سومناٿ  ماڳ

سومناٿ ماڳ

سومناٿ ماڳ

سومناٿ (ماڳ): دوارڪا وانگر سومناٿ بہ ڪنهن وقت سمنڊ جي ڪناري هڪ وڏو بندرگاھہ هوندو هو، جنهن جو سومناٿ پرڀاس جي نالي سان تاريخ ۾ ذڪر موجود آهي. هي ماڳ 20° 53 ڊگريون تر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 70° 24 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪن تي، گجرات ۾ موجود آهي. هن سامونڊي بندر جي ڀرسان ئي سومناٿ جو مشھور ۽ قديم مندر هو. هي مندر، شِوَ سان منسوب هو، جتي چنڊ جي پوڄا ٿيندي هئي. هن ماڳ جي پهرين کوٽائي بڙودا يونيورسٽيءَ جي آرڪيالاجي ٽيم ڪرائي، جنهن ۾ ٻُڌايو ويو تہ هن ماڳ مان 2 هزار ق. م جا آثار مليا آهن.جڏهن تہ ٻيو ڀيرو کوٽائي 1971ع کان 1976ع تائين دکن ڪاليج پوني طرفان ڪرائي وئي. هن کوٽائيءَ دوران آرڪيالاجيءَ جي عالمن هن ماڳ کي چئن دورن ۾ ورهايو آهي، جن جو مختصر ذڪر ڪجي ٿو: پهريون دؤر: پهرئين دؤر جي سڃاڻپ کهري ڳاڙهي ڀوري ٺڪر سان ٿئي ٿي، جنهن سان ڳاڙهي ليڪي وارو، ڳاڙهي تي ڪاري ليڪي وارو ڄاتل سڃاتل ٺڪر ملي ٿو، جيڪو سنڌو تھذيب جي دؤر وارو ٺڪر آهي. ڳاڙهي ٺڪر جي بناوت سھڻي ۽ اوڄ سنهي آهي. هي ٺڪر گجرات ۾ پوئين سنڌو دؤر (1500 ق. م) جي سڃاڻپ رکي ٿو. ٻيو دؤر: ٻئي دؤر جي سڃاڻپ هتان جو خاص پرڀاسي ٺڪر (Prabhas ware) آهي. هي ٺڪر بہ بناوت ۾ سھڻو ۽ اوڄ ۾ سنهو آهي. هن تي گلابي يا نارنگي رنگ جا ليڪا ڏنل آهن. وقت گذرڻ سان ٺڪر جو رنگ مٽجي ڀورو ٿي پيو آهي. ان جو سبب آويءَ ۾ ٿانون پچڻ جو ڪارڻ بہ ٿي سگهي ٿو. هتان ڳنايون ٿالهيون، گندڙا، جن کي گول گول وڏا ڪنا ڏنل آهن، مليا آهن. ان قسم جا ٿانو سنڌو تھذيب جي سڀني ماڳن تان مليا آهن. هتان هڪ خاص پيالو مليو آهي، جيڪو اڌ گول نموني ٺهيل آهي، ان کي ڪنا ڪونه آهن. هتان اڏاوتن جا نشان بہ ملن ٿا. هڪ گهر، جنهن جي ماپ 3.8x2.45 ميٽر آهي، اُتي ماڻهن جي رهائش جا آثار ملن ٿا. ٽيون دؤر: هن دؤر ۾ پرڀاسي ٿانون جو سلسلو لاڳيتو آهي، جيڪو ٻئي دؤر کان هليو هو، پر هن دؤر جي خاص سڃاڻپ چمڪندڙ ڳاڙهو ٿانو (Lustrous Red ware) آهي، جيڪو هن دؤر ۾ ملي ٿو، جيڪو هن دؤر جي خاص سڃاڻپ بہ آهي. ڪجهہ ڪچين جاين جا نشان بہ ملن ٿا، جن ۾ ڪچيون سرون ۽ گارو استعمال ٿيل آهي. اهڙيون اڏاوتون هرياڻا (Hiranya) نديءَ جي منهن وٽ ملن ٿيون. اڏاوتن مان ملندڙ وٿن مان اندازو لڳايو ويو آهي تہ اهي اڏاوتون سرڪاري گودام آهن. هتان هڪ عقيق جو تعويذ بہ مليو آهي، جنهن جي ٻنهي پاسي تصويرون اڪريل آهن. هڪ پاسي هڪ ئي قطار ۾ 7 رڍون ۽ ٻئي پاسي هڪ ئي قطار ۾ 5 رڍون آهن. دؤر چوٿون: هن دؤر واري تھہ مان اوائلي تاريخي دؤر جون وٿون مليون آهن، جيئن ڪارو ۽ ڳاڙهو ٺڪراٺو وغيرہ. ٻيون ڪجهہ شيون اهڙيون بہ مليون آهن، جن مان اندازو لڳايو ويو آهي تہ هي ’رومن دؤر‘ جو بندر هو. ماڳ جي کوٽائيءَ مان هن ماڳ بابت چئي سگهجي ٿو تہ هي بندر هو، شھر جو نالو پرڀاس هو، اتي ئي سمنڊ ڪناري سومناٿ جو مندر هو، جنهن تي مختلف وقتن ۾ مسلمانن 16 ڪاهون ڪري ان کي تباھہ ڪيو (ڏسو: سومناٿ مندر).


هن صفحي کي شيئر ڪريو