سونا ٻنڊي: سونا ٻنڊي ڪنهن زماني ۾ سنڌو درياھہ جو وڏو بندر هوندو هو، جيڪو پوءِ ٻيلي جي صورت ۾ وڃي بچيو. سونا ٻنڊي ڳوٺ تعلقي نوشهري فيروز ۾ واقع آهي، جنهن جون حدون دادو ضلعي سان بہ ملن ٿيون. 1983ع ڌاري ڌاڙيلن جي راڄ سبب هي ڳوٺ ۽ ٻيلو ڌاڙيلن جي پناھہ گاھہ رهيا. هن بندر تان تيلي ٻج، چڻا، مٽر، اناج، جھڙوڪ: ڪڻڪ، جوئر، ٻاجهري، تر، مڱ ۽ رانهان، ڪاٺ جي ٻيڙين وسيلي ٻاهر موڪليا ويندا هئا. سونا ٻنڊي تڙ، سونا ٻنڍي بندر کان اتر اوڀر ۾ هو. سونا ٻنڊي بندر جا ڪوٺيدار هندو هئا. جن جو گيھہ جو واپار بمبئي ۽ سورت بندر سان هلندو هو. سونا ٻنڊي پراڻ واپار جو ڪم ڏيندي هئي، هاڻي پراڻ جو ڪجهه حصو سونا ٻنڊيءَ جي نالي سان ڍنڍ جي صورت ۾ وڃي بچيو آهي.