سورٺو (شعري صنف): سورٺو هندي ۽ سنڌي ٻولين جي قديم شعري صنف آهي. سنڌيءَ ۾ عام طرح سورٺن کي ٻه سٽن بيتن طور شامل ڪيو وڃي ٿو. اصل ۾ گھاڙيٽي جي حوالي سان سورٺو دوهي جي اُبتي صورت آهي. يعني دوهي جي برعڪس سورٺي ۾ قافيي وارو 11 ماترائن وارو پد آخر ۾ اچڻ بدران وچ ۾ استعمال ٿئي ٿو. اهڙيءَ طرح سورٺي جي ماترڪ ترتيب دوهي جي ماترائن 13+11 ماترائن جي ٿئي ٿي.
دوهو، سورٺو ۽ بيت هڪ ئي خاندان جون صنفون آهن. بيهڪ جي تبديليءَ سبب جدا جدا صنفن طور شمار ٿين ٿا. اهو ٿورو فرق به فقط ماترائن جي ترتيب يا پد جي بيهڪ جي ڪري آهي. فني طور اهي ٽئي صنفون دوها ڇند جي ماترائن موجب لکيون وڃن ٿيون.
سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۾ هي ٽئي صنفون تقريباً هڪ ئي دور ۾ ملن ٿيون. انهن ۾ دوهو بنيادي حيثيت رکي ٿو. دوهي ۽ سورٺي جي ميل سان بيت ٺهي ٿو. پر ان هيئت ۾ صرف ٻه سٽو بيت اچي ٿو، جڏهن ته سنڌي شاعرن بيت جي سٽن ۾ واڌ ڪري ان جي هيئت بدلائي ڇڏي آهي.
مثال: دوهي جي ترتيب هن ريت آهي:
......................................13 .....................11 = 24 ماترائون
......................................13 .....................11 = 24 ماترائون
جڳ جي پوئين پهرَ ۾، مان جگنوءَ جي جاڳَ،
جـرڪيا منهنجي راڳ ۾، ماڻهوئڙن جا مـاڳ. (اياز)
......................................13 .....................11
......................................13 .....................11
جڏهن ته سورٺي جي ترتيب هن ريت آهي:
..........................11 .................................13 = 24 ماترائون
..........................11 .................................13 = 24 ماترائون
روئـي لـڙڪن سـاڻ، پانـد پُسـايم رات جـو
مون پئي سمجهيو هاڻ، وسريون گذريل ڳالهيون. (نارائڻ شيام)
.........................11 .................................13
..........................11 .................................13
ٻه سٽو بيت، دوهي ۽ سورٺي جي ميل مان هن ريت جڙي ٿو:
......................................13 .....................11= 24 ماترائون
..........................11 .................................13 = 24 ماترائون
تنهنجي ڀرسان ڀٽ ڌڻي، جهلي بيٺس جهول،
ڏنئي ٻه ٽي ٻول، سخي منهنجي ساهه کي!
..........................................13 .......................11
.......................11 ..................................13
سنڌي شاعريءَ ۾ قديم ڪلاسيڪي شاعريءَ کان وٺي جديد سنڌي شاعريءَ تائين سورٺي واري سٽاءَ ۾ بيت عام طور لکيا ويا آهن ۽ انهن کي ’بيت‘ ۾ ئي شمار ڪيو ويو آهي.
مثال طور: شاهه ڪريم جو هي بيت، اصل ۾ سورٺو آهي:
ور سا سُڃي ويڙ، جتي سڄڻ هيڪڙو،
سو ماڳو ئي ڦير، جتي ڪوڙِ ڪُماڙئين.
اهڙيءَ طرح شاهه جو هيٺيون بيت به سورٺي جي سٽاءَ ۾ آهي:
ستر ڪج ستارَ، آءٌ اگهاڙي آهيان،
ڍڪين ڍڪڻهارَ، ڏيئي پاندُ پناههَ جو!