سوڍو جوڳي

سوڍو جوڳي

سوڍو جوڳي

سوڍو جوڳي: ناميارو راڳي سوڍو جوڳي ولد موڏو جوڳي 1959ع ڌاري موجودہ ميرپورخاص ضلعي جي ڳوٺ نبيسر ۾ پيدا ٿيو. هن جي نصابي تعليم پنج درجا آهي. سوڍي جوڳيءَ جو جيئن تہ جوڳي ڪٽنب سان تعلق آهي، جيڪي مرلين ٺاهڻ ۽ وڄائڻ ۾ مهارت رکندا هئا، ان ڪري سوڍي جوڳيءَ کي سر سنگيت جو ماحول گهر ۾ ئي مليو، پر اڳتي هلي کيس ڳائڻ جو شوق ٿيو. ننڍپڻ ۾ پنھنجي منهن ڪلام جهونگاريندو رهندو هو. هڪ ڀيري پنھنجي ڳوٺ جي ڀرسان غازي ملوڪ شاھہ جي درگاھہ تي ڳاتائين، جتي سندس خاندان جا ڪجهہ فرد بہ موجود هئا، جن سندس آواز ۽ انداز ٻڌي حيرت کاڌي ۽ بعد ۾ سندس حوصلي افزائي ڪيائون، ان کانپوءِ سوڍي جوڳيءَ راڳ جي بنيادي سکيا، استاد محمد سومار کان ورتي ۽ پوءِ ڪلاسيڪي راڳ جي وڏي ڄاڻو استاد محمد مٺل ميراثيءَ (قاضي احمد واري) کان راڳ جي باقاعدي سکيا ورتائين.
سوڍي جوڳيءَ کي پهريون ڀيرو 1988ع ۾ پروڊيوسر بخش بخاريءَ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي متعارف ڪرايو، جنهن کانپوءِ 1989ع ۾ کيس پروڊيوسر ذوالفقار نقويءَ پي. ٽي. وي ڪراچيءَ جي سنڌي پروگرام ’سنڌ سينگار‘ ۾ پيش ڪيو. سوڍي جوڳيءَ کي سنڌ ثقافت کاتي 1996ع ۾ ثقافتي ميلي اسلام آباد موڪليو هو، جتي هن ’لوڪ ورثه‘ جي پروگرام ۾ شرڪت ڪري پهريون ڀيرو پنھنجي فن جو وڏي پئماني تي مظاهرو ڪيو. سوڍي جوڳيءَ جي آواز ۾ ڪافي آڊيو ڪئسيٽون جاري ٿي چڪيون آهن. هن هڪ موسيقار طور پڻ پاڻ کي مڃايو آهي. سندس ترتيب ڏنل موسيقيءَ ۾ سنڌ جي ڪيترن ناميارن ڪلاڪارن: ڏني خاصخيلي، ڏني جوڻيجي، فوزيہ سومرو، ثريا سومرو ۽ ٻين ڳايو آهي.
سوڍو جوڳي هن وقت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي هڪ هارمونيم پليئر جي حيثيت سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.


لفظ سوڍو جوڳيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو