سوڍائي1
سوڍائي1: ضلعي ٺٽي جي کاري ڇاڻ واري علائقي ۾ رهندڙ ماڻهن جي هڪ ذات ’سوڍائي‘ آهي. بابو سوڍائي، قومي ڪارڪن ٿي گذريو آهي، جيڪو سجاول ڪاليج (ضلعي ٺٽي) ۾ شاگردن جي هڪ جهيڙي ۾ شھيد ٿي ويو هو. سندس نالي سان سجاول ۾ شھيد ’بابو سوڍائي چوڪ‘ بہ موجود آهي.