سوم/سوما (ٻوٽي): سوم ٻوٽيءَ جو ذڪر قديم ڪتاب رگ ويد جي منڊل نائين ۾ آيو آهي تہ هتان جا ماڻهو نشيدار شين ۾ هڪ نشو سوم ٻوٽيءَ جي رس جو ڪندا هئا. ڪاڪي ڀيرو مل مهرچند آڏواڻيءَ جي راءِ موجب هي نشو ’سرا‘ يا شراب جو ٿي سگهي ٿو. قديم هند ۽ سنڌ ۾ سوم رس جو ذڪر اڪثر ڌرمي موقعن تي ڪيو ويندو هو، پر سنڌ جي ناليواري محقق ۽ دانشور ڊاڪٽر حبيب ﷲ صديقيءَ موجب هي نشو ڀنگ جو آهي، جنهن کي قديم سنڌ جا ماڻهو نشي طور واپرائيندا هئا. هڪ ٻئي محقق ۽ مؤرخ بشم مطابق هي نشو آفيم يا ڀنگ جو آهي، رگ ويد موجب هن ٻوٽي جا پن ڀورا ۽ ڳاڙهسرا هوندا آهن. هن ٻوٽي جي رس رات جو چنڊ وانگر چمڪندي هئي. سنسڪرت ۾ ’سوم‘ جي هڪ معنيٰ چنڊ آهي ۽ ٻي معنيٰ ’ٻوٽي‘ يا ’ٻوٽيءَ جي رس‘ آهي. اهڙي ئي ٻوٽيءَ جو ذڪر زرتشتين وٽ بہ ملي ٿو، جنهن کي ’هوما‘ ڪري لکيو اٿن، جيڪو پڻ ساڳئي ڪم لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. اهو ’هوما‘ ۽ ’سوما‘ هڪ ئي ٻوٽيءَ جو نالو آهي. رگ ويد ۾ ’سوم‘ کي ’ٻوٽن جو بادشاھہ‘ پڻ چيو ويو آهي. سوم ٻوٽيءَ جي رس ٺاهڻ لاءِ هن ٻوٽيءَ جي پنن کي اڏيءَ تي رکي، ڪٽي سَنهو ڪيو ويندو هو. بعد ۾ ٻوٽيءَ کي زالون گهوٽينديون هيون. هي ٻوٽو ڀنگ جي ٻوٽي وانگر گهوٽبو ۽ ڇاڻبو هو، بعد ۾ ماکي، ڏڌ ۽ کير وغيرہ ملائي استعمال ڪبو هو. ڊاڪٽر حبيب ﷲ صديقيءَ موجب هن رس جو استعمال مردن سان گڏ زالون پڻ ڪنديون هيون. رگ ويد ۾ هن ٻوٽيءَ جي رس بابت ڪيترائي اشارا ڏنل آهن تہ هن ٻوٽيءَ جي رس سان عمر وڌي ٿي، ماڻهوءَ ۾ ٿڪاوٽ پيدا نہ ٿي ٿئي ۽ جنگ ڪرڻ وقت ماڻهو ٿڪجي ۽ ڊڄي نہ ٿو ۽ مسلسل لڙندو رهي ٿو. ڪاڪي ڀيرومل مطابق هي ٻوٽو هن وقت ناياب آهي، صرف برسات جي موسم ۾ ٿيندو هو، باقي موسمن ۾ سڙي ويندو هو. هي ٻوٽو ’ڪروکيتر‘ جي ’شريناوت ڍنڍ‘ (Shryanavat Lake) ۽ هماليہ جبل جي هڪ چوٽي ’مجوت‘ (Mujavat) تي ٿيندو هو.