سومار سومرو: سومار سومرو، سنڌ جو ٻيو سومرو حاڪم هو، جنهن 1026ع کان 1030ع تائين سنڌ جي حڪومت سنڀالي. سومرا گهراڻي جو پهريون حاڪم خفيف سومرو (1011-1026ع) هو. خفيف جي گاديءَ جو هنڌ منصوره هو. انهيءَ سلسلي ۾ ڊاڪٽر مهر عبدالحق سومرو پنهنجي ڪتاب ’راڄ گهراڻو'>سومرا راڄ گهراڻو‘ ۾ ڄاڻائي ٿو ته: ”منصوره کي محمود غزنويءَ تباهه ڪيو. سومناٿ کان موٽندي هن منصوره تي حملو ڪيو. خفيف سومرو ٻيلن ۾ لڪي ويو ۽ سنڌ جي جتن ۽ ميدن، محمود غزنويءَ تي حملا ڪيا، پر محمود وٽ تمام گهڻو خزانو هو، جنهنڪري هو هتان جلد نڪري وڃي غزنيءَ پهتو. منصوره جي تباهيءَ کانپوءِ خفيف سومرا گهراڻي جو نئون گاديءَ جو هنڌ ٺري (تعلقو ماتلي) بنايو. خفيف جو پٽ ڀونگر ننڍو هو، انهيءَ ڪري سومرن يڪراءِ سومار سومري کي حاڪم طور چونڊيو. سومار سومري سنڌ تي صرف پنج سال حڪومت ڪئي. سومار سومرو خفيف جي وفات کانپوءِ 1026ع ۾ بادشاهه بڻيو. هن ويهڻ شرط نئين دارالحڪومت ٺريءَ کي خوبصورت بنايو ۽ فلاحي ڪمن کي زور وٺرايو. ملتان به هن پنهنجيءَ سلطنت ۾ گڏي ڇڏيو، ڇو ته محمود غزنويءَ منصوره سان گڏ ملتان کي به تهس نهس ڪري ڇڏيو هو. سومار جو سڄو دؤر پُرامن رهيو ۽ آخر هن 1030ع ۾ وفات ڪئي. سندس وفات کانپوءِ سندس پٽ راجپل سومرو تخت تي ويٺو.“