سونيتي: سونيتي اُڍيجيءَ جو داستان ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور حڪومت جو آهي. سردار جسڪاڻي اُڍيجي جي ڌيءَ سونيتيءَ تي ميان سرفراز خان ڪلهوڙو، ميان عبدالنبي، ميان غلام نبي ڪلهوڙو ۽ مير باگو خان ٽالپر عاشق هئا، پر اها مير باگي خان ٽالپر جي نڪاح ۾ آئي. ميان سرفراز خان ڪلهوڙي سنڌ جي بادشاھہ ٿيڻ شرط سردار جسڪاڻي اڍيجي کان سندس ڌيءَ جي سڱ جي گهر ڪئي. ڪلهوڙا حاڪم مرشد هئا، انهيءَ ڪري سونيتيءَ جو پيءُ انڪار نہ ڪري سگهيو ۽ جلد سنڌ راڻي سونيتيءَ جو ميان سرفراز خان سان وڏي ڌام ڌوم سان مڱڻو ٿيو، اُهو ڏسي ميان غلام نبي، ميان عبدالنبي خان ۽ مير باگو خان پريشان ٿي ويا. انهيءَ کانپوءِ ميان سرفراز خان پنھنجي ناعاقبت انديشيءَ سبب راڄي ليکيءَ جي چرچ تي مير بھرام خان ٽالپر ۽ مير صوبدار خان ٽالپر کي درٻار ۾ گهرائي قتل ڪرائي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ سڄيءَ سنڌ ۾ افراتفريءَ جو سلسلو شروع ٿي ويو. ميان سرفراز خان کي پٽ، ڀاءُ ۽ چاچي سميت حيدرآباد جي قلعي ۾ قيد ڪيو ويو. انهيءَ کانپوءِ ميان غلام نبي تخت تي ويٺو. ميان غلام نبي تخت تي ويهڻ شرط سونيتيءَ جي پيءُ کي گهرائي سونيتيءَ جي سڱ جي گهر ڪئي. سونيتيءَ جي پيءَ سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته، ’جيستائين ميان سرفراز خان جيئروآهي، تيستائين سونيتي اُن جي مڱ آهي.‘ اهو جواب ٻُڌي ميان غلام نبيءَ کي ڪاوڙ لڳي ۽ هڪدم سونيتيءَ جي پيءُ کي قتل ڪرائي ڇڏيائين ۽ حڪومت جي زور تي سونيتيءَ سان نڪاح ڪرڻ جو ارادو ڪيائين، پر جلد ئي ميان غلام نبي ڪلهوڙو، لانياريءَ واري جنگ ۾ مارجي ويو ۽ کانئس پوءِ سندس ڀاءُ ميان عبدالنبيءَ تخت نشين ٿيو.
ميان عبدالنبيءَ تخت تي ويهڻ شرط ميان سرفراز خان عباسيءَ کي پٽ، ڀاءُ ۽ چاچي سميت حيدرآباد جي قلعي ۾ قتل ڪرائي ڇڏيو ۽ ان کانپوءِ سونيتي جي ڀاءُ سائين ڏني اڍيجي کي گهرائي چيائين ته، ’جيڪڏهن سونيتيءَ جو رشتو نہ ڏيندين تہ پيءُ وانگر مفت مارجي ويندين.‘ اهو ٻڌي سائينڏني هڪدم رشتو قبول ڪندي پنهنجيءَ ڀيڻ جو ميان عبدالنبيءَ سان مڱڻو ڪرائي ڇڏيو. مڱڻي کانپوءِ ميان عبدالنبيءَ، سائين ڏني اڍيجي کي حڪم ڏنو تہ سونيتيءَ کي محل ۾ وٺي اچي. اها خبر جڏهن مير باگي کي پئي تہ هن سائينڏني ۽ سونيتيءَ کي وٺي اچي ٽالپرن جي سردار مير فتح علي خان ٽالپر جي پناھہ ۾ ڏنو. اها خبر جڏهن ميان عبدالنبيءَ کي پئي تہ کيس ڏاڍي ڪاوڙ آئي، پر ڪري ڪجهہ بہ نہ سگهيو ۽ ترت ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي وچ ۾ هالاڻيءَ جي فيصلي ڪن جنگ لڳي، جـنهـن ۾ مـيـان عـبدالنبـي هار کائي سـنڌ ڇڏي ڀڄي ويو ۽ مير فتح علي خان ٽالپر سنڌ جو پهريون ٽالپر حڪمران ٿيو.
سونيتيءَ بابت اهو مشھور ٿي چڪو هو تہ جنهن سان سندس مڱڻو ٿئي ٿو، سو سلامت نہ ٿو رهي. انهن ڳالهين کي مدنظر رکندي ٽالپر اميرن درٻار ۾ فيصلو ڪيو تہ جيڪو بہ سنڌ راڻي سونيتيءَ سان نڪاح ڪندو، ان کي تخت ۽ ملڪيت تان هٿ کڻڻو پوندو. مير فتح علي خان ٽالپر اُن تي چيو تہ ’آءٌ سونيتيءَ جو پيءُ بنجي کيس پرڻائيندس‘. مير باگي خان ٽالپر اُٿي اهو اعلان ڪيو تہ ’مون کي هر شرط قبول آهي، سنڌ راڻي سونيتيءَ سان منهنجو نڪاح ڪيو وڃي‘. مير مرزي ٽالپر جي پٽ مير باگي خان جي فيصلي کي سڀني ٽالپر اميرن قبول ڪيو. مير فتح علي خان ٽالپر فرمان جاري ڪيو ته، مير باگو خان ٽالپر سنڌ راڻي سونيتيءَ کي وٺي، گوني (ڦليليءَ) جي ايراضيءَ ۾ هڪڙو واھہ کوٽائَي ۽ ان واھہ جي پاڻيءَ تي جيتريون بہ زمينون آباد ٿينديون، اُهي سنڌ راڻي سونيتيءَ جي جاگير هونديون. مير باگي خان مال ملڪيت ۽ تخت تاج ڇڏي سنڌ راڻي سونيتيءَ سان نڪاح ڪري، لاڙ ۾ اچي، ڦليليءَ جي پوڇڙ واري علائقي ۾ هڪ واھہ کوٽايو. انهيءَ واھہ تي هزارين ايڪڙ زمين آباد ٿي. ان ئي علائقي ۾ مير باگي ’ٽنڊو باگو‘ شھر ٻَڌايو. ٽنڊو باگو هن وقت بدين ضلعي جو وڏو شھر ۽ تعلقي جو هيڊڪوارٽر آهي. مير باگي جو کوٽايل واھہ اڄ بہ ٽنڊي باگي شھر جي ڀر مان وهي ٿو ۽ ’باگو واھہ‘ جي نالي سان مشھور آهي.