سوڊان

سوڊان

سوڊاني نسل جا ماڻهو

سوڊاني نسل جا ماڻهو

سوڊان

سوڊان (Sudan): سوڊان ملڪ جو پراڻو نالو نوبيا (Nubia) آهي. سوڊان جي لفظي معنيٰ آهي ’ڪارن ماڻهن جي ڌرتي‘ يا ’حبشين جو وطن‘. اتي جيئن تہ اڪثريت ڪاري رنگ جي ماڻهن جي رهي ٿي، ان ڪري ان ملڪ تي اهو نالو پيو. هن ملڪ جي پکيڙ 2901729 چورس ڪلوميٽر (967243 چورس ميل) آهي، جڏهن تہ هتان جي آبادي 30,894,000 آهي. هن ملڪ جي آزاديءَ جو ڏهاڙو پهرين جنوري 1956ع آهي. هن ملڪ کي گڏيل قومن جي اداري (U.N.O) جي ميمـبرشـپ 12 نومـبر 1956ع تي ملي. موجودہ سـوڊان جـي گاديءَ جـو هـنڌ خــرطـوم (Khartum) آهي، جتي جي آدمشماري 6 کان 7 ملين آهي. هتان جو سِڪو دينار آهي. هن جي انتظامي ورهاست 9 رياستن ۾ ٿيل آهي. سوڊان جي آدم شماري 70 سيڪڙو عرب آهن، جيڪي اڪثر مسلمان آهن، جڏهن تہ ٻين نسلي گروپن ۾ نوبيائي (Nubians)، ڪاپٽس (Copts) ۽ بيجا (Beja) آهن. سوڊان جي 1993ع ۾ آدم شماري اندازاً 25 ملين ڄاڻائي وئي، جو گهرو ويڙھہ (Civil War) سبب ان جو صحيح ڪاٿو لڳائي نہ پيو سگهجي. سوڊان جي اتر سوڊان سميت اقوام متحدہ جي تخميني موجب آدمشماري 37 کان 45 ملين هئي. جولاءِ 2011ع ۾ اتر سوڊان جي ڌار ٿيڻ کانپوءِ هن وقت سوڊان جي آدمشماري 30 ملين کان مٿي آهي، ان ۾ اصلي سوڊاني ۽ ٻاهران اچي آباد ٿيل شامل آهن. هتان جي سرڪاري ٻولي سوڊاني عربي آهي، جڏهن تہ هتي انگريزي، ڊينڪا، نوبين، بيجا ۽ نوئر ٻوليون بہ ڳالهايون وڃن ٿيون. سوڊان جي وڏن شهرن ۾ ام در مان اتر خرطوم، پورٽ سوڊان، واد ميداني، ڪسالا الحبيد، جوبا، عطبرا، دونگولا ۽ وادي حلقا شامل آهن. هتان جو سڀ کان مٿانهون هنڌ ڪنياتي (Kinyeti) (بلندي 3187 ميٽر) آهي. سوڊان اسلامي دنيا ۽ آفريقا کنڊ جو سڀ کان وڏو ملڪ آهي، جيڪو آفريقا جي ڪل ايراضيءَ جو 8 سيڪڙو آهي. هن جي اتر کان ڏکڻ طرف ڊيگهہ 2250 ڪلوميٽر (1400 ميل) ۽ اوڀر کان اولھہ طرف ويڪر 1850 ڪلوميٽر (1150 ميل) آهي. سوڊان جو وچون علائقو هيٺانهون آهي، جنهن مان لنگهي نيل درياھہ اتر پاسي وهندو آهي. انهيءَ هيٺانهين علائقي جي ٻنهي پاسي وڏا جابلو سلسلا آهن. ڏکڻ وارن علائقن ۽ جبلن ۾ خوبصورت قدرتي نظارا آهن، جڏهن تہ اترين علائقي ۾ واريءَ جا دڙا، پٿراوان سڃا ميدان ۽ لبيا جو رڻ پٽ آهي. اوڀر ۾ جابلو نوبيا رڻ آهي، جنهن جي وچ ۾ سوڙهي وادي آهي. مرڪزي علائقا وڏن وڏن زرخيز برسات وارن ميدانن تي مشتمل آهن. نيل درياھہ، سوڊان ۾ اتر کان ڏکڻ طرف وهندو آهي ۽ ملڪ کي ٻن حصن ۾ ورهائي ٿو. ڪناري جي ڊيگهہ 644 ڪلوميٽر (400 ميل) آهي. گرم پٽيءَ ۾ هئڻ ڪري هن جي موسم ڏکڻ ۾ گرم گهميل ۽ اتر ۾ گرم خشڪ آهي. هتي برساتون گهڻيون پونديون آهن. سوڊان جي مکيہ زرعي پيداوار ۾: کنئور، ڪپھہ، ڪساوا، سورگم، تر، مڱيرا، پٽاٽا، چانور، ڪافي، ڪمند، ڪيلا، کجور، ڪڻڪ، مڪئي، ٻاجهري ۽ ٻج وغيرہ شامل آهن. هتان جي مکيہ صنعتن ۾ ٽيڪسٽائيل، فوڊ پروسيسنگ، سگريٽ، دوائون، ماچيس، پاٺا، سيمينٽ، صابڻ، چمڙو، ڪيميائي شيون ۽ چينيءَ جا ٿانو تيار ٿين ٿا. مکيہ معدنيات ۾: ڪروميم، ٽامو، مينگانيز، جپسم، سون، چاندي، لوڻ، تيزاب، سنگ مرمر، چن ۽ ڪوئلو شامل آهن. هتي 13 هوائي اڏا آهن. هتي پورٽ سوڊان وڏو بندر آهي. سوڊان هڪ آزاد ۽ خودمختيار اسلامي ملڪ آهي، جتي صدارتي طرز جي حڪومت قائم آهي. صدر رياست جو مملڪتي اڳواڻ (هيڊ آف اسٽيٽ)، حڪومت جو اڳواڻ، هٿياربند فوج جو سپريم ڪمانڊر ۽ سڀني انتظامي اختيارن جو مالڪ آهي. صدر سڌو سنئون عوامي ووٽن وسيلي پنجن سالن لاءِ چونڊبو آهي، جنهن جي مدد ٻہ نائب صدر ڪندا آهن، جن جي مقرري صدر پاڻ ڪندو آهي. ڪابينا جي چونڊ بہ صدر پاڻ ڪندو آهي. هن وقت سوڊان جو صدر عمر البشر (Omar al-Bashir)، جڏهن تہ نائب صدر علي عثمان طاها
(Ali Osman Taha) آهي. هتي سڀئي قانون اسلامي شريعت تي ٻڌل آهن. قانونسازيءَ جو اختيار 225 ميمبرن تي ٻڌل قومي اسيمبليءَ کي حاصل آهي، جنهن جا ميمبر عوام جي ووٽن سان چونڊيا ويندا آهن.


لفظ سوڊانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1956.01.01  عيسوي

سوڊان ملڪ جي آزاديءَ جو ڏهاڙو پهرين جنوري 1956ع آهي.


1956.11.12  عيسوي

سوڊان کي گڏيل قومن جي اداري (U.N.O) جي ميمـبرشـپ 12 نومـبر 1956ع تي ملي. موجوده سـوڊان جـي گاديءَ جـو هـنڌ خــرطـوم



ملڪ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

برونئي
تيونس
سعودي عرب
ڀوٽان
آمريڪا
اتر ڪوريا
انڊونيشيا
برما
سوئيزرلينڊ
سنگاپور
ملڪ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون