سومر عطار

سومر عطار (ملھہ): ملھہ پهلوان سومر عطار ڳوٺ سڌوجا، تعلقي موري جو رهاڪو هو. ڪجهہ وقت ضلعي دادوءَ ۾ رهي وري پنھنجي اصل ڳوٺ سنڌوجا ۾ رهيو. کيس ملھہ جو شوق پنھنجي وڏي ڀاءُ غلام حسين عطار کي ڏسي پيدا ٿيو. اڳتي هلي شاگرديءَ جو ڌاڳو پهلوان غلام محمد ڳچل کان ٻڌرايائين. پهرئين جوڙ ۾ پهچڻ بعد استاد شير ميربحر کان ٻيهر شاگرديءَ جو ڌاڳو ٻڌرائي ملاکڙن ۾ لھي پيو. هي پهلوان قد بت، شڪل شبيھہ ۽ بيهڪ ۾ تمام سھڻو پهلوان ٿي گذريو آهي. پهرئين جوڙ ۾ سندس مقابلا پهرئين جوڙ جي سمورن ناليوارن پهلوانن سان ٿيندا رهيا. هن پهلوان کي ملھہ وڙهڻ جو جنون جي حد تائين عشق رهيو. سندس حال غريبيءَ وارو هو. گهربل خوراڪ ميسر نہ هوندي بہ ملھہ مان ملندڙ انعام اڪرام پنھنجي جان ۽ خوراڪ وغيرہ تي خرچ ڪندو هو. پهلوان عطار طبيعت جو ماٺيڻو هو ۽ ڪنهن بہ وڏيري جو خاص ملھہ ٿي نہ رهيو هو. اهڙي پهلوانيءَ کي هي عيب سمجهندو هو. ميلن ملاکڙن کان باقي وقت هارپي جو ڪم ڪندو هو. ملھہ جو سيبتو ۽ سخي ملھہ هو. هن پنھنجي اوج ۾ رٽائر ڪيو، ان کان سواءِ هي ڪوڏي ڪوڏيءَ جو بہ بھترين رانديگر هو. زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ پنھنجي ڳوٺ جي زمين تي سخت محنت ڪري ٻچن جو گذران ڪندو هو. سندس پڇاڙي تمام ڪسمپرسيءَ ۾ گذري. 6-7 سال اڳ گمناميءَ جي عالم ۾ پنھنجي ڳوٺ سڌوجا ۾وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو