سورداس جي خيالي تصوير
سورداس: سورداس هندي ۽ برج ڀاشا جو ڪلاسيڪي سنت ڪوي ٿي گذريو آهي. سندس جنم 1483ع ڌاري دهليءَ جي ويجهو ’سيهي‘ ڳوٺ ۾ هڪ غريب سارسوت برهمڻ خاندان ۾ ٿيو. هو ڄائي ڄم کان انڌو هو، پر کيس غيبي طاقت عطا ٿيل هئي، جنهنڪري وڃايل شين جو ڏَس ڏئي سگهندو هو ۽ درست اڳڪٿيون ڪري سگهندو هو. سورداس جي پيءُ جو نالو رام داس هو، جيڪو اڪبر بادشاهه جي درٻار جو وڏو گائڪ هو. سورداس جي نابينائيءَ جي ڪري سندس گهر وارا کيس نڪمو سمجهي، ساڻس سٺو سلوڪ نه ڪندا هئا ۽ نه ئي مٿس ڪو ڌيان ڏيندا هئا. رام داس کي ست پٽ هئا، جن مان ڇهه جنگ دوران مارجي ويا هئا ۽ هن سورداس تي ڪو خاص ڌيان نه ڏنو.
سورداس ٻالڪپڻ ۾ ڪن فقيرن جي سنگ ۾ پنهنجو گهر ڇڏي، هڪ تلاءَ ڀرسان هڪ جهوپڙيءَ ۾ رهڻ لڳو، جيڪا سيهي ڳوٺ کان پري نه هئي. 18 ورهين جي عمر ۾ هو گئوگهاٽ ڏانهن هليو ويو، جتي 31 سالن تائين رهيو ۽ اتي ولڀ آچاريه (1478-1530) سان سندس ملاقات ٿي، جنهن جي سنگ سندس زندگيءَ ۾ ڪافي تبديلي آندي ۽ هو سندس شش (شاگرد) بڻيو. سورداس تپسوي، ڀڳت، شاعر ۽ سٺو گائڪ هو. هن جا ڪافي پوئلڳ هئا. هو پنهنجي الهامي طاقت توڙي ڀڳتي گيتن جي ڪري ڪافي مشهور ٿي چڪو هو.
هڪ ڀيري جڏهن ولڀ آچاريه، گئوگهاٽ تي آيو هو ته سورداس جا چيلا کيس ڏسي ، سورداس وٽ ويا ۽ چيائون ’اڄ آچاريه آيو آهي‘. سورداس سندس آڌرڀاءُ ڪري کيس پنهنجي جڳهه تي وٺي آيو. آچاريه کيس چيو ته ”مالڪ جي مهما ڳاءِ“، جنهن تي سورداس وراڻيو ”پرڀو! مان پاپين جو سرتاج آهيان، ٻيا چئن ڏينهن جا ڏوهاري آهن، مان جنمن جو ڏوهاري آهيان“، اُن تي پرڀوءَ کيس چيو ته ”هي آزيون نيزاريون ڇا لاءِ؟ تون ته سُور وير آهين“. اُن موقعي تي ولڀ آچاريه کيس ڀاڳوت پراڻ جو ڏهون سڪند/ اڌياءُ ٻُڌايو، جنهن سندس من کي منور ڪري ڇڏيو. چيو وڃي ٿو ته اُن کانپوءِ سورداس جيڪي پد رچيا، تن ۾ ڀاڳوت جي پهرين کان ٻارهين اڌياءُ تائين جو ذڪر اچي ٿو.
اهو به چيو وڃي ٿو ته سورداس ولڀ آچاريه کان ڏهه ڏينهن عمر ۾ ننڍو هو، جنهن ڳالهه جي شاهدي ’ولڀ سمپرادايه‘، ’گوڪل ناٿ‘ ۽ ’ڀاو پرڪاش‘ ڪتابن ۾ ملي ٿي. سورداس پنهنجي ڪوتا ۾ پنهنجا پنجن قسمن جا نالا ڪم آندا آهن: ’سؤر، سُور شيام، سورج، سورج داس ۽ سورداس‘، جڏهن ته ولڀ آچاريه کيس ’سُور‘ ئي سڏيندو هو ۽ گو سائين وٺل داس کيس ’سورداس‘ سڏيندو هو. چيو وڃي ٿو ته اڪبري درٻار جي نامياري گائڪ تانسين، سورداس جي اڪبر سان پڻ ملاقات ڪرائي هئي. ابوالفضل جي ’آئين اڪبريءَ‘ ۾ به سورداس جو ڪافي ذڪر موجود آهي. هندي شاعريءَ جي اڀياس ۾ سورداس کي ’سج‘، تلسي داس کي ’چنڊ‘ ۽ ڪيشو داس کي ’تارو‘ سڏيو ويو آهي، جڏهن ته اڪبر جي رتن گائڪ تانسين، سورداس لاءِ جيڪي ڪجهه چيو آهي، اُن جو سنڌيءَ ۾ تت هن ريت آهي:
ڪن کي تير لڳو سورهيه جو،
ڪن کي سُور جي پيڙ ستايو،
لڳو سُور جو پد پر جن کي،
تن جو سارو تن من گهايو!
(ترجمو: گورڌن ڀارتي)
اهي ڳالهيون ظاهر ڪن ٿيون ته ادب، ڪلا ۽ سنگيت جي کيتر ۾ سورداس کي تمام گهڻي مڃتا حاصل هئي. اهو ئي ڪارڻ آهي، جو پنجن صدين گذرڻ کانپوءِ به سندس ڀڳتي گيت سڄي هندستان ۾ ڳاتا وڃن ٿا.
تذڪرن ۾ اچي ٿو ته سورداس، ولڀ آچاريه جي آشيرواد سان شريناٿ جي مندر ۾ ڀڳتي گائڪ مقرر ٿيو هو، جنهن بعد هن پنهنجي باقي زندگي برج ڀوميءَ ۾ گذاري. ولڀ آچاريه جا اٺ شاگرد ٿيا، جن کي ’اَشٽ ڇاپ‘ سڏيو ويندو هو. انهن اشٽ ڇاپ شاعرن ۾ سورداس تمام مٿانهون مقام رکي ٿو.
سورداس پنهنجي ڊگهي ڄمار ۾ هزارين پد ڪرشن جي ساراهه ۾ ڳايا آهن. ڪرشن سچ پچ هن لاءِ نج سچ، سرت ۽ انادي آنند جو ڪارڻ هو. سورداس کي ڀڳتيءَ جي روايت، الڳ الڳ فلسفن ۽ انهن جي تشريحن مان ملي. ڌرمي ادب ۾ ٻه مکيه ۽ پور وڇوٽ ڌارائون موجود هيون، هڪ طرف جئه ديو جو ’گيت گووند‘ ۽ ودياپتيءَ جا ’ پريم گيت‘ عوام ۾ مقبول هئا، جيڪي ڪرشن جي شان ۾ شرنگار رس جي نمائندگي ڪندا هئا. ٻئي طرف گائڪ ۽ پرچارڪ سِڌ، ناٿ ۽ سنت ڪوين جي روايت هئي، جن جو نرگڻ (بنا شڪل صورت واري) ڀڳوان ۾ وشواس هو. سورداس انهن ٻنهي روايتن کان واقف هو. هن نه فقط اشٽ ديو ۽ مالڪ، پر متر ۽ پريميءَ طور ڪرشن جي پوڄا ڪئي.
سـورداس جا لکيل سورهن گرنٿ ٻڌايا وڃن ٿا: (1) سـور سـاگــر، (2) سور ساراولي، (3) ساتيا لهري، (4) گوورڌن ليلا، (5) دشم سڪند ڀاشا، (6) نـاگهـه لـيــلا، (7) پـد سـنگرهه، (8) پراڻ پياري (شيام جو مڱڻو)،
(9) بياهلو (10) ڀاڳوت ڀاشا، (11) سور پچيسي، (12) سورداس جا پد،
(13) سور ساگر سار، (14) ايڪادشي مهاتم، (15) رام جنم ۽ (16) نل دمينتي. پر انهن مان صرف پهريان ٽي ادبي اهميت رکن ٿا، جڏهن ته سورداس جي شهرت جو دارومدار سور ساگر جي ڪوتائن تي آهي. ڏندڪٿا موجب سور ساگر ۾ هڪ لک پنجويهه هزار پد هئا، پر ڇهن هزارن کان وڌيڪ پد هٿ نه اچي سگهيا آهن. سورداس پاڻ لکيو آهي ته هن پنهنجو ’سور ساگر‘، ڀاڳوت پراڻ موجب لکيو آهي. سنڌي شاعر گورڌن ڀارتيءَ، ’آشا نلسن‘ جي ڪتاب جي سنڌي ترجمي ۾ سورداس جي انهيءَ پد جو هن ريت ترجمو ڪيو آهي:
وياس چيا سڪديو کي، ٻارهن سڪند بڻائي،
سورداس سي ئي چيا، ڀاشا پد ۾ ڳائي،
جو به ڀاڳوت ۾ سو ڳايان،
مان نت نت گرُو ڪرپا پايان!
سورداس جو لاڏاڻو ولڀ آچاريه جي پٽ ۽ گديسر وٺل ناٿ جي سامهون، پارسوليءَ ۾، 1584ع ۾ ٿيو.