سوويت بلاڪ

سوويت بلاڪ: سرد جنگ دوران ’سوويت بلاڪ‘ اصطلاح طور سڄيءَ دنيا ۾ ڪتب آندو ويندو هو. ٻيءَ مهاڀاري ويڙھہ دوران بين الاقوامي سياسي نظام ٻن ڌرين ۾ ورهائجي ويو هو، جنهن مان هڪ ڌر جي اڳواڻي آمريڪا ۽ ٻيءَ جي اوڀر يورپ ڪري رهيو هو، جيڪا ڌُر ڪميونسٽ رياستن سان لاڳاپيل هئي. ان ڌر کي ’سوويت بلاڪ‘ جي نالي سان سڏيو ويو. هن بلاڪ تي اهو نالو ’سوويت يونين‘ جي سرواڻيءَ سبب پيو. سوويت يونين کانسواءِ اوڀر ۽ وچ يورپ جا ملڪ جن ۾: پولينڊ، هنگري، رومانيا، بلغاريه، اوڀر جرمني، البانيا، چيڪو سلواڪيه وغيرہ شامل هئا، بہ سوويت بلاڪ جا ميمبر هئا (وڌيڪ ڏسو: روس، جلد ڇهون).


لفظ سوويت بلاڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو