سول اسپتال ڪراچي
سول اسپتال ڪراچي: جڏهن انگريزن ڪراچيءَ تي قبضو ڪيو ته شهر کان ٻاهر، ’عيدگاهه ميدان‘ ويجهو، هڪ خالي جاءِ تي انگريز فوجين پڙاءُ ڪيو. ان هنڌ تي هنن 1839ع ۾ هڪ ڊسپينسري قائم ڪئي، جيڪا موبائيل ڊسپينسري هئي ۽ فقط فوجين لاءِ هئي. 1846ع جي وچڙندڙ بيماريءَ کانپوءِ فوجي ڪئمپ هٽائي صدر واري علائقي ۾ منتقل ڪيو ويو، پر ڊسپينسري اتي ئي قائم رهي ۽ ان کي اسپتال ۾ تبديل ڪيو ويو. اُها ڪراچيءَ جي پهرين ڊسپينسري ۽ اسپتال هئي. 1854ع ۾ هتي هڪ ڪشادي اسپتال تعمير ڪئي وئي ۽ ان کي عام ماڻهن لاءِ به کوليو ويو ۽ اسپتال جو نالو سول اسپتال (Civil Hospital) رکيو ويو، جنهن جي اڏاوت تي اُن وقت 6876 روپيا خرچ آيو هو. 1858ع ۾ هن اسپتال کي ’سنڌ ريلوي ڪمپنيءَ‘ جي حوالي ڪيو ويو، ان ۾ وڌيڪ وارڊ قائم ڪيا ويا، نرسن جي رهائش لاءِ ڪوارٽر تعمير ڪيا ويا. ان کانپوءِ هن اسپتال کي ڪراچي ميونسپالٽيءَ جي حوالي ڪيو ويو.
سول اسپتال جو پهريون انچارج مسٽر ارامسي (Mr. Aramsay) هو ۽ مسٽر رستم ڪي سڌوا اُن جو اسسٽنٽ هو. 1946ع ۾ هتي ’ڊائو ميڊيڪل ڪاليج‘ قائم ڪيو ويو. هن وقت هيءُ ’سول اسپتال‘ ڪراچيءَ جي وڏي ۾ وڏي سرڪاري اسپتالن مان هڪ آهي.
اسپتال جي رڪارڊ موجب 57-1956ع ۾ هن اسپتال ۾ 1894 مريضن جو علاج ڪيو ويو، جن مان 46 مريضن کي داخل ڪيو ويو ۽ مريضن تي هر سال 2519 روپيا خرچ آيو. 59-1958ع ۾ 2903 مريضن جو علاج ڪيو ويو، جن تي 2191 روپيا خرچ آيو ۽ ان سال 68 مريض داخل ٿيا. 1879ع ۾ ڪراچيءَ ۾ لازمي ٽڪن لڳائڻ جو ائڪٽ (Compulsory Vaccination Act 1879) منظور ڪيو ويو، جنهن لاءِ الڳ ادارو قائم ڪيو ويو. اداري ۾ هڪ سپرنٽينڊنٽ ويڪسينيشن، ويڪسينيٽر، هڪ ڪلرڪ، ٻه ڪمپائونڊر ۽ هڪ سپاهي ڀرتي ڪيا ويا. هـي عـمـلـو گهر گهر وڃي ماتا ۽ ٻين بيمارين جا ٽڪا هڻندو هو. ٽڪـو نه هـڻائيـندڙن تي ڏنڊ وڌو ويندو هو، جنهنڪري بيمارين تي ضابطـو اچڻ لڳو. هن اداري کانپوءِ ماتا جي بيماريءَ جي صورتحال ائين رهي ته 84-1983ع ۾ 434 ماتا جي مريضن مان 108 ماڻهو فوت ٿيا، ٻين جو علاج ڪيو ويو. 85-1984ع ۾ ماتا جا ڪل 4 ڪيس ٿيا. سال 86-1985ع ۾ ماتا جا 17 ڪيس داخل ٿيا، جن ۾ ٽي مريض مئا، سال 87-1986ع ۾ شهر ۾ 10 ڪيسن مان ٽي فوت ٿيا.
ورهاڱي کانپوءِ، سول اسپتال سان گڏ گردن جي علاج لاءِ اسپتال ٺاهي وئي، جنهن کي اڳتي هلي ڌار اسپتال جو درجو ڏنو ويو آهي.