سونل

سونل: سونل جي ڳالھہ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ترتيب ڏنل ڪتاب ’لوڪ ڪهاڻيون-5‘ (ڳاهن سان ڳالهيون) ۾ موجود آهي، جيڪا ٽن روايتن تي مشتمل آهي ۽ اهي ٽئي روايتون ڳاهن ۾ بيان ٿيل آهن. ڪتاب موجب: پهرين روايت حيدرآباد مان زبيدہ بيگم کان، ٻي روايت: ٽنڊي الهيار مان ولي محمد طاهرزادي کان، ۽ ٽين روايت پڻ زبيدہ بيگم کان ملي. اهي ٽئي ڳالهيون، مرڪزي خيال پسمنظر ۽ اسلوب بيان ۾ هڪ ٻئي کان مختلف آهن. صرف پهرين روايت ۾ هڪ مافوق الفطرت ڪردار راڪاس جو آهي، جڏهن تہ ٽين ڪهاڻيءَ ۾ بہ اڻ ٿيڻيون ڳالهيون آهن، پر ٽنهي روايتن ۾ ٻيا ڪردار حقيقي آهن. پهرينءَ روايت موجب: قديم زماني ۾ هڪ ڳوٺ جي ستن ڀائرن کي ’سونل‘ نالي هڪ ڀيڻ هئي، اهي ستئي ڀائر ڏينهن جو ڪم سانگي ٻاهر رهندا هئا ۽ شام جو گهر ايندا هئا. کين پنھنجي ڀيڻ سان بيحد پيار هو، تنهنڪري هو سندس خوشيءَ جو خاص خيال رکندا هئا. اتفاق سان هڪڙي ڏينهن هڪ ڀيانڪ راڪاس ’سونل‘ کي پنھنجي گهر ۾ قيد ڪري ڇڏيو. شام جو جڏهن ڀائر آيا، تڏهن اُهي ديو جي حشمت ڏسي ڊڄي ويا. آخرڪار گهڻن ڏينهن کانپوءِ ڀائرن کي غيرت جي جذبي ويهڻ نہ ڏنو ۽ اهي پنھنجي جان جوکي ۾ وجهي راڪاس سان وڙهيا ۽ کيس ماري ختم ڪيائون.
هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ ’ڳاھہ‘ هيٺينءَ ريت آيل آهي تہ:
”ادي سونل، ادي سونل!
در لاھہ، ڏيئو ٻار.“
ڀائرن جو آواز سڃاڻي، سونل اندران جواب ڏنو تہ:
ادا ڙي ادا! اکيون سئيءَ سبيون،
چوٽو ٿنب ٻڌو، راڪاس گوڏڙي سُتو.
سنڌي سماج ۾ هونئن بہ ستن ڀائرن پٺيان ڄاول ڀيڻ کي سٺو سنؤڻ سمجهيو ويندو آهي ۽ جيڪڏهن ڀيڻ تڪليف ۾ هوندي آهي تہ ڀائرن کان اُن جي تڪليف برداشت نہ ٿيندي آهي ۽ اهي ڀيڻ جي تڪليف دور ڪرڻ خاطر پنھنجي جان بہ جوکي ۾ وجهي ڇڏيندا آهن.
ٻيءَ روايت موجب: سڳي ڀاءُ کي پنھنجي ڀيڻ سان عشق ٿئي ٿو ۽ هو شادي ڪرڻ لاءِ مائٽن وٽ ضد ڪري ٿو. سندس مائٽ بہ ننڍي پُٽ جي ضد ۽ خوشيءَ خاطر اها ڳالھہ قبول ڪن ٿا، پر ’سونل‘ کي اها ڳالھہ منظور نٿي هجي. هن ڳالھہ جو مکيہ مقصد ٻارن جي پرورش ۾ پاڪ رشتن جي اهميت ۽ عزت کي سمجهائڻ آهي تہ جيئن اُهي پنھنجي رت جي رشتن کي صحيح نموني سان سمجهي سگهن ۽ انهن جو قدر ڪن. هن روايت مان هڪ ’ڳاھہ‘ مثال طور هيٺ ڏجي ٿي:
ادا ڙي ادا! ماءُ نہ ٿئي سَسُ، پيءُ نہ ٿئي سهرو،
جي ڀاءُ ٿئي گهوٽ، تہ اڃا ڏونگر ڪيئن نہ ڏري!
ٽين روايت موجب: ’سونل‘ ننڍڙي ٻارڙي ستن ڀائرن جي ڀيڻ هئي. اُن کان اها غلطي ٿي تہ هوءَ پنھنجي وڏي ڀاءُ جي زال (ڀاڄائيءَ) کان سندس ريٽو کهنبو کڻي ٻارن سان راند کيڏڻ وئي، پر اتفاق سان اهو ريٽو ڇيڻي سان گندو ٿي ويو. سونل ڊپ مان اهو ريٽو تلاءَ تي ڌوئڻ وئي، جنهنڪري تلاءُ جو پاڻي لال ڳاڙهو ٿي ويو. ويرم نہ گذري جو ڀاڻس جڏهن تلاءَ تي گهوڙي کي پاڻي پيارڻ لاءِ آيو تہ تلاءَ جو پاڻي ڳاڙهو ڏسي سمجهي ويو تہ سونل ريٽي کي ڌوتو آهي، جنهنڪري سندس سمورو رنگ لھي ويو آهي. ڀيڻ کان بدلو وٺڻ لاءِ ماءُ کان اجازت گهريائين تہ: ”آءٌ سونل کي ناناڻن ڏي وٺي وڃان ٿو، ماءُ کيس خوشيءَ وچان اجازت ڏني ۽ واٽ تي ظالم ڀاءُ، ڀيڻ کي ماري پوري ڇڏيو ۽ ماءُ کي اچي ٻُڌايائين تہ سونل کي رستي ۾ جهنگلي جانورن ختم ڪري ڇڏيو. قدرت خدا جي مينهن پيو، جنهن جاءِ تي سونل پوريل هئي، اُتي مُرلين جي ول ٿي. هڪ ڏينهن اُتان جوڳي لانگهائو ٿيو، هن اتي هڪ سُريلي مُرلي ڏٺي ۽ ول کي ڇني ڌار ڪيو، پوءِ اُن جي مُرلي ٺاهي ڳوٺ ۾ پنڻ لاءِ ويو. هن سڀ کان اڳ سونل جي وڏي ڀاءُ جي در تي مرلي وڄائي، جنهن مان هڪ ’ڳاھہ‘ جو آواز ظاهر ٿيو. وڏو ڀاءُ، ڀيڻ جو آواز سمجهي ويو، جوڳيءَ کي مُرلي ڏيڻ لاءِ لالچ ڏنائين، پر جوڳيءَ انڪار ڪري ڇڏيو، ائين ننڍي ڀاءُ کان ٿيندي نيٺ ماءُ جي در تي مُرلي وڄايائين، جنهن بہ هڪدم سونل جو آواز سڃاڻي ورتو ۽ جوڳيءَ کي مُرلي ڏيڻ لاءِ ايلاز ۽ منٿون ڪيائين، نيٺ جوڳيءَ ڪجهہ ڀيٽا وٺي مُرلي ماءُ کي ڏني. ماءُ رات جو اُها مُرلي گُنديءَ ۾ رکي صبح جو ڏسي تہ ’سبحان سونل صحيح سلامت گهر ۾ ويٺي آهي.“
اهي لوڪ ڪهاڻيون آهن، جن جو مقصد وندر سان گڏ نصيحت بہ هوندو آهي. هن ڪهاڻي جو مکيہ نقطو اهو سمجهائڻ آهي تہ جن ڀائرن کي ڀيڻون آهن، اُهي انهن کي خوش رکن، سندن هر ننڍي وڏي ڳالھہ جو پورائو ڪن، کين تنگ نہ ڪن ۽ مٿن ظلم نہ ڪن، ننڍيون ننڍيون غلطيون هر انسان کان ٿينديون رهنديون آهن، تنهنڪري انهن معمولي ڳالهين تي ڀيڻن کي ايڏي وڏي سزا نہ ڏني وڃي، جو زندگيءَ جي جنگ بہ هارائي وڃن.


لفظ سونلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو