سونارا

سونارا

سونارا

سونارا: سنڌ ۽ هند ۾ سون، چاندي ۽ پتل مان زيورن ٺاهڻ واري کي سونارو چوندا آهن. سونارو لفظ سنڌي آهي، پر اهڙو ئي هڪ لفظ سنسڪرت ۾ به آهي ’سورناڪار‘ (Savarnakar)، جنهن جي معنيٰ آهي ’سون جو ڪم ڪندڙ. چيو وڃي ٿو ته سونارا، کشتري (کتري) هئا. هنن ۾ ڪي هندو ته ڪي مسلمان آهن. لاڙڪاڻي طرف جا اڪثر شيخ سونارا پاڪستان ٺهڻ کان ٿورو اڳ ۽ ڪي ٿورو پوءِ مسلمان ٿيا آهن.
ايس. ايم. چنا جي لکڻ موجب سونارا برهمڻن جو اولاد آهن، جو سندن پيءُ برهمڻ ۽ ماءُ شودر آهي، پر شودرن ۾ مٿانهون مقام رکندا آهن. هيءَ ذات، سون ۽ زيورن جي ڌنڌي سان لاڳاپيل آهي، پر ڪنهن به ذات ۽ مذهب جو ماڻهو سونارو ٿي سگهي ٿو. بمبئيءَ ۾ سونارا ذات جون چار شاخون آهن: (1) ڪناري (Kanari، (2) پنچال (Panchal)،
(3) ڪونڪنسٿ (Konkansth) ۽ (4) اورنگ آباد (Aurangabad).
ڪن روايتن موجب سونارا ٻن راجپوت ڀائرن جي اولاد مان آهن. هڪ جو نالو سرسوت ۽ ٻئي جو نالو کتري هو، پر قديم ڪتابن مان اهڙي پڪ نه ٿي ٿئي. پنجاب ۾ سندن ٻه پاڙا ٽونڪ ۽ ميئر ملن ٿا. انهن ٻنهي پاڙن جا ڪافي گوتر آهن. گجرات ۽ راجسٿان ۾ سون جو ڪم ڪندڙن کي سوني (Soni) سڏين ٿا. هرياڻا ۾ سون جو ڌنڌو ڪندڙن کي سورنڪار، سوني ۽ ورما به سڏين ٿا. هندو سونارا جڻيو پائيندا، سفر تي ويندا ته ڳاڙها ڪپڙا پهريندا، ٿيلهيءَ ۾ ڪپڙا ضرور کڻندا آهن.
هندستاني سونارن وٽ ويدڪيون رسمون هلندڙ آهن. خاص ڪري پونا ۽ ناگور جا سونارا ڀٽن جي معرفت اهي رسمون ادا ڪندا آهن. اورنگ آباد جي سونارن جون رسمون ٻين کان مختلف آهن. هنن ۾ ٻيون به ڪي ذاتيون ڌنڌي جي لحاظ کان آهن، جيئن ’جواهري‘، جيڪي ٻُڙن ۽ جواهرن جو ڪم ڪندا آهن؛ نيچ سونارا، جيڪي زيورن ٺاهڻ جو ڪم ڪندا آهن، پر ٻين سونارن کان مختلف هوندا آهن. هي گوشت مڇي به کائيندا آهن. نيچ سونارن ۾ وري چار ذاتيون آهن: (1) ديوگن، (2) آهير،
(3) لَرَ، (4) ويس. ’Punjab Castes‘ جي مصنف ڊينزل ابٽس سونارا ذات بابت لکيو آهي ته پنجاب جي هر ڳوٺ ۾ سونارا ملن ٿا، جن کي زرگر به چون ٿا. هي سون چانديءَ مان زيور ٺاهڻ جو ڪم ڪندا آهن، ڪيترين حالتن ۾ زيور گروي رکي وياج جو ڪم به ڪن.
ملتان، پختونخوا ۽ وچ پنجاب جا سونارا گهڻو ڪري مسلمان آهن، پر ڪي هندو ۽ سک به سونارڪو ڌنڌو ڪن ٿا. ’ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا‘ جو مصنف خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي لکي ٿو ته، سون جي ڪم ڪرڻ ڪري کين سونارا ۽ نيارا سڏيو وڃي ٿو. مڪران ۾ هنن کي سُنار ۽ زرگر سڏين ٿا. هندن جي ’ورن‘ جو نالو ’سونارو‘ آهي، جنهن نسبت سان هيءَ ذات ’سونارو‘ سڏجي ٿي. خداآبادي سنڌي، سنڌ جا سونارا هئا، جيڪي ننڍي کنڊ جو الڳ ثقافتي قبيلو هئا، ڪلهوڙن جي دؤر ۾ خدا آباد اوج تي هئي، بعد ۾ اهي سونارا لڏي حيدرآباد آيا. هاڻي اصل سونارن کانسواءِ هندستان کان لڏي آيل ڪي ذاتيون، سنڌ جا شيخ، جويا، سرهيا، کوکر، ميمڻ ۽ بلوچ قبيلا به سونارڪو ڌنڌو ڪن ٿا، تنهنڪري اصل سونارن جي خبر نٿي پوي.
مشهور شاعر دادن فقير جويو به سونارو هو. دادوءَ جا جويا سونارا آهن، جن مان گل محمد جويي ’جوين جي جماعت‘ به جوڙي هئي.


لفظ سوناراھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو