سومرا

سومرا (ذات): سومرا، سنڌ جا مقامي رهواسي آهن. هي سنڌ جو اُهو مقامي سگهارو راڄ- گهراڻو آهي، جنهن جو سنڌ جي تاريخي ۽ نيم تاريخي قصن ۽ داستانن ۾ ’سُمرا، سومراه، سومرا‘ وغيره جي نالن سان ذڪر ملي ٿو. سومرن بابت محقق مختلف راين جو اظهار ڪندا رهيا آهن. مسٽر ڪيو. ڊي. احمد، ڪتاب The Paradise of Gods ۾ لکي ٿو ته، ”سمير، جنهن کي وچ ايشيا کان آيل ’سميرين‘ اچي فتح ڪري پنهنجي قبضي هيٺ رکيو، تي پنهنجي نالي جي نسبت سان اُن جو نالو ’سمير‘ رکيو.“
اهڙن ئي مغالطن جي نسبت سان ’تحفة الڪرام‘ ۽ ’بيگلارنامه‘ جهڙن تاريخي تذڪرن ۾ پڻ سومرن کي عرب سمجهندي اهو گمان ڏيکاريو ويو ته ”شايد اُهي عراق جا ’سميري‘ آهن.“
جڏهن ته مسٽر ’اوبرائن‘ سومرن کي اصل مقامي راجپوتَ ڄاڻائي ٿو، جن 750ع ۾ پهرين عرب حملي آورن کي سنڌ ۽ ملتان مان تڙي ڪڍيو ۽ ملڪ کي هڪ راڄ گهراڻو ڏنو.
جنرل ٽاڊ پڻ ’سومرن‘ کي پنوار راجپوتن جي شاخ سوڍن جي ٻن وڏين ذاتين ’اومرا‘ ۽ ’سومرا‘ مان هڪ ڄاڻائي ٿو، جيڪي قديم دور کان وٺي راجپوتانا جي سمورن رڻن ۽ علائقن جا والي هئا.“
حقيقت به اها آهي ته سومرا اصل سنڌ واسي هئا، جيڪي اوائل ۾ هندو ڌرم سان واسطو رکندا هئا. (اڄ به ٿر ۽ راجسٿان ۾ هندو سومرا رهن ٿا). هن جاتيءَ جي ڪجهه بااثر فردن، سنڌ تي اسلامي فتوحات کان پوءِ اسلام قبول ڪري ورتو ۽ مقامي روايتن جي پاسداريءَ خاطر پنهنجا اصلي نالا، عربي نالن سان تبديل نه ڪيا ۽ پنهنجو مقامي تشخص برقرار رکيو. هنن سنڌ ۾ مستقل آباد ٿيندڙ عربن سان شادين ۽ سڱابندين ۾ سلهاڙجي پنهنجي سماجي اثر کي قائم رکيو. ملتان کان وٺي ڪڇ، گجرات ۽ راجسٿان تائين سومرن جو راڄ رهيو آهي. هنن عربن جي ٻن ٽن سؤ سالن جي اقتدار بعد سگهارو بنجي مقامي خودمختيار حڪومتون قائم ڪري ورتيون. هڪ مورخ عباس همدانيءَ لکيو آهي ته ”سومرا خاندان جي انتهائي مضبوط حڪومت هڪ اهڙي ڪلچر کي فروغ ڏنو هو، جو اسلامي ۽ هندي/ سنڌي تهذيبن جو امتزاج هو.“ ڪن مورخن سومرا خاندان جي بادشاهن کي ’اسماعيلي‘ ڄاڻايو آهي. اها ڪا حيرت جي ڳالهه ڪانه آهي، ڇو ته ان زماني ۾ هڪ طرف افغانستان کان ايندڙ حملي آورن جو واسطو بغداد جي عباسي خليفن سان هو، ان ڪري سنڌ ۽ ملتان جي سومرن حاڪمن جو مصر ۽ افريقا جي فاطمي خلافت سان ناتو جڙڻ فطري عمل هو. سومرن اسماعيلي داعين ۽ صوفي بزرگن جي آمد کي ڀليڪار ڪري، سنڌ ۾ حڪمرانيءَ جو هڪ اهڙو نظام قائم ڪيو، جو صدين تائين نه منجهن اقتدار تي ويڙهه ٿي، نه جاءِ نشينيءَ جا جهڳڙا ٿيا، پر هنن سنڌ کان ملتان ۽ اچ تائين صدين تائين عوامي فلاح ۽ ڀلائيءَ جي مامرن کي اوليت ڏني، علم ادب جي ترقيءَ لاءِ ڪوشش ڪئي، بند ٻَڌائي، نهرون کوٽائي زرعي معيشيت کي سُڌاريو ۽ عام ماڻهن جي سُک ۽ سُڪار/ خوشحاليءَ لاءِ ڪوشش ڪئي.
سومرن جا ڪيترا ڪردار حڪمرانيءَ، بهادريءَ ۽ ذهانت جي حوالي سان تاريخ جي ورقن تي رقم ٿيل آهن، جن ۾ خفيف سومرو، ابن سومار عرف راڄپل، ڀونگر سومرو، دودو سومرو، تارا ٻائي سومري، ٻاگهل ٻائي، همير سومرو، سنگهار سومرو ۽ ٻيا اهم آهن. سومرن 1011ع کان 1351ع تائين سنڌ، ملتان، اچ تائين حڪمراني ڪئي. هن قبيلي جي شهيد دودي سومري، شهيد الهه بخش سومري ۽ شهيد عبدالرزاق سومري جا نالا سنڌ جي حب الوطنيءَ جي تاريخ ۾ سدائين امر ۽ روشن رهندا. (وڌيڪ ڏسندا: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد نائون: سنڌ ۾ سومرا دور)


لفظ سومراھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو