سوناڪشي سنها

سوناڪشي سنها

سوناڪشي سنها

سوناڪشي سنها: بالي ووڊ جي مشھور فلمي اداڪارہ سوناڪشي سنها نسلي طور سنڌي آهي. هن هڪ سنڌي عورت پونم جي ڪُک مان، 2 جون 1987ع تي پٽنا، ڀارت ۾ جنم ورتو. سندس پيءُ شترو گهن سنها بالي ووڊ جو نامور اداڪار آهي، جنهن بالي ووڊ کي ڪيتريون ڪامياب فلمون ڏنيون آهن.
سوناڪشي سنها، شوبز جي دنيا ۾ 2008ع ۾ Lakme Fashion Week ۾ ريمپ تي واڪ ڪري قدم رکيو. ان کانپوءِ 2009ع ۾ ساڳئي مقابلي ۾ حصو ورتائين. فلمي دنيا ۾ هوءَ بالي ووڊ جي سپر اسٽار سلمان خان سان گڏ 2010ع ۾ ’دبنگ‘ فلم ۾ پهريون ڀيرو اسڪرين تي آئي هئي، جتي هن پنھنجي بھترين اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا. سندس هيءَ پهرين فلم بلاڪ بسٽر ٿيڻ سان گڏ Highest Grossing Bollywood Film قرار ڏني وئي، جنهن سال جي ڪامياب ترين فلمن جا ڪيترا اوارڊ کٽيا. تازو سندس ٻيون فلمون بہ آيون آهن، جن ۾: ’رائو ڊي راٺوڙ‘ (2012ع)، ’جوڪر‘ (2012ع)، ’او ماءِ گاڊ‘
(2012ع)، ’سن آف سردار‘ (2012ع) ۽ ’دبنگ-2‘ (2012ع) وغيرہ شامل آهن.


لفظ سوناڪشي سنهاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1987.06.02  عيسوي

بالي ووڊ جي مشهور فلمي اداڪاره سوناڪشي سنها نسلي طور سنڌي آهي. هن هڪ سنڌي عورت پونم جي ڪُک مان، 2 جون 1987ع تي پٽنا، ڀارت ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابوالفضل نور احمد سنڌي
گھرام فقير جتوئي
اڪبر حيدر سومرو
محمد پريل بيدار مڱريو
احمد ابراهيم
اقرا عزيز
حڪيم غلام رسول لاکو
قاضي عبدالقيوم
انو سولنگي
رياض منگي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون