽجي تہ ڦوٽهڙو وڌيڪ سٺو ٿيندو. گپ ۾ پوکيل سورج مُکيءَ جو ٻج جيستائين سارين جو لابارو ٿيندو، تيستائين ڦوٽهڙو ڪري ويندو ۽ لاباري کانپوءِ پنھنجي بهتر نشونما ڪري سگهندو. ان پوک تي خرچ تمام گهٽ اچي ٿو ۽ وقت جي بچت بہ ٿئي ٿي، پر ان فصل مان ايتري پيداوار نہ ٿي لھي.
ناڙيءَ رستي پوک: پاڻيءَ ۽ ڳر ۾ خرچ بچائڻ لاءِ سورج مُکيءَ کي دوباري فصل طور سارين جي فصل مان واندي ٿيل زمين ۾ فوري طور تي زيرو ٽليج ناڙيءَ رستي پوکي سگهجي ٿو. زيرو ٽليج ناڙيءَ ذريعي پوکي ڪرڻ سان زمين کي هر ڏئي ٺاهڻ جي ضرورت نٿي پوي، جنهن جي ڪري جلديءَ ۾ ۽ گهٽ خرچ تي پوکي وڃي ٿي. هيءَ ناڙي زراعت کاتي سنڌ جي زرعي انجينئرنگ واري شعبي جي ڪنهن ويجهي دفتر سان مشورو ڪري وٺڻ گهرجي يا ڪنهن پاڙي واري زميندار وٽ هجي تہ اها استعمال ڪجي. زيرو ٽليج ناڙيءَ رستي پوکي ڪرڻ لاءِ اوڙن جي وچ ۾ اڍائي فوٽن جي وٿي رکجي.
ٻٽي پوک: سورج مُکي ڪمند جي فصل ۾ ٻٽي پوک طور بہ پوکيو وڃي ٿو، جنهن لاءِ سرءُ ۽ بھار جي مندن ۾ ڪمند جي پوکي ڪري جيڪو پاڻي ڏجي، انهيءَ پاڻيءَ کان پوءِ جيئن ئي زمين وَٽَ ۾ اچي تہ سورج مُکيءَ جي ناڙيءَ رستي ڪمند جي اوڙن جي وچ ۾ سورج مُکيءَ جي پوک ڪجي. ڪمند ۾ سورج مُکيءَ پوکڻ سان سورج مُکي ڪمند جي ئي پاڻيءَ ۾ پچي راس ٿئي ٿو ۽ ڪمند ۾ پوکيل سورج مُکيءَ مان ايتري آمدني ٿي وڃي ٿي، جنهن مان ڪمند جو خرچ آسانيءَ سان لھي وڃي ٿو.
ٻج جي خاصيت (Quality of Seed): پوکيءَ لاءِ ٻج استعمال ڪرڻ کان پهرين ٻج جي بهتر خاصيت جي باري ۾ يقين ڪرڻ تمام ضروري آهي. سٺو ٻج ئي وڌيڪ پيداوار ڏيڻ جو ضامن ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي نفعي بخش پوک جو بنيادي جزو سمجهيو وڃي ٿو. ٻج ۾ هيٺيون خاصيتون هئڻ گهرجن: (1) سفارش ڪيل جنس، (2) صاف ٻج، (3) صحتمند ٻج، ۽ (4) سٺي ڦوٽهڙي وارو ٻج.
ڪيميائي ڀاڻ جو استعمال (Use of Chemical Fertilizer): ڪيميائي ڀاڻ استعمال ڪرڻ لاءِ پنھنجي فصل واري زمين جي مٽيءَ جي چڪاس ڪرائي پوءِ ڀاڻ ڏيڻ گهرجي تہ وڌيڪ بهتر آهي. پر مجبوريءَ واري حالت ۾ سورج مکيءَ لاءِ سفارش ڪيل زمينن ۾ هيٺينءَ ريت ڀاڻ ڏيڻ گهرجي:
ڪيميائي ڀاڻ ڏيڻ وقت ان ڳالھہ جو خيال رکڻ گهرجي تہ جيڪڏهن ڪنهن سبب جي ڪري سورج مُکي ڪلراٺي زمين ۾ پوکڻو هجي تہ ان زمين ۾ فصل کي ڪيميائي ڀاڻ نہ ڏجي. جڏهن تہ عام زمينن ۾ سورج مُکي پوکڻ جي صورت ۾ سفارش ڪيل فاسفورس واري ڀاڻ کي ڳريل سڙيل وٿاڻ جي ڀاڻ سان گڏائي ڏيڻ گهرجي تہ فاسفورس ٻوٽن کي وڌيڪ مؤثر نموني مهيا ٿي ملندو ۽ فاسفورس واري ڀاڻ جي هڪ ٻوريءَ کي ٻن وٿاڻ جي ڀاڻ جي ٻورين جي نسبت سان پاڻ ۾ ملائي پوءِ ڇٽجي.
ٻوٽن جو تعداد (Plant Population): سورج مُکيءَ جي فصل مان بهتر پيداوار وٺڻ لاءِ ٻوٽن جو تعداد 20 کان 25 هزار في ايڪڙ هجڻ ضروري آهي. سورج مُکيءَ جي فصل ۾ ٻوٽن جو سفارش ڪيل تعداد رکڻ لاءِ هيٺين ڳالهين جو خاص خيال رکڻ گهرجي:
(1) ٻج اهڙو تصديق ٿيل پوکجي، جنهن جي ڦوٽهڙي جي صلاحيت لڳ ڀڳ 90 سيڪڙو هجڻ گهرجي.
(2) ڪوشش ڪري پوکي، ناڙيءَ رستي ڪجي. ناڙيءَ لاءِ اوڙ کان اوڙ جي وچ ۾ اڍائي فوٽن جي وٿي رکجي.
(3) فصل کي پهريون پاڻي ڏيڻ کان اڳ ۾ ٻوٽي کان ٻوٽي جي وچ ۾ 9 کان 10 انچ وٿي رکڻ لاءِ هٿن سان ڇڊائي ڪرڻ گهرجي.
گـُڏ ۽ مٽي چاڙهڻ (Interculturing & Earthing Up): سورج مُکيءَ جي فصل ۾ بہ ٻين فصلن وانگر گندگاهَه ڦُٽي ان سان کاڌ خوراڪ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿين ٿا ۽ فصل ۾ جيتن جو حملو بہ وڌي ٿو، جنهنڪري فصل جي صحيح واڌ نٿي ٿئي. ان ڪري هن فصل ۾ ٽي گڏون ڏيڻ جي ضرورت پوي ٿي. انهن گـُڏن مان پهرين گـُڏ پهريون پاڻي ڏيڻ کان اڳ ۾ ڏيڻ گهرجي ۽ باقي ٻہ گـُڏون ٻئي ۽ ٽئين پاڻيءَ کانپوءِ جيئن ئي زمين وَٽَ ۾ اچي تہ ڏيڻ گهرجن. فصل ۾ گـُڏون ڏيڻ سان زمين کلي ٿي ۽ پاڙون صحتمند ٿي ٻوٽي تائين گهربل مقدار ۾ خوراڪ پهچائين ٿيون ۽ ساڳئي وقت جيتن جو حملو بہ گهٽ ٿئي ٿو. سورج مُکيءَ جي ٻوٽن جي چوڌاري مٽي چاڙهڻ سان پيداوار ۾ بهتريءَ جا نتيجا سامهون آيا آهن. تنهنڪري جڏهن ٻوٽا هڪ فوٽ جيترا ٿين تہ انهن جي چوڌاري مٽي چاڙهجي. فصل ۾ مٽي چاڙهڻ جو اهو عمل هميشہ شام جي وقت ۾ ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ تہ شام جو ٻوٽا ڏينهن جو گرميءَ جي نتيجي ۾ نرم ٿي ويندا آهن ۽ ان نرميءَ سبب ٻوٽا مٽي چاڙهڻ دوران ڀڄندا ناهن، جڏهن تہ صبح جي وقت اهڙي عمل سان ٻوٽا ڀڄندا آهن ۽ فصل جو نقصان ٿيندو آهي.
پاڻي ڏيڻ (Water Schedule): فصل جي پاڻيءَ جي گهرج جو دارومدار آبهوا، زمين جي قسم ۽ زمين جي ريج يا سيڪ رکڻ واري صلاحيت تي آهي. آبادگار کي پنھنجي فصل جي حالت کي ڏسي ۽ پاڻيءَ جي موجودگيءَ کي ذهن ۾ رکي فصل کي پاڻي ڏيڻ گهرجي. هن فصل ۾ جيتوڻيڪ پاڻيءَ جي کوٽ کي برداشت ڪرڻ جي ڪنهن حد تائين صلاحيت آهي، پر سورج مُکيءَ کي پهريون ۽ جڏهن فصل کيري ڏڏر تي هجي تہ اهو ٻيو پاڻي هر حال ۾ مقرر وقت تي ڏيڻ گهرجي. هن فصل کي هيٺينءَ ريت عام طور تي پاڻي ڏيڻ جي ضرورت ٿئي ٿي:
نقصانڪار جيت (Insect Pests): سورج مُکيءَ جي فصل تي اڇي مک، سائي مهلي، بوجاري ڪينئين ۽ لشڪري ڪينئين جو حملو ٿئي ٿو، ليڪن انهن جي ضابطي جو دارومدار پيسٽ اسڪائوٽنگ يعني جيتن جي جاچ پڙتال تي آهي، جنهن ذريعي جڏهن بہ ڪو هڪڙو يا هڪ کان وڌيڪ جيت نقصان واري حد تائين پهتل هوندا، تڏهن انهن جي خاتمي لاءِ ڪنهن مؤثر ڪيميائي دوا جو ڦوهارو ڪيو ويندو. ان عمل لاءِ ڪنهن ويجهي زرعي ڪارڪن سان رابطي ۾ اچي فصل جو معائنو ڪرائبو رهجي ۽ جنهن وٽان پاڻ بہ اهڙن جيتن جي باري ۾ سکيا وٺجي. زرعي ڪارڪن جي سفارش تي عمل ڪجي.
جهار هڪلڻ (Tenting): سورج مُکيءَ جي فصل ۾ جهار جو مسئلو عام آهي، هن فصل ۾ جيئن گل ٽڙڻ لڳن ٿا تہ مختلف پکي خاص طور طوطا يا چتون وغيرہ اچي ڪڙڪن ٿا، جن جي حملي سبب پهچندڙ نقصان کان بچڻ لاءِ لاباري وقت ۽ ول کي ڳاهي وائري اناج کڻڻ تائين چڱيءَ طرح جهار هڪلڻ گهرجي.
لابارو، ڳاھہ ۽ ذخيرو (Harvesting, Threshing & Storage): جڏهن سورج مکيءَ جي گلن جو هيٺيون پاسو سائي رنگ مان ڦري پيلو ٿي وڃي تہ لابارو ڪرڻ گهرجي. لاباري بعد گلن کي ديري ۾ اهڙيءَ طرح پکيڙي رکجي، جيئن اهي هڪٻئي کان الڳ هجن، ٻيءَ صورت ۾ اهي چڱيءَ طرح نہ سُڪي سگهندا ۽ نہ انهن ۾ سينوارجڻ جو خطرو رهندو. سڪائڻ لاءِ پکڙيل گلن (Seed heads) کي وقت بوقت صفا سُڪڻ تائين اٿلائبو رهجي. صفا سڪل گلن کي سورج مکيءَ واري ٿريشر (Sunflower Thresher) ذريعي يا وري جيڪڏهن ول ٿوري هجي تہ ڏنڊن سان سٽي ان ڌار ڪري وڪرو ڪجي.
پيداوار (Yield): سورج مکيءَ جي موجود جنسن ۾ 25 کان 30 مڻ في ايڪڙ پيداوار ڏيڻ جي صلاحيت آهي.


لفظ سورج مکيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو