سومر مرکنڊ

سومر مرکنڊ

سومر مرکنڊ

سومر مرکنڊ (ملھہ): ملھہ پهلوان سومر مرکنڊ جو ڳوٺ اڳڙا تعلقو گمبٽ، ضلعو خيرپور آهي. هن پهلوان کي ملھہ جو شوق استاد شير گوپانگ جي صحبت مان پيدا ٿيو ۽ پنھنجي شوق جي پورائيءَ لاءِ کانئس ملھہ جو فن سکيو. استاد کان ڌاڳو ٻڌائي ملاکڙن ۾ وڃڻ جي اجازت ورتائين. استاد جي اجازت کانپوءِ سومرو مرکنڊ ٽئين جوڙ کان ملھہ وڙهڻ شروع ڪئي. ٽئين جوڙ ۾ پنھنجي ڳوٺ جي ڀرسان وارن ملاکڙن ۾ اٽڪل هڪ سال تائين ملھہ وڙهندو رهيو ۽ جلد ئي ترقي ڪري ٻئي جوڙ ۾ پهتو. ٻئي جوڙ ۾ پهچڻ کانپوءِ سنڌ جي هر شھر ۽ ڳوٺ جي ملاکڙي ۾ ويندو رهندو هو ۽ ڪافي مشھور ٿيو. کيس هن وقت تائين خاص انعام شاھہ لطيف ۽ شاھہ مُناري جي ملاکڙن تي ملي چڪا آهن.


لفظ سومر مرکنڊھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو