سورٺ
سورٺ (سُر): شاهه لطيف جي رسالي ۾ سورٺ هڪ سُر جو نالو آهي. ڊاڪٽر گُربخشاڻيءَ جي لکت موجب: ’سورٺ‘ سنسڪرت لفظ سوراشٽر جي بگڙيل صورت آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’عُمدو مُلڪ‘. اهو پڻ مڃيل آهي ته سورٺ هڪ راڳڻي آهي، جيڪا ’ديس‘ راڳ کان آڳاٽي آهي يا نه، پر سمجهه ۾ اچي ٿو ته سورٺ جي داستان جي ڪري راڳڻيءَ تي سورٺ نالو پيو هوندو. سورٺ جا ٻه حوالا ۽ حيثيتون مستند آهن: هڪ سورمي ’سورٺ‘ ۽ ٻيءَ راڳڻي ’سورٺ‘، جيڪا هندستاني راڳ مالا ۾ موجود آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ لکيو آهي ته ڪاٺياواڙ جي ڏاکڻي ضلعي کي 1931ع تائين سورٺ جي نالي سان سڏيو ويندو هو، جتي ٻه مختلف قصا مشهور ٿيا: (1- الف) راءِ ڏياچ جو ڪاٺياواڙي قصو، (1-ب) راءِ ڏياچ جو سنڌي قصو، (2) راڻڪ ديويءَ جو قصو. راءِ ڏياچ جي داستان جي بُنيادي اهڃاڻن ۾ شاهه لطيف ۽ ٻين صوفي شاعرن خاص نُڪتي يعني ’راءِ ڏياچ جو سر ڏيڻ‘ کي بيان ڪيو آهي. قصي جا ٽي ڪردار: ڏياچ، ٻيجل ۽ سورٺ ڄاڻايا ويا آهن (ڏسو: سورٺ راءِ ڏياچ). هي داستان راڳ سان لاڳاپيل آهي، ٻيجل راڳ جي عيوض راءِ ڏياچ کان سر گُهريو، جيڪو راءِ ڏياچ ڏنو. ان ڪري شاهه لطيف هن سُر ۾ راڳ ۽ ساز سان واسطو رکندڙ ڪيترا لفظ جهڙوڪ: چنگُ، راڳ، مڱڻهار، ساز، ربابي، قوال، ڪماچ، تند، تنوار، جُاجڪ، عطائي، ڪينرو، ڪيرت، ٻارٽ، راڳائي، وائي، ميراثي، سُرندو، ڀاٽ، صدا، رون رون، چارڻ ۽ وڏاڻ وغيره ڪم آندا آهن. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته سورٺ هندستاني راڳ مالا جي هڪ راڳڻي آهي، جيڪا کماچ ٺاٺ مان آهي. ڪلاسيڪي راڳن جي بنيادي تقسيم موجب انهن کي ڇهن مول راڳن ۾ ورهايو ويو آهي، جن جي استاد محمد رضا خان انهن جي نئين تقسيم ڪري انهن کي ڏهن ٺاٺن ۾ ورهايو آهي. استاد محفوظ کوکر، ان جي تقسيم ٻٽيهن ٺاٺن ۾ ڪئي آهي. سورٺ راڳڻي کماچ ٺاٺ سان واسطو رکي ٿي. هن راڳڻيءَ ۾ ٻئي نکاد ۽ باقي سڀ سر شڌ آهن. گنڌار برجت ۽ آروهي ۾ ڌيوت به برجت آهي. • قِسم: اوڊو- کاڊو (5-6) • وادي سُر: رکب • سموادي: ڌيوت قاضي ظهورالحق لکي ٿو ته منهنجي خيال ۾ سموادي سُر نکاد هُجڻ کپي، جو ڌيوت ته آروهي ۾ برجت آهي، اُن ڪري سموادي نه ٿيندو. • ڳائڻ جو وقت، رات جو ٻيو پهر. • خاص تان: ساري ماپا ڌا پاما ۽ سا. • آروهي: ساري ماپا نِي سا. • امروهي: ساتي ڌا ڀاماري سا. ڪيفيت، هن راڳڻيءَ جي شروع ڪرڻ جو سُر مڌم آهي ۽ خاتمي وارو سُر رکب. اروهيءَ ۾ شد نکاد ۽ امروهيءَ ۾ ڪومل نکاد ڪم آڻبو آهي، جيئن: سا ري ما پا ني سا ري سا ني ڌا ما ري ني سا. هن راڳڻيءَ ۾ مَڌم کان رکب جي مينڍ خوبصورت لڳندي آهي، اُها ئي هن کي ديس کان جدا ڪري ٿي. ديس جي آروهيءَ ۾ گنڌار به ڪم اچي ٿو. قاضي ظهورالحق لکي ٿو ته هيءَ راڳڻي مارواڙ ۾ وڌيڪ مقبول آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي تصنيف، ’سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ‘ ۾ سورٺ جي پرک ڪندي لکيو آهي. ‘ڄڻ ديس‘. ’راڳڻي ديس‘، جنهن جي سورٺ سان تمام ويجهڙائي آهي. ان حد تائين جو، جي ڳائي ويندي ته سورٺ ڄاڻڻ وارو ان کي سورٺ ئي سمجهندو. هڪڙو باريڪ فرق آهي، جنهن کي فن جا استاد ئي محسوس ڪري سگهن ٿا. ديس جو تفصيل هن ريت آهي: ديس کماچ ٺاٺ جي هڪ راڳڻي آهي. هن ۾ ٻئي نکاد باقي سُر شڌ آخر آروهيءَ ۾ گنڌار ۽ ڌيوت برجت آهن: • قسم: اوڊو- سمپورڻ (5-7). • وادي سُر، رکب • سموادي، نکاد • ڳائڻ جو وقت: اڌ رات • خاص تان، ما پا ني گاما گا ري سا ني s سا . • S نشان اڳ ۾ آيل سُر کي ڊگهو ڪرڻ جو آهي. • آروهي: سا ري ماپاني سا. • امروهي: ساني ڌا پاما گاري ني سا. ڪيفيت: اُستاد هن لاءِ تنبيهه ڪن ٿا ته هيءَ راڳڻي ديس ۽ سورٺ سان مشابهه آهي، اُن ڪري تمام توجهه سان ’ديس‘ ۽ سورٺ کي هڪٻئي کان ڌار ڪري سگهيو آهي. سورٺ جي ڪلاسيڪي انداز ۽ وصف کانپوءِ سورٺ جي شاهه جي راڳ ۾ حيثيت کي ڏسجي ته ڳائڻ جو بنياد آواز ۽ آلاپ سان آهي. اهو ئي راڳ آهي ۽ ان جا اصول آهن، شاهه جي راڳ جي ڪلاسيڪل سان ڪيتري ويجهڙائي آهي. اُن تي بهترين ڪم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب ’سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ‘ ۾ ڪيو آهي. هن ڏس ۾ ڊاڪٽر صاحب غلام شاهه ڀٽائيءَ ۽ استاد منظور علي خان جي مدد سان رسالي جي ڪن راڳن ۽ راڳڻين کي آمهون سامهون ڳارائي، ان جا آروهه، امروهه مقرر ڪيا آهن ۽ ڪٿي برابري نظر نه آئي آهي ته اتي شڪ شبهو به ظاهر ڪيو ويو آهي. پڪو راڳ هڪ اهڙو نظام آهي، جنهن ۾ ائين ڪڏهن به نه چئبو ته هي راڳ هن کي ويجهو آهي يا جهڙوڪر هيءَ راڳڻي هُن وانگر آهي، نه بلڪل نه، جيئن ٻه ۽ ٻه چار آهن، تيئن رياضيءَ جو حساب آهي. تال راڳ جي هن نظام تي ڄڻ چوڪسيءَ جو ڪم ڪري ٿو. شاهه جي فقيرن جي ڳايل سورٺ جي گائڪي هوبهو ڪلاسيڪل آهي، پر ڪلاسيڪل ۽ شاهه جي راڳ جي طرز علحده آهي، اُها جدا ڳالهه آهي باقي راڳڻيءَ ۾ فقيرن وٽ ۽ ڪلاسيڪل يا سورٺ کي ڪافيءَ جي انداز ۾ ڳائڻ ۾ ڪو به فرق ڪونهي، ڪي فقيرن جا ٻيا سلسلا پنهنجي پر ۾ ممڪن آهي بيت جي آلاپ توڙي وائيءَ ۾ فرق ڪري ويندا هجن. اهو سندن تعليم ۽ تربيت تي منحصر آهي. جڏهن ته شاهه جي راڳ توڙي سورٺ جي ڪلاسيڪي صورت ۾ آروه- امروه هڪ ئي آهي. ’سُر سورٺ‘ شاهه جي رسالي جي سڀني سرن ۾ نهايت منفرد، معنيٰ خيز ۽ اهميت وارو سر آهي، هي سر جتي راڳ، ان جي ماهيت ۽ تاثير سان تعلق رکي ٿو، اُتي ان جو بنيادي لاڳاپو سنڌ جي ان تاريخي داستان سان آهي، جيڪو ڏياچ، ٻيجل، سورٺ ۽ انيراءِ جي گرد ڦري ٿو. سر سورٺ تي مذهبي توڙي روحاني راز جي سلسلي ۾ گذريل پنجاهه سٺ سالن کان اسان جي لائق لکندڙن گهڻو ڪجهه لکيو آهي، جن مان هرهڪ صاحب جو پنهنجو نقطه نظر ۽ خيال آهي، جڏهن ته ڪجهه ڏهاڪن کان محمد پناهه ڦرڙي، معمور يوسفاڻي، تنوير عباسي ۽ محمد حسين ڪاشف نئين رخ ۽ انداز سان لکيو آهي. عالمن ۽ سالڪن ۾ پهريون شخص ’غلام محمد خانزئي‘ آهي، جنهن شاهه جي رسالي جي سرن ۾ آيل ڪناين ۽ اشارن جي معنيٰ کي ’منهاج العاشقين‘ نالي ڪتاب ۾ بيان ڪيو آهي. غلام محمد خانزئيءَ جي شاهه جي ڪلام جي ڪردارن ۽ روين جي ڪناين کي بيان ڪرڻ وارا نقطا، شاهه جي شارحن ۽ ان جي ڪلام تي لکندڙن جي ذهنن تي حاوي رهيا. انهن مان جڏهن به ڪنهن شاهه تي لکيو ٿي ته ان خانزئيءَ جي انهن بيان ڪيل ڳالهين مان استفادو ڪيو ٿي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، علامه دائودپوٽي، غلام محمد شاهواڻيءَ توڙي ٻين جن وٽ شاهه لطيف جي روحاني رمز آشنائيءَ جي سلسلي ۾ ٿوري گهڻي ڦيرگهير سان ساڳيو غلام محمد خانزئيءَ وارو بيان ڪيل خيال نظر اچي ٿو، جڏهن ته ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل، پروفيسر علي نواز جتوئي ۽ رشيد احمد لاشاريءَ وٽ هن قصي مان مراد معراج جو واقعو ۽ امن جي بخشش گهرڻ مقصود آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب رسالي جي جلد پنجين ۾ سورٺ جي بيان ۾ داستان ٻئي ۽ ٽئين کي معراج واري واقعي سان منسوب ڪيو آهي. ان کانسواءِ سنڌ ۾ منگتن ۽ ڏان ڏيڻ وارن جي رسم به وٽن مذڪور آهي. محمد حسين ڪاشف پنهنجي لطيفي مقالن واري ڪتاب ’ڪنڌيءَ ڪونئر ٽِڙن‘ ۾ ’چارڻ ٻڌا چنگ کي‘ عنوان هيٺ هنن نقطن جو ذڪر ڪيو آهي: (1) سر سورٺ ۾ اهڙا بيت آهن، جيڪي سنڌ جي هن مشهور نج تاريخي قصي ’سورٺ ۽ راءِ ڏياچ‘ سان تعلق رکن ٿا، جن ۾ سخا جي سماجي اهميت ۽ ڏان ڏيڻ جي رسم ۽ مشڪل کان مشڪل گهر کي به پورو ڪرڻ فرض تصور ڪيو آهي، جنهن سان ڏاتار، اُن جي سخا، ٻيجل جيڪو سر جو سيڪڙو آهي ۽ انيراءِ جو مذڪور سلهاڙيل آهي. (2) ڪي بيت سلسلهء نبوت، مقامِ نبوت، حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم جن جي شان ۽ سندس اعليٰ مقام کي بيان ڪن ٿا. (3) ڪي بيت معراج جي واقعي ۽ ان مقام ڪبريائيءَ کي بيان ڪن ٿا. (4) ڪي بيت رسول صلي الله عليه وسلم جن جي وصال (لاڏاڻي) جي سلسلي ۾ آهن. (5) ڪي بيت دنيا جي خاتمي ۽ وري ان جي ٻيهر وجود ۾ اچڻ يعني آخرت کانپوءِ واري منظر کي بيان ڪن ٿا. (6) ڪن بيتن ۾ عزرائيل جو ذڪر آهي، جنهن سڄي ڄمار ڇٽ پٽن سان هنيا ۽ اهو پنهنجو پاڻ کي رب جي ذات کي ارپي ٿو. (7) ڪي بيت اهڙا آهن، جن جي سلسلي ۾ ڪا حتمي راءِ ڏئي نٿي سگهجي. ڊاڪٽر تنوير عباسي هن سُر کي فنڪار، فن ۽ ان جي قدردانيءَ وارن روين تي بيهاري ٿو. وٽس ’ري مصلحت مڱڻا‘ جو مفهوم اهو آهي ته مڱڻهار جي مصلحت اها آهي، جنهن کان وقت جون زوراور طاقتون ۽ حڪومتون ڊڄن ٿيون، ڇو ته هن جي مصلحت آهي ’تاج اڇلائي ڌوڙ ۾ ملائڻ‘.