سويق غزوه

سويق غزوه (جنگ): مديني شريف ويجهو مسلمانن ۽ مشرڪن وچ ۾ ٿيل هڪ جنگ ’سويق‘ سڏجي ٿي. سويق يعنيٰ سَتُون، جيڪو جَوَ، ڪڻڪ يا سڪل ميون جي اٽي مان ٺھي ٿو. ان کان سواءِ شوربي کي بہ ‘سويق‘ سڏجي ٿو، جيڪو اٽي ۾ پاڻي وجهي ٺاهبو آهي. ’هريرو‘ جنهن ۾ ماکي، تيل يا ڏاڙهونءَ جو شربت ملائي ٺاهبو آهي، ان کي پڻ ’سويق‘ سڏجي ٿو.
بدر جي جنگ جو بدلو وٺڻ لاءِ ابو سفيان، ذوالحج سن 2 هجريءَ تي پاڻ سان سوارن جو لشڪر وٺي مديني شريف ڏانهن روانو ٿيو. مديني شريف جي ويجهو سندس ڪن مسلمانن سان جهڙپ ٿي، ان جهڙپ جو ٻڌي جڏهن حضور اڪرم صہ جن مقابلي لاءِ پنهنجا جان نثار وٺي اتي پهتا، تڏهن ڪافر وٺي ڀڳا ۽ ڀڄندي پنهنجو سامان ۽ کاڌ، خوراڪ جيڪا ’سويق‘ جي شڪل ۾ هئي، اتي ئي ڇڏي ويا، جيڪا مسلمانن کنئي ان نسبت سان هن جنگ کي ’غزوه سويق‘ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو