سولنڪي

سولنڪي: ايس. ايم. چنا جي لکت موجب سولنڪي راجپوتن جي نسل مان آهن. سولنڪي لفظ اصل ۾ سنسڪرت جو لفظ ’سولڪ شانا‘ مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي ’خاص نشانين وارو‘. چيو وڃي ٿو ته هنن 931ع ۾ چوهاڻن تي فتح پاتي هئي. خير محمد ٻرڙي جي لکڻ موجب هنن جي نسبت گجر ذات سان آهي. ڏهين صدي عيسويءَ ۾ هن ذات وارن گجرات تي حڪومت ڪئي هئي. ابو ظفر ندوي جي ’تاريخ گجرات‘ موجب هي اصل سنڌ جا رهاڪو هئا ڪن سببن ڪري هو سنڌ ڇڏي گجرات آيا. صدين کانپوءِ هو موٽي پنهنجي وطن سنڌ آيا. گُجرن جو 62 نکون هيون، انهن مان هڪڙي نک ’چالوڪيا‘ آهي. ان چالوڪيا جي هڪ شاخ ’سولنڪي‘ چئي وڃي ٿي. ڪرنل ٽاڊ ’تاريخ راجستان‘ ۾ سولنڪين جون 16 شاخون ڄاڻايون آهن: (1) ڀاڳيل، (2) ڀيرپور،
(3) بهيلا، (4) ڀرتا، (5)ڪلاچا، (6) لانگاها، (7) توگر، (8) برڪو،
(9) سرڪي، (10) سرواريا، (11) رئوڪا، (12) رنيڪيا،
(13) کارارا، (14) تنتيا، (15) الميچا، (16) ڪالامور. راجپوتانا جا سولنڪي، چوهاڻن، جاڊن، تيمورن، راٺوڙن، گئورن سميت ڪن ذاتين سان ڏي وٺي جون شاديون ڪندا آهن.
منگهارام اوجها جي ڪتاب ’پراڻو پارڪر‘ ۾ لکيل آهي ته سولنڪي، راجپوتن جي سورج ونسي نسل مان آهن، جيڪي اصل ’هندو‘ هئا، جن مان ڪافي مسلمان ٿيا ۽ ڪجهه اڃا به هندو آهن. ان کان سواءِ ٿر جي مختلف ذاتين: ڪولهين، سوٽهڙن ۽ مينگهواڙن ۾ به سولنڪي نُکون آهن. محمد بن قاسم جي آمد وقت ’ماڻڪ تارو‘ رياست (جنهن جا آثار ڦلجي لڳ دادو ضلعي ۾ آهن) جو حاڪم جيسر ولد ججه سولنڪي چيو وڃي ٿو.


لفظ سولنڪيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو