سيارو

سيارو: سيارو، سال جي هڪ مند جو نالو آهي. سال ۾ چار موسمون يا مندون: بهار، اونهارو، سرءُ ۽ سيارو ٿينديون آهن. سيارو، سيءَ واري رُت کي چئبو آهي. سنڌي مهينن جي حساب سان پوھہ، مانگهہ ۽ ڦڳڻ وارن مهينن جي موسم کي سيارو چيو ويندو آهي. خاص ڪري پوھہ مهيني ۾ سخت سيءُ پوندو آهي، ان ڪري ’پوھہ، لاڻا لوھہ‘ چوڻيءَ جنم ورتو آهي. سياري ۾ اُتر يا اُتر- اوڀر ڪنڊ جو ٿڌو واءُ لڳندو آهي.


لفظ سياروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو