
سونت، مرلن ووز (Marilyn Vos Savant)
سونت، مرلن ووز (Marilyn Vos Savant): هڪ تمام ذهين ۽ نامور ڪالم نگار، جيڪا 1986ع کان 1989ع تائين دنيا جي ذهين ترين عورت جو مرتبو ماڻي چڪي آهي. رواجي عام ماڻهوءَ جي ذهانت 95 کان 105 تائين هوندي آهي، جڏهن تہ سندس آءِ. ڪيو (I.Q) يعني ذهني صلاحيت جو ڪاٿو 228 هو ۽ سندس نالو گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊس ۾ دنيا ۾ وڌ ۾ وڌ ذهانت رکندڙ عورت طور شامل ڪيو ويو هو. هوءَ ڪيتري عرصي تائين اخبارن ۾ ڪالم ۽ سوال جواب لکندي هئي ۽ ڪيترائي معما ۽ پروليون (Quizzes and Puzzles) تخليق ڪري اخبارن ۾ هلايون. هن 11 آگسٽ 1946ع تي آمريڪا ۾ جنم ورتو ۽ هن وقت آمريڪا ۾ رهائش پذير آهي.
1946.08.11 عيسوي
سونت، مرلن ووز 11 آگسٽ 1946ع تي آمريڪا ۾ جنم ورتو.