سوڍا (ذات): سوڍا راجپوت سنڌ ۽ هند جا رهاڪو آهن، جن مان ڪي خاندان سنڌ جي عمرڪوٽ، ٿرپارڪر ۽ اڇڙي ٿر ۾ وڏي انگ ۾ رهائش پذير آهن. امرڪوٽ پرڳڻي جا قديم حڪمران پرمار سوڍا رهندا پئي آيا آهن، جن جا سردار ’راڻا‘ سڏبا آهن. جڏهن سندن وڏو سوڍو 1226ع ۾ اجين مان نڪري امرڪوٽ/ عمرڪوٽ تي ڪاهي آيو، تڏهن سومرا سنڌ جا حڪمران هئا. سومرن جي دور جو مشھور لوڪ داستان ’مومل راڻو‘ سوڍي راڻي ’مهندري/ مينڌري‘ سان منسوب آهي، جيڪو ان وقت جي حڪمران همير سومري جو رشتي ۾ سالو هو ۽ حاڪم همير جو صلاحڪار هو. همايون بادشاھہ، 1539ع ۾ ڪالنجر جي قلعي ۾ شير شاھہ سوريءَ کان شڪست کائڻ بعد حميدہ بيگم سميت وڏي لشڪر سان گڏ اچي امرڪوٽ پهتو هو، اُن وقت راڻو پرشاد امرڪوٽ/ عمرڪوٽ جو حاڪم هو. راج ديو 1226ع ۾ امرڪوٽ هٿ ڪيو. سندس نسل مان جئہ برهم، جسهڙ، سويشر، ڌراپرش، درجن شال وغيرہ نالي وارا راڻا ليکيا وڃن ٿا. ڌراپرش جا ٻہ پٽ هئا، وڏو درجن شال، جنهن جو اولاد عمرڪوٽ جا راڻا آهن. ٻيو پٽ هو ’آمراءِ‘، جنهن جو خاندان پارڪري راڻن جي حوالي سان مشھور ٿيو. ڪيترن سالن کانپوءِ راڻو کينئرو، راڻو اوتادي، راڻو تيجسي، راڻو چانپو، راڻو گانگو، راڻو پتو عرف پرشاد (جنهن دهليءَ جي بادشاھہ همايون کي پناھہ ڏني)، راڻو چندرسين (راڻو چندر، راجا سورج سنگهہ جو سھرو)، راڻو ڀوڄراج (جنهن جو کوٽايل کوھہ ڀوڄراجيو ڳوٺ ۾ اڄ بہ موجود آهي)، راڻو ايسرداس (کيس جيسلمير جي راجا اول سٻل سنگهہ سنبت وڪرمي 1710ع ۾ گاديءَ تان لاهي راڻي گانگي جي پوٽي جئہ سنگهہ کي عمرڪوٽ جي گاديءَ تي ويهاريو)، راڻي سنگهہ عرف جگاسنگهہ، راڻو سرتار سنگهہ، راڻو آسڪرڻ، راڻو سنگرام، راڻو مهراج، راڻو ڪبير سنگهہ، راڻو جسونت، راڻو ارجن سنگهہ، راڻو چندرسنگهہ (سنڌ جو نامور سياستدان) ۽ هن وقت ڇويهون راڻو، راڻو هميرسنگهہ آهي. سوڍن جون عورتون پرديدار رهيون آهن، جيڪي گهرن کان اڪثر ٻاهر ڪونه نڪرن. سوڍن جون مٽيون مائٽيون هندستان جي راجپوتن (ڀاٽين ۽ راٺوڙن وغيرہ) سان اڄ بہ قائم آهن. هي ٿرپارڪر جي مسلمان اربابن کي سڱ بہ ڏيندا رهيا آهن. سندن شاديءَ جون رسمون ڏکيون آهن، چاليھہ پيڙهين تائين حسب نسب ملڻ وارين نکن سان شادي ڪونه ڪن. سوڍا مُردا ساڙيندا آهن ۽ رک گنگا، ساڙڌري يا سنڌو درياھہ ۾ وهائيندا آهن.
سوڍا اصول پرست ۽ خوددار رهيا آهن. راڻي چندر سنگهہ وانگر رامسنگهہ سوڍو بہ سنڌ جو ناميارو سياستدان رهيو آهي. هو سنڌ اسيمبليءَ جو ٻہ ڀيرا ميمبر، وڏي وزير جو صلاحڪار ۽ ضلعي ٿرپارڪر جو نائب ناظم رهي چڪو آهي. هن وقت احمدآباد (ڀارت) ۾ رهي ٿو. اڇڙي ٿر جي ڳوٺ مئو ڳوٺ جو گيانسنگهہ سوڍو مشھور سياسي شخصيت رهيو آهي، جيڪو ضلعي ڪائونسل جو ميمبر بہ رهيو آهي. سوڍا ٿر کانسواءِ اڇڙي ٿر جي مختلف ڳوٺن جھڙوڪ: مئو، راڻاهي، رٻلاهي ۽ جيئڻهار ۾ رهن ٿا.