
سونا خان بلوچ
سونا خان بلوچ (فنڪار): خان بلوچ'>سونا خان بلوچ جو شمار سنڌ جي پراڻن ۽ مايہ ناز فنڪارن ۾ ٿئي ٿو. سندس آواز نهايت سريلو ۽ پرڪشش سوز ۽ درد سان ڀريل هو. هن 1933ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي، انٽر تائين تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ ماتا جي بيماريءَ سبب سندس اکين جي روشني ڪمزور ٿي وئي، پر ان هوندي بہ همت سان پنھنجي پڙهائي جاري رکيائين. هن بي. اي بمبئيءَ مان پاس ڪئي، اتي ئي ميوزڪ اسڪول کوليائين. ورهاڱي کان پوءِ ڪراچيءَ لڏي آيو ۽ راڳ جو اسڪول اچي کوليائين. هن سکر جي ٽريننگ اسڪول ۾ راڳ جي استاد جي حيثيت سان خدمت ڪئي، جتان ڪيترن شاگردن موسيقيءَ جي سکيا ورتي. سونا خان سٺي راڳي هئڻ سان گڏ هڪ سٺو موسيقار ۽ صحافي بہ هو. خان بلوچ'>سونا خان بلوچ جو آواز پنھنجي وقت ۾ وڏي عروج تي هو، ان وقت ماسٽر چندر، ڀڳت ڪنور رام ۽ موٽڻ ڀڳت جهڙن ڳائڻن جي هاڪ هوندي هئي. سونا خان کي راڳ ۾ غزل جي صنف گهڻي پسند هئي. هن ريڊيو تي بہ ڳايو تہ اسٽيج ۽ نجي محفلن ۾ بہ ڳائي خوب داد حاصل ڪيو. هي ’سچ‘، ’عالمگير‘ ۽ ’طوفان‘ اخبارن جو ايڊيٽر ٿي رهيو ۽ آخري وقت تائين جيڪب آباد مان نڪرندڙ هفتيوار اخبار جو ايڊيٽر ٿي رهيو.
سندس مشھور گيتن ۾: ’بلاشڪ نهين مين‘، ’ميدان ڪربلا ۾‘، ’ديکو شاھہ نجف دا‘، ’هلو ڪيچ ڪاهي‘، ’جان جو جياپو‘، ’روز وڇوڙي يار‘، ’عمر اباڻن ڏانهن ڪا خبر آندي‘، ’ڏاڍا ڏينهن ڏٺي ٿيا‘، ’اٿم اميد‘، ’مل اچي محبوب مون سان‘، ’سھڻا سخت دل تو اجائي‘، ’اڙايان دل نہ هان دلبر‘، ’اکيون سهڻل جون‘، ’ميدان ڪربلا جو‘، ’بي سبب سھڻا‘، ’تون هجين ٻيو مان هجان‘، ’اڄ شوخ ستمگر ٿي تنھنجي ياد ستائي‘، ’ديس وسائين دلبر دل دا‘ ۽ ’جهنگل جبل سڀ جهاڳيم‘ وغيرہ مشھور آهن.
هن 17 مارچ 1982ع تي وفات ڪئي.