
سوهارتو
سوهارتو (Suharto): انڊونيشيا جو ٻيو صدر، جنهن 1968ع کان 1998ع تائين جي صدارتي عرصي دوران ملڪ جي اقتصادي ترقيءَ ۾ ڪردار ادا ڪيو. سوهارتو وچ جاوا جي شھر يوگيه ڪارتا ۾، 8 جون 1921ع ۾ هڪ هاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. هي ننڍڙو ئي هو تہ سندس والدين ۾ علحدگي ٿي پئي، تنهنڪري سندس پرورش سندس ماٽيجي ماءُ ۽ ٻھراڙيءَ ۾ رهندڙ سندس مختلف مائٽن وٽ ٿي. سوهارتو جاوا جي مختلف مقامي اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪري هڪ بئنڪ ۾ ملازم ٿيو ۽ 1940ع ۾ ڊچ فوج ۾ شموليت اختيار ڪيائين. ٻن سالن کانپوءِ کيس فوج ۾ سارجنٽ جي عهدي تي ترقي ملي. جپان ٻي عالمگير جنگ ۾ انڊونيشيا تي حملو ڪري ان تي قبضو ڪيو تہ سوهارتو جپاني فوج ۾ شموليت اختيار ڪري، فوجي تربيت حاصل ڪئي. بعد ۾ انڊونيشيا طرفان 1945ع ۾ آزاديءَ جي اعلان کانپوءِ جڏهن نئين فوجي تشڪيل ٿي تہ هُو اُن فوج ۾ شامل ٿيو ۽ پنجن سالن تائين ڊچن جي خلاف وڙهيو، جيڪي انهي علائقي ۾ پنهنجو اثر رسوخ وڌائڻ ۾ مشغول هئا. انهيءَ ويڙھہ مان اهو فائدو ٿيو جو ڊچ نيوگني کان سواءِ باقي انڊونيشيا مان هليا ويا. ايندڙ پندرهن سالن دوران سوهارتو کي فوج ۾ تمام گهڻيون ترقيون مليون. 1950ع واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ هن ملڪ اندر ٿيندڙ شورشن کي مڙس ٿي منهن ڏنو ۽ انهن کي ختم ڪيو. 1957ع ۾ کيس جاوا جي مرڪزي فوجي ڊويزن جي قيادت ڏني وئي. 1960ع ۾ هو برگيڊيئر جنرل جي عهدي تي پهتو. 1960ع ۾ هن ڊچن کان انڊونيشيا جي هڪ صوبو حاصل ڪرڻ لاءِ فوجي آپريشن ڪيو. 1963ع ۾ کيس فوج اسٽريٽجڪ ڪمانڊ جو انچارج ڪيو ويو. 1960ع واري ڏهاڪي ۾ انڊونيشيا تي ڪميونسٽ پارٽي ۽ فوج تمام گهڻي طاقت حاصل ڪري ورتي، جڏهن فوج جي منحرف ’ڪميونسٽ‘ ڌڙي جڪارتا جي گاديءَ واري هنڌ جو ڪنٽرول سنڀاليو تہ سوهارتو طاقت جو استعمال ڪندي اُن ڌڙي کي ختم ڪري ڇڏيو. هي فوجي ۽ سياسي طور نهايت ذهين شخص هو.
مارچ 1967ع ڌاري هن صدر سوئيڪارنو کي قائل ڪري کانئس وڏا اختيار ان شرط تي حاصل ڪري ورتا تہ هو امن ۽ سلامتيءَ کي بحال ڪندو ۽ کيس انڊونيشيائي پارليامينٽ ۾ قائم مقام صدر منتخب ڪيو ويو ۽ سوئيڪارنو جي قتل کانپوءِ 1968ع ۾ هو انڊونيشيا جو ٻيو نمبر صدر چونڊيو ويو. سوهارتو شروع کان وٺي سوئيڪارنو جي ابتڙ ڪميونسٽ مخالف نقطہ نظر تي هليو. اهڙين ڪيترين تنظيمن کي ختم ڪري ڇڏيائين، جن کي هو پنھنجي اقتدار لاءِ خطرناڪ سمجهندو هو. 1975ع ۾ هن اڀرندي تيمور تي حملو ڪري انهي علائقي کي انڊونيشيا ۾ شامل ڪري ڇڏيو. هن مغربي ملڪن سان سفارتي ناتا بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جن کي سوئيڪارنو خراب ڪري ڇڏيو هو. هن ملائيشيا سان ملڪي ناتا بهتر ڪري اقوام متحدہ ۾ ٻيهر شموليت اختيار ڪئي. ساڳئي وقت هن ڪميونسٽ چين سان پنهنجا سفارتي تعلقات ختم ڪري ڇڏيا.
1990ع ۾ هن ڪمبوڊيا ۽ چين سان ملڪي معاملا سڌا ڪري پنهنجا لاڳاپا بهتر ڪيا. 1997ع ۾ سندس ڇهون ڀيرو صدر هجڻ جو مدو پورو ٿي رهيو هو. پر هن صدر واري عهدي تان رٽائر ٿيڻ جو بہ خيال نہ ڏيکاريو. ساڳئي سال ملڪ ۾ زبردست بحران پيدا ٿيو، ڪرنسيءَ جي قيمت صفا پٽ پئجي وئي، جيڪا پوءِ سندس دور ۾ بحال نہ ٿي سگهي. ان صورتحال ۾ آءِ. ايم. ايف بہ ڪا امداد نہ ڏني، ڇاڪاڻ جو سندن خيال هو تہ سوهارتو جي هوندي معيشيت بهتر ٿيڻ ممڪن نہ هئي. 1998ع ۾ سوهارتو ملڪ جو ستون ڀيرو صدر چونڊيو ويو. ڪابينا ۾ ڪجهہ تڪراري نامزدگين ڪرڻ سبب يونيورسٽيءَ جي شاگردن احتجاجي مظاهرا ڪيا. مظاهرن سبب پوليس جي هلايل گولين سبب 6 شاگرد مري ويا. جنهنڪري ملڪ ۾ ٻن ڏينهن تائين سخت لاقانونيت پيدا ٿي، جنهنڪري ٻيا بہ 500 شھري مارجي ويا. جنهنڪري سندس سياسي مخالف کي موقعو مليو، ان دٻاءُ سبب کيس 21 مئي 1998ع تي استعيفا ڏيڻي پئي ۽ سندس نائب صدر بي. جي. جيبي صدر ٿيو. ترت مٿس ڪرپشن جا ڪيترائي ڪيس داخل ٿيا ۽ کانئس 9 جولاءِ 2007ع تي ڪروڙين آمريڪي ڊالر اوڳاڙيا ويا.
جنوري 2008ع ۾ کيس دل جي عارضي سبب جڪارتا جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي 23 جنوري 2008ع تي گذاري ويو. سندس وفات تي انڊونيشيا جو جهنڊو اڌ ڏينهن تائين جهڪايو ويو هو.
1921.06.08 عيسوي
سوهارتو وچ جاوا جي شهر يوگيه ڪارتا ۾، 8 جون 1921ع ۾ هڪ هاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.
2008.01.23 عيسوي
سوهارتو 23 جنوري 2008ع تي گذاري ويو.