سوسي

سوسي

سوسي

سوسي: سوسي، ڪپڙي جو هڪ قسم آهي. سنڌ ۾ سوسيءَ کي ’گربي‘ بہ چيو ويندو آهي. هي ڪپڙو اصل سنڌ جي اولھہ واري ملڪ ايران جي شھر سوس يا سوسا ۾ ايجاد ٿيو، جيڪو قديم ايران جو هڪ شھر هو ۽ پوءِ تختگاھہ بڻيو. سوسيءَ جي ڪپڙي ۾ سنهيون ليڪون ۽ پٽا ٿين ٿا. سنڌ ۾ سوسي ڪپڙي ٺاهڻ جو فن ايران کان آيو ۽ هاڻي سنڌ ۾ هن ڪپڙي جو وڏو چالامان آهي ۽ صنعت جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي. موجودہ وقت سوسيءَ جي ڪپڙي کي سنڌ ۾ خاص اهميت حاصل آهي، ڪنوار کي شاديءَ رات خاص ڪري مُڪي جي ڀرت سان ڀريل پانچن واري سوسيءَ جي شلوار پارائي ويندي آهي. نياڻين کي ڏاج ۾ سوسيءَ جو ڪپڙو خاص شوق سان ڏيندا آهن. هن ڪپڙي متعلق هڪ ٻي راءِ آهي تہ: سنڌ جي اسماعيلي خواجن واپارين ’تيونس‘ شھر مان هي ڪپڙو وٺي سنڌ جي ڪورين کان ٺهرايو هو، جنهنڪري مٿس ’سوسي‘ نالو پيو. هي ڪپڙو مختلف رنگن ۽ مختلف نمونن ۾ تيار ڪيو ويندو آهي. سوسيءَ جو ڪپڙو خاص ڪري ٺٽي، نصرپور، هالا ۽ ٻين شهرن ۾ ٺهندو آهي.


لفظ سوسيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو