
سويتا ڪيسواڻي
سويتا ڪيسواڻي: هندستان ٽيليويزن جي ناليواري سنڌي اداڪارہ سويتا ڪيسواڻي، ڀارت لڏي ويل سنڌي گهراڻي ۾ جنم ورتو. هن پنھنجي فني زندگي جو آغاز هندي ڊرامن ۾ اداڪاري سان ڪيو. سندس پهريان ڊراما مشھور چينل اسٽار پلس تان نشر ٿيا، جن ۾: ڪهاني گهر گهر ڪي، ديس ۾ نڪلا هوگا چاند، با، بھو اور بيبي ۽ ريئلٽي ڊانس شو، نچ بليئي، ۾ پنھنجي گهر واري سان گڏ حصو ورتو. ڊرامن ۾ بھترين اداڪاري ڪرڻ سان تمام جلد مقبوليت ماڻڻ بعد هن ‘لَو اِن نيپال’ ۽ انگريزي فلم ‘The Mam Sahib’ ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا. هن هندي فلمن ۾ مثبت ڪردارن سان گڏ منفي ڪردارن کي بہ بهتر انداز ۾ پرفارم ڪري خوب داد حاصل ڪيو آهي. هوءَ شاديءَ بعد آمريڪا ۾ رهائش پذير آهي ۽ ڪجهہ عرصي کان ڊرامن توڙي فلمي دنيا کان پاسيري ٿي وئي آهي. البت ٻاهرين ملڪن ۾ قائم سنڌي تنظيمن پاران رٿيل مختلف ثقافتي ۽ سماجي سرگرمين ۾ شريڪ ٿيندي رهي ٿي.