سونا ٻِنڊي ڍنڍ: هيءَ نئين ڇڏيل درياھہ جي ڍنڍ، هن وقت دادو تعلقي جي درياهي حد ۾ اچي ٿي، هيءَ ڍنڍ فشريز کاتي وارا نيلام ڪندا آهن، هيءَ ڍنڍ سونا ٻنڊي ٻيلي ۾ آهي، جيڪو ٻيلو سونا خان چانڊيي جي ڳوٺ جي چوڌاري آهي، اهو ڳوٺ ٻن ٽن صدين تائين ٻن درياهن جي وچ ۾ هو، ٻنڊو يا ٻنڊي ان کي چئبو آهي، جتي درياھہ ٻہ درياهي ڪري، ٻن ٽن ميلن کانپوءِ پراڻي وهڪري واري درياھہ ۾ نئون درياھہ اچي پوندو آهي. وچ ۾ جيڪا ٻيلاٽي بچندي آهي، ان کي ٻنڊو يا ٻنڊي سڏبو آهي. سونا ٻنڊي پراڻو ماڳ آهي، هن ٻيلي ۾ ڌاڙيلن جي دور ۾ مڇي مارڻ نہ ڏيندا هئا. سونا ٻنڊي ٻيلو ڌاڙيلن جو آماجگاھہ هو، هيءَ ڍنڍ بہ ڄڻ ڌاڙيلن جي هٿ ۾ هئي، جيڪا هاڻي چانڊيا قبيلي جي قبضي ۾ آهي.