سوڀو ڀڳت

سوڀو ڀڳت: سوڀي ڀڳت 1890ع ڌاري اڏيري لعل، ضلعي مٽياريءَ ۾ جنم ورتو. کيس سريلي آواز سبب تمام گهڻي مقبوليت حاصل هئي. هي هميشہ اڪيلي ڀڳت وجهندو هو، هي ٽولي جي سنگت ساڻ نہ رکندو هو. ننڍپڻ ۾ ڀڳتي اختيار ڪيائين. پنھنجي وقت جي مشھور ڀڳتن جي صحبت ۾ رهي ڀڳتيءَ جا سڀ مرحلا طئي ڪيائين. مٽياريءَ ۽ حيدرآباد ضلعن جي سڀني فقيرن جي آستانن ۽ درگاهن تي ڳائيندو هو. هن جي صحبت ۾ رهي ٻين ڪيترن ڀڳتيءَ جي سکيا ورتي. هندو توڙي مسلمان بزرگن جي درگاهن تي حاضري ڀريندو هو. سڄيءَ زندگي سادگيءَ سان ڀڳتي رنگ ۾ گذاريائين.
هن 1942ع ۾ ڀڳت وجهندي دل جو دورو پوڻ سبب وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو