سوڍل شاھہ جي مزار

سوڍل شاھہ جي مزار: نامور بزرگ سوڍل شاھہ جي مزار ضلعي ميرپورخاص جي تعلقي ڊگهڙيءَ ۾ ڪاڇيلي اسٽيشن جي ڀرسان آهي. روايت آهي تہ سوڍل فقير اصل ۾ ذات جو ٺڪر هو، پوءِ مسلمان ٿي ذڪر الاهيءَ ۾ مشغول ٿي ڪامل درويش ٿيو، جنهن بعد ’سوڍل شاھہ‘ سڏجڻ لڳو. پاڻ اڪثر وقت مجذوبيءَ جي حالت ۾ گذاريندو هو، دنيا جي حالتن کان بي پرواھہ رهي عبادت ۾ مشغول رهندو هو.


لفظ سوڍل شاھہ جي مزارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو