
سوڍن جي صاحبي يا راڻن جو راڄ
سوڍن جي صاحبي يا راڻن جو راڄ (ڪتاب): هي ڪرائون سائيز جي چاليهن صفحن تي مشتمل ڪتاب نامور اديب ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ جو لکيل آهي، جيڪو سنڌي ساهتيہ سوسائٽي، ڪراچيءَ جي ماهوار رسالي جو سلسلو آهي. هن ڪتاب ۾ ڀيرو مل مهرچند، سنڌ جي راجپوت سوڍن جي تاريخ بيان ڪئي آهي، جيڪا هيٺين عنوانن ۾ ورهايل آهي: (1) راجپوتن جو اصل نسل، (2) پرمار راجپوتن جي پيڙهي، (3) سوڍن جو سنڌ ۾ اچڻ، (4) عمرڪوٽ واري لڙائي، (5) سوڍن جو ٿر ۾ زور وٺڻ، (6) حڪومت جو ورهاڱو،
(7) سوڍن جو زور ٽٽڻ، (8) ڪانگ کي لُڙ ۾ مزو، (9) عمرڪوٽ ۾ اڪبر بادشاھہ جو جنم، (10) ٿر ۾ ڍلون معاف، (11) سوڍن جي حڪومت جو نمونو، (12) ڪلهوڙن جي صاحبي، (13) ميرن جي صاحبي، (14) ڪن سوڍن جو ڀرشٽ ٿيڻ، (15) انگريزن جي صاحبي، (16) راڻي رتن سنگهه جي ڪهاڻي، (17) وفادار گهوڙي، (18) سوڍن ۽ انگريزن جي ڪهاڻي ۽
(19) راڻن جو هاڻوڪو احوال.
هن ڪتاب کي اين. ايڇ پنجابي ۽ ڪمپني بڪ سيلرس ۽ پبلشرس بندر روڊ ڪراچيءَ 1924ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 6 آنا آهي.