سورٺ راءِ ڏياچ (قصو/ داستان): سورٺ راءِ ڏياچ داستان جون ٻہ روايتون مشھور آهن هڪڙي ڪڇ ڪاٺياواڙ جي روايت ۽ ٻي سنڌ ۾ هلندڙ روايت. ٻنهي روايتن جو تاڃي پيتو (تر ۽ بَــرُ) هڪ واقعي تي ٻڌل آهي. ڪڇ ڪاٺياواڙ جي ڪهاڻيءَ جا ٽاڻا هن ريت آهن. گجرات ۾ ڪاٺياواڙ جي راجائن جي ناسازي هئي گجرات جا راجڪمار ۽ راجڪماريون گرنار جي تيرٿ تي ويندا هئا تہ ڪاٺياواڙ جا راجا هميشہ ساڻن بدسلوڪي ڪندا هئا، راءِ دياس (راءِ ڏياچ) جي ڏينهن ۾ گجرات جي راڻي ۽ سندس ڌيءَ گرنار جي تيرٿ ڀيٽڻ لاءِ ويون تہ راءِ دياس، مهيني جي مُهلت تي راجڪماري پرڻائي ڏيڻ جو شرط رکيو ۽ تيرٿ جي موڪل ڏني. ان تي گجرات جي راجا ان بيعزتيءَ جي وير وٺڻ لاءِ پالڪين ۾ لشڪر ويهاري جهوناڳڙھہ تي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ راءِ دياس لِڪ ڇُپ ۾ ڪٽنب سميت ’اپرڪوٽ‘ ۾ اچي اجهو ورتو، اپرڪوٽ جي گهيري کي پورو هڪ سال ٿي ويو، پر ڪا بہ ڪاميابي حاصل نہ ٿي ٻيجل نالي چارڻ پنھنجي راجا کي پريشان ڏسي درٻار ۾ حاضر ٿيو ۽ چيائين تہ ’ڪو چڱو چوکو انعام ملي تہ دياس جو سِر آڻي اوهان جي قدمن ۾ رکان.“ راجا وراڻي ڏني تہ قبول آهي تہ تو کي ان ڪم لاءِ نہ فقط مال متاع ملندو، پر درٻار ۾ پڻ چڱو درجو پائيندين. اها هام هڻڻ کانپوءِ ٻيجل چنگ کڻي اپرڪوٽ پهتو ۽ چنگ جي الستي آواز تي راجا کي موهي وڌائين، راجا چيس تہ گُهر جيڪي گهرڻو اٿئي. ٻيجل هٿ ٻڌي عرض ڪيو تہ ”آءٌ گهران تہ گهڻو ئي، پر جي تون اهو ڏيڻ کان انڪار ڪري وجهين تہ مفت ۾ گِلا ٿيندئي.“
راءِ دياس وچن ڪيو تہ ”آءٌ توکي وچن ٿو ڏيان تہ جيڪي بہ گهرندين، سو ملندئي“. تنهن تي ٻيجل چيو تہ ”تنھنجي سِر جو گهورو آهيان. راءِ ڏياس جي ماءُ ۽ زال (سورٺ) راءِ دياس کي دل مَن هڻندو ڏسي چيو تہ ”سواليءَ کي وڌيڪ نہ ترساءِ ۽ سِر ڏئي سرهو ٿيءُ، نہ تہ سڄي مُلڪ ۾ خوار ٿيندي.“ راجا سواليءَ جو سوال اگهايو ۽ پنهنجو ڪنڌ ڪپي سندس حوال ڪيو، ٻيجل اهو سر (ڪنڌ) کڻي گجرات جي راجا کي ڏنو ۽ ان وقت جي رسم موجب سورٺ، راءِ دياس جي ڌڙ سان چکيا تي چڙهي.
سنڌ ۾ هلندڙ روايت: 1003ع ڌاري جهوناڳڙھہ تي سَمو حاڪم راءِ ڏياچ حڪومت ڪندو هو، کيس هڪ ڀيڻ هئي، جيڪا اولاد لاءِ سڪايل هئي، هڪ ڀيري ڪنهن فقير دُعا ڪيس تہ ”پٽ ملندئي پر اهو ئي راءِ ڏياچ جي سسي ڌڙ کان ڌار ڪندو.“ لکيو ڪين ٽريو ۽ نيٺ راجڪماريءَ کي پٽ ڄائو، کيس فقير واري ڳالھہ ياد هئي سو ٻارڙي کي صندوق ۾ بند ڪري درياھہ ۾ لوڙهي ڇڏيائين، اها صندوق راجا انيراءِ جي ملڪ ۾ اچي نڪتي، هڪ چارڻ ۽ سندس زال پيتيءَ مان ان ٻار کي ڪڍي گهر کڻي آيا، مٿس ’ٻيجل’ نالو رکيائيون ۽ پٽ ڪري پاليائون. جوان ٿيڻ کانپوءِ ٻيجل جهنگ ۾ مال چارڻ لڳو، هڪ ڏينهن جهنگ ۾ ڪنهن شڪاريءَ هرڻ جو شڪار ڪري ان جا آنڊا هڪ ڪرڙ جي وڻ تي اڇلائي ڇڏيا هئا، ڏکڻ جي واءُ تي انهن آنڊن مان هڪ سُريلو ۽ من موهيندڙ آواز ٿي نڪتو، جنهن جي ترنم تي جهنگ جا سمورا جانور ۽ پکي مڙندا ٿي ويا. هڪ ڏينهن ٻيجل جي ڪنن تي بہ ساڳيو آواز پهتو، جنهن اُهي سُڪل آنڊا پنھنجي چنگ/ ساز تي چاڙهي ڇڏيا، ائين ٻيجل جو ساز سريلا ۽ من موهيندڙ آواز ڪڍڻ لڳو ۽ هنڌين ماڳين مشھور ٿي ويو. جنهن زماني ۾ ٻيجل ڄائو هو، انهي دؤر ۾ راجا انيراءِ کي پڻ هڪ ڌيءَ ڄائي هئي، کيس اڳ ۾ ئي گهڻيون ڌيئر هيون، تنهنڪري هن ان ڄاول ٻارڙيءَ کي صندوق ۾ بند ڪرائي، درياھہ ۾ لوڙهي ڇڏيو. اها صندوق راءِ ڏياچ جي ملڪ ۾ رتني ڪنڀار کي هٿ آئي، هُن اُن نينگريءَ کي ڌيءَ ڪري پاليو ۽ مٿس ’سورٺ‘ نالو رکيائين.
سامائجڻ کانپوءِ سورٺ جي سونهن جي هنڌين ماڳين هاڪ ٿي، اها خبر جڏهن راجا انيراءِ کي پهتي، تڏهن هن رتني ڪنڀار کان سورٺ جو سنڱ ورتو. راءِ ڏياچ کي جڏهن اها خبر پئي، تڏهن سورٺ کي کڻائي پنھنجي محل ۾ آيو ۽ ساڻس شادي ڪري ڇڏيائين. انهيءَ تي راجا انيراءِ وڏو لشڪر وٺي جهوناڳڙھہ تي ڪاهي آيو، ٻارنهن مهينا جهوناڳڙھہ جو گهيرو ڪيائين، پر کيس ڪا بہ ڪاميابي حاصل نہ ٿي، جنهن کانپوءِ پنھنجي ديس واپس وڃي پڙهو گهمايائين تہ جيڪو راءِ ڏياچ جي سِسي وڍي ڏيندو، تنهن کي رَتن ٽَڪن جو ٿالھہ ۽ ٻيو جيڪو بہ گهرندو سو ڏنو ويندو. ٻيجل جي زال لالچ ۾ اُهو ٿالھہ وٺي رکيو ۽ انجام ڪيائين تہ ٻيجل راءِ ڏياچ جو سِر وڍي آڻيندو. ٻيجل، زال جي چوڻ تي سُرندو سينگاري جهوناڳڙھہ روانو ٿيو.
جهوناڳڙھہ پهچي ٻيجل، راءِ ڏياچ جي محل ٻاهران تند تنوارڻ لڳو. سندس سرندي جو سوز هر هنڌ پکڙجي ويو. اهو آواز جڏهن راءِ ڏياچ جي ڪنن تي پيو تہ کيس موهي رکيائين، جنهن تي راءِ ڏياچ، ٻيجل کي چيو تہ ”گهرُ جيڪو گهرڻو اٿئي؟“
ٻيجل کيس چيو تہ ”راجا! مون کي تو سان ڳُجهي ڳالھہ ڪرڻي آهي.“ راجا جي حڪم تي ٻيجل کي محل ۾ آندو ويو، جنهن کانپوءِ راجا کيس وري چيو تہ ”هاڻي گهُر جيڪو گهُرڻو اٿئي.“ جنهن تي ٻيجل وراڻيو ته، ”راجا! رڳو تنھنجي سِر جو گهورو آهيان، سِر ڏي تہ منگتي کي مانُ ملي.“ اهو ٻُڌڻ شرط راءِ ڏياچ بنا دير جي سر لاهي ٻيجل کي ڏنو. ٻيجل سر کڻي انيراءِ جي درٻار پهتو تہ انيراءِ اهڙي سخي مُڙس جو سِر لاهي اچڻ تي کيس ديس نيڪالي ڏئي ڇڏي. ٻيجل پشيمان ٿي جهوناڳڙھہ پهتو، اُن وقت سورٺ ڏاگهہ چڙهي رهي هئي، ٻيجل بہ انهيءَ آڙاھہ ۾ کڻي پنهنجو پاڻ اُڇلايو ۽ سڙي ڀسم ٿي ويو.
هن روايت مان اهو ظاهر آهي تہ راءِ ڏياچ سواليءَ جي صدا تي سر ڏنو، ان ۾ نہ طلسماتي واڄي جو راز هو، نڪي راڳ تي ريجهي، راءِ ڏياچ بيخوديءَ مان سر وڍي ڏنو. اُها فقط ان دؤر جي ريت رسم هئي تہ سوالي در تان خالي نہ وڃي، هر حالت ۾ سواليءَ جو سوال پورو ڪرڻو آهي.
راءِ ڏياچ جي سنڌ واري قصي جي روايت ۾ بہ عجيب اتفاقي واقعا آهن، جيئن راءِ ڏياچ جي ڀيڻ کي ڪنهن فقير جي دعا سان پٽ ڄمڻ، جنهن لاءِ فقير جو چوڻ هو تہ اُهو راءِ ڏياچ جو سر وڍيندو، تنهنڪري کيس درياھہ ۾ لوڙهيو ويو، اُهو ٻارڙو راجا انيراءِ جي ملڪ ۾ چارڻن وٽ نپنو ۽ وڏو ٿي چارڻن جي ريت موجب چنگ وڄائڻ لڳو.
راجا انيراءِ کي وري اٺين ڌيءَ ڄائي، جنهن کي اڳ ۾ ئي ست ڌيئر هيون، ان بہ پنھنجي ڌيءُ کي درياھہ ۾ لوڙهي ڇڏيو، جيڪا راءِ ڏياچ جي ڏيھہ ۾ رتني ڪنڀار کي هٿ آئي ۽ هُن کيس ڌيءَ ڪري پاليو ۽ سندس نالو ’سورٺ‘ رکيائين. سورٺ جڏهن وڏي ٿي تہ رتني ’سورٺ‘ کي راجا انيراءِ سان پرڻائڻ قبوليو. سورٺ جي سَڱ تان راجا انيراءِ ۽ راءِ ڏياچ جي وچ ۾ لڙائي لڳي. جيئن تہ جهوناڳڙھہ جبل تي مٿي هو، تنهنڪري راجا انيراءِ، راءِ ڏياچ جي سر وڍي اچڻ لاءِ پڙهو گهمرايو، ٻيجل هام هڻي سرندو ڪلهي ڪري جهوناڳڙھہ ۾ آيو ۽ طلسماتي واڄو وڄائي، سر جي صدا هنيائين ۽ راءِ ڏياچ سواليءَ کي سر وڍي ڏنو.
ان قصي ۾ خاص توجھہ طلب ڪي نُڪتا آهن، جن کي چارڻن ۽ سگهڙن دلچسپ بنائڻ لاءِ ڪجهہ اضافي ڳالهيون بہ ملايون آهن.
قصي جي خليفي قاسم واري روايت ۾ ڄاڻايل آهي تہ ٻيجل، راجا جي اڳيان ’ڀيرو‘ ۽ ’ڀڀاس‘ راڳ ڳايا هئا، ڇا انهن راڳن تي محو ٿي راجا يا ٻيو ڪو بہ فن جو ڄاڻو پنهنجو ڪنڌ ڪپي ڏئي سگهي ٿو؟ اهي اهڙا سوال آهن، جن جي جواب لاءِ سما گهراڻي جي پسمنظر جو تاريخي لحاظ سان جائزو وٺڻو پوندو.
عرب دؤر ۾ سومرا سنڌ جي ڏکڻ اوڀر واري ايراضيءَ ۾ ڪڇ ۽ سنڌ جي سرحد تي رهندڙ هئا. سندن اصل بستيون سنڌ جي ڏکڻ اڀرندي واريءَ ايراضيءَ ۾ هيون، جيڪا ايترو آباد ڪا نہ هئي، انهي ڪري سومرا جيتوڻيڪ حڪمران ٿيا، تہ بہ وٽن سخا ڪا نہ هئي، ان جي برعڪس سما سموري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل هئا، مالوند مارو ماڻهو هئا، جن جي زندگيءَ جو مرڪز جهنگ ۽ ننگ، ٻني ۽ ڪني، مال متاع ۽ وسڪارو هئا. سدائين سائي ۽ سرهي جوءِ ۾ خيما کوڙي ويهندا هئا، سندن گذران مال ڌارڻ تي هوندو هو، جتي مينهن وسندا هئا، اُتي مال ڪاهي ويندا هئا، جنهنڪري وٽن کير مکڻ جي ڪمي ڪانہ هئي، سندن آباديون سون اپائينديون هيون، منگتا مڱڻهار وٽائن دل گهريا دان وٺندا هئا، سوالي سندن در تان ڪڏهن بہ خالي نہ ويو، تنهنڪري سندن سخا جي هنڌين ماڳهين هاڪ هلي وئي.
سوالين بہ سندن سخا جي پرکا وٺڻ لاءِ اڻ ٿيڻيون صدائون هنيون تہ جيئن سندن مان مرتبو مٿانهون ٿئي، سمن سردارن بہ دل کولي سخا ڪئي ۽ دان ڏنا. ڀٽن ڀانن ۽ چارڻن کي ويتر ورسايائون، جن پنهنجن مربين ۽ سندن وڏن کي ڏاتار ڪري مڃيو ۽ مشھور ڪيو. اهڙيءَ طرح سمن مان ڏھہ ڏاتار مشھور ٿيا: (1) وڪيو ڏاتار، (2) جکرو اوڍاڻي، (3) ڄام ڪرن،
(4) راءِ ڏياچ، (5) راهو هوٿياڻي، (6) ڄام انڙ، (7) سپڙ چوٽاڻي، (8) ڄام لاکو ڦلاڻي، (9) ڄام اوٺو جکراڻي، ۽ (10) هڻند ٿڌياڻي.
ڀٽن، ڀانن ۽ چارڻن اُنهن ڏاتارن جي قصن کي ڪهاڻين ۽ ڳاهن ۾ ڳايو، اُنهن چارڻن ۾ ڀاڳوڀان ۽ سمنگ چارڻ تمام گهڻو مشھور ٿيا، پوئين ويجهي دؤر ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جهڙي شاعر پڻ انهن ڏاتارن جي سخا کي خوب ڳايو.
تاريخي طور تي هي سر (سورٺ) سمن جي دؤر سان تعلق رکي ٿو. سمن جي گهراڻي سنڌ تي 1350ع کان 1520ع تائين حڪومت ڪئي، جيتوڻيڪ سنڌ تي 170 سال حڪومت ڪيائون، پر سندن مکيہ قبيلا آڳاٽي وقت کان سنڌ جي وچولي ايراضيءَ ۾ رهندڙ هئا، اٺين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ محمد بن قاسم جي سنڌ جي فتح وقت موجودہ نوابشاھہ جي مشھور بستي ’سن ساوڙي‘ سمن جو مکيہ مرڪز هئي. پوئين دؤر ۾ خاص ڪري لاکاٽ وارو ڀاڱو سندن طاقت جو مرڪز هو.
سومرن جي دؤر ۾ سمن قبيلن ڪڇ جي وڏي ڀاڱي کي وسايو. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ سمن قبيلن جي ڪاٺياواڙ تي حڪومت ڪرڻ بابت لکيو آهي تہ 875ع ڌاري راءِ چوڙا سمي ڪاٺياواڙ ۾ پنھنجي حڪومت قائم ڪئي ۽ گاديءَ جو هنڌ ’ونٿلي‘ کي مقرر ڪيائين. سندس پويان پاڻ کي ’چوڙا سما‘ سڏائڻ لڳا. راءِ ’گرهريو‘ هن گهراڻي جو هاڪارو حاڪم ٿي گذريو آهي. جهوناڳڙھہ جو مشھور قلعو بہ سندس ٺهرايل آهي. هي قلعو ونٿليءَ کان اٺ ميل پري گرنار جبل جي اولھہ طرف آهي. جهوناڳڙھہ جي سموري شھر کي عالم پناھہ آيل آهي، جيڪا اڄ ڏينهن تائين قائم ۽ ثابت آهي. راءِ گرهريو 982ع ۾ گذاري ويو. کانئس پوءِ سندس پٽ راءِ ڪوات گادي نشين ٿيو، جنهن 1003ع ۾ وفات ڪئي، جنهن کانپوءِ سندس پٽ راءِ ڏياس تخت تي ويٺو، ڏياچ ’ڏياس‘ جي بگڙيل صورت آهي. سنڌ جو هي مشھور داستان سنڌ ۾ سخين ۽ سوالين جي سماجي ماحول جو يادگار آهي، جنهن ۾ منگتن طرفان ساراھہ سان مشهور، سوالين جي سوال جي اهميت ۽ ڏاتارن طرفان ان جي قدردانيءَ کي منگتا ڳائي وڄائي ساراهيندا هئا. انهيءَ ڪري هڪ طرف هيءُ منگتن مڱڻهارن جي موسيقيءَ ۾ مهارت جو داستان آهي تہ ٻئي طرف هڪ ڏاتار جي سخاوت جو بيان آهي، جنهن ۾ هو پنهنجو سر قربان ڪريو ٿو ڇڏي.
هن تاريخي داستان جي ڪهاڻيءَ جا ٽاڻا ٽڪاڻا ۽ انهن سان منسوب روايتون ۽ ڳالهيون هڪ اهڙو منظر پيش ڪن ٿيون، جيڪي جيءُ کي جهوريندڙ ۽ عبرت آموز هئڻ سان گڏ ’ڏياچ‘ جي خود قرباني يعني سر جي سخا جي عمل کي پيش ڪري ٿو. سخا جي هن تاريخي واقعي جي صداقت ۽ سماج اندر سماجي روايت ۽ عمل کي زندھہ رکڻ واري ڳالھہ رهنديءَ دنيا تائين پئي ڳائبي ۽ سنڌ جي سخين ۽ ڏاتارن ۾ ڏياچ جو نالو نهايت احترام سان ورتو ويندو.
سورٺ، جيڪا هن سڄي مامري جو مرڪز ۽ محرڪ هئي، اها پنھنجي سونهن، سوڀيا، سيتلتا ۽ ونيءَ واري روپ ۾ وڏي پد واري عورت نظر اچي ٿي، جيڪا پنھنجي ور جي سر جي قربانيءَ ۾ مانع نٿي ٿئي. بلڪ ان قربانيءَ تي پنهنجو پاڻ کي نثار ڪري ڇڏي ٿي يعني چکيا چڙهي وڃي ٿي. سورٺ جي نُک بابت ڪنهن سالڪ چيو آهي تہ:
سورٺ اميل ديس ڪي، ذات وڏي پرمار،
ٻيٽي راجا ڀوج ڪي، پالي رتن ڪنڀار،
مڱ انيراءِ راٺوڙ ڪي، پرڻي راءِ کنگهار.
۽ ائين بہ چيو ويندو آهي تہ:
سورٺ سيتل ڪامڻي، سورٺ ميٺا راڳ،
ڪهون تو پربت ڦٽ پڙي، مور نہ چلي ذات.
هي واقعو جنهن نموني اسريو نسريو، ڀٽن ڀانن، مڱڻهارن، منگتن ۽ چارڻن جي چوٻول ذريعي هن ڌرتيءَ تي عام ٿيو. ان جا پنهنجا مضمرات ۽ ٽاڻا آهن.
شاھہ لطيف جهڙي عظيم شاعر هن قصي جي تاريخي ۽ معنوي حيثيت کي محسوس ڪندي، پنھنجي مخصوص شاعراڻي ۽ عارفاڻي رنگ ۾ جنهن تنوع ۽ مضمونن جي گهڻائيءَ سان بيان ڪيو آهي. اهو نهايت اعليٰ مقام وارو آهي. شاھہ لطيف قصي جي تاريخي عنصرن ۾ پنھنجي فڪري روين کي مختلف صورتن سان سمايو ۽ بيان ڪيو آهي. اهو هن ڏات ڌڻيءَ جي اندازِ نگارش ۽ اسلوب جو ڪمال آهي، جنهن ۾ تصوف جي باريڪ نڪتن ۽ سر جي سخا جي لافاني عمل کي اجاگر ڪيو ويو آهي.
تند برابر توريان، جي سَو سِرن پائي،
اُٽل اوڏاهين ٿئي، جيڏانهن ٻيجل ٻُرائي،
سکڻو هڏ آهي، سر ۾ سڃڻ ناھہ ڪي!
-
گُل ڇنو گرنار جو، پٽڻ ٿيون پٽين،
سهسين سورٺ جهڙيون، اُڀيون اوسارين،
چوٽا چارڻ هٿ ۾، سر سينگاريو ڏين،
ناريون ناڏ ڪرين، راجا رات رم گيو!