سول نافرماني: سول نافرمانيءَ جي اصطلاح جي لغوي معنيٰ ’شهري انحرافي‘ آهي. ان کي ‘Civil Disobedience’ چيو ويندو آهي. ڪنهن به جدوجهد دوران انفرادي يا اجتماعي سطح تي شعوري طور قانون جي ڀڃڪڙيءَ جو عمل، جيڪو عدم تشدد وارن طريقن سان ڪنهن به تڪرار کي حل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي، ان کي ’سول نافرماني‘ چئبو آهي. هيءُ لفظ نامياري مفڪر ’هنري ڊيوڊ ٿوريو‘ 1849ع ڌاري متعارف ڪرايو هو، جنهن کي ان وقت حڪومتي ضابطن خلاف شهري احتجاج جي پسمنظر ۾ ڪتب آندو ويو. سندس خيال موجب: ”بين الاقوامي سطح تي ٿيندڙ غير اخلاقي قانون سازيءَ خلاف جاکوڙ سچائيءَ جو هڪ اهم اظهار آهي.“ جڏهن ته تاريخي حوالن مان ڄاڻ ملي ٿي ته سول نافرمانيءَ جو تصور برطانيا جي نامياري فلاسافر ’گرين ول شارپ‘ 1770ع ۾ آمريڪي آزاديءَ واري جدوجهد دوران برطانوي فوجي چڙهائيءَ جي مخالفت ۾ احتجاج طور پنهنجي جنگي عهدن تان استعيفا ڏيڻ واري عمل کان متاثر ٿي وجود ۾ آندو. ان کانسواءِ 1947ع ۾ هندستان جي آزاديءَ واري تحريڪ ۽ 1949ع ۾ آفريڪي نيشنل ڪانگريس طرفان ڏکڻ آفريڪا ۾ اختيار ڪيل پُر امن سياسي حڪمت عملي سول نافرمانيءَ واري تصور جي بهتر عڪاسي ثابت ٿي، جنهن ۾ پُر امن جلسا، جلوس، هڙتالون، حڪومتي قانون جي ڀڃڪڙي، ڌرڻا، دستخطي مهم، عدم تعاون ۽ بائيڪاٽ سميت ٻيا به قدم شامل هئا، جيڪي ڪنهن به اختياريءَ کي امن واري دٻاءَ جي نتيجي ۾ عوامي مطالبن آڏو ڪنڌ جهڪائڻ تي مجبور ڪن ٿا. موجوده دور ۾ سول نافرماني، قانون جي ڀڃڪڙيءَ جي طرفداري نٿي ڪري، پر اها سرگرمي متڀيد تي بيٺل قانون جي منسوخي ۽ غير قانوني قدمن جي روڪ خاطر اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.