سيارڇ

سيارڇ: گاھہ جو هڪ قسم. هي گاھہ وسڪاري جي موسم ۾ پٽن، پوٽن تي اُڀرندو آهي، جنهن جي چوٽيءَ ۾ ڳاڙها گل ٿيندا آهن، جن جو ساڳ ٿيندو آهي، جيڪو ٿري ماڻهو ڀاڄيءَ طور تيار ڪري کائيندا آهن ۽ پچڻ کانپوءِ هن گاھہ کي چوپايو مال کائيندو آهي. غريب ماڻهو هن گاھہ جي ٻج کي جوئر يا ٻاجهر جي ان سان ملائي، پيهين اُن مان اَٽو ٺاهي پيٽ گذر ڪندا آهن.
سيارڇ گاھہ کي شاھہ لطيف بہ ڳايو آهي:
هن مند مارو سنرا، کاهڙ ۾ خوشحال،
سائون، سيارڇ، مکڻي، جيڏيون آڻن جال . .
(سر مارئي، داستان اٺون، بيت 2، ڏيپلائي)



هن صفحي کي شيئر ڪريو