سومل

سومل: سومل سنڌ جي مشھور لوڪ داستان مومل راڻي جو هڪ اهم ڪردار آهي. سومل ميرپور ماٿيلي جي راجا نند جي ڌيءَ ۽ مومل جي ڀيڻ هئي. لوڪ داستان ۾ سومل جو ڪردار هڪ ذهين ۽ هوشيار عورت وارو رهيو آهي، جيڪا پنھنجي پيءُ جي وڃايل خزاني جو پورائي لاءِ مومل کي ساڻ ڪري ڪاڪ نديءَ جي ڪناري طلسماتي محل اڏي وڃي ويٺي ۽ گهڻيءَ حرفت ۽ هوشياريءَ سان شهزادن ۽ راڻن کي مات ڪري، پيءُ جي گم ٿيل خزاني کان وڌيڪ مال ميڙيائين. روايتن ۾ سومل کي سياڻي، جادوءَ جي فن جي ماهر ۽ ذهين عورت سڏيو ويو آهي. مومل راڻي جي داستان ۾ سومل جو ڪردار ان کان وڌيڪ اهميت جو حامل ان ڪري بہ آهي، جو جڏهن مومل ماڻڻ کانپوءِ راڻو ڪجهہ ڏينهن لاءِ پنھنجي ملڪ موٽي ويو تہ اتي همير سومري کيس قيد ڪيو ۽ گهڻا ڏينهن گذري وڃڻ ڪري مومل، مينڌري جي جدائيءَ ۾ اداس ۽ اٻاڻڪي رهڻ لڳي، کيس آٿت ڏيڻ لاءِ سومل مرداڻو ويس پهري ساڻس کٽ تي سمهندي هئي. هڪ رات راڻو اوچتو اچي نڪتو ۽ مومل سان گڏ کٽ تي سومل کي مرداڻي ويس ۾ ستل ڏسي شڪ جو شڪار ٿي، رُسي هليو ويو. ان حال ۾ سومل جو ڪردار هن داستان کي اهم موڙ ڏيندڙ ڪردار بڻجي ٿو. روايتي شاعريءَ ۾ سومل جي ڪردار کي شاعرن ڳايو آهي، پر ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ سومل جو ڪردار خاص نہ ٿو ملي. شاھہ جي گنج جي سُر مومل راڻي ۾ هڪ ٻن بيتن ۾ سومل جو حوالو ملي ٿو: مومل، سومل، سهجان، ٽيئي وڄن جي وَرا، ان کي زورا زربفت جا، پيا سهچن سون ڪنا، لڏن لڊوڻين ڪنڌين، ان جو پَٽن پوءِ پڙاءُ، جن پيتو ڪاڪ تڙا، سي لوڍي لاکيڻا ٿيا. (مومل راڻو، مرزا ممتاز، شاھہ جو گنج، ص: 794) مومل، سومل، سهجان، مرادي منجهن، بيٽيون راجا نند جون، چاڱي ڀر چلن، راڻو مٿان تن، اوچتو ئي آئيو! (مومل راڻو، مرزا ممتاز، شاھہ جو گنج، ص: 794) هي ٻئي بيت شاھہ جي رسالي- گنج ۾ شامل آهن، جڏهن تہ اڪثر رسالن ۾ نہ ٿا ملن.


لفظ سوملھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو