سياسي پناھہ

سياسي پناھہ: ’سياسي پناھہ‘ هڪ عمل جو نالو آهي، جنهن کي لاطيني ٻوليءَ ۾ ‘Political Asylum’ چئبو آهي. هن عمل وسيلي ڪا بہ رياست ڪنهن اهڙي فرد کي پناھہ ڏيندي آهي، جيڪو پنهنجن سياسي روين يا نظرين جي ڪري پنھنجي آبائي رياست جي عتاب هيٺ آيل هجي يا کيس پنھنجي موقف جي ڪري رياست طرفان سزا ملڻ جو ڊپ هجي. آڳاٽي وقت ۾ بين الاقوامي سياست جي حوالي سان هي عمل گهڻو پيچيدو رهيو، ڇاڪاڻ تہ اها ڳالھہ مختلف رياستن جي قومي مفادن سان لاڳاپيل هوندي هئي، جنهنڪري رياستن جي وچ ۾ ڪيترن موقعن تي ناراضگيون بہ پيدا ٿيون.
سماجي سائنسدان ’اوڪونيل‘ مطابق سياسي پناھہ بابت ’هيومن رائٽس ڪميشن‘ جي راءِ کي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ قبول نہ ڪيو آهي، ڇو تہ عالمي لاڳاپن ۽ جنگي حالتن ۾ ’سياسي پناھہ جو تصور‘ مونجهاري جو باعث بڻجي ٿو. ان ڪري ’سياسي پناھہ‘ جي حقن بابت گڏيل قومن جي پڌرنامي کي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ طرفان مڃتا نہ ملي سگهي آهي. ان ڪري دنيا جي ملڪن ۾ سياسي پناھہ لاءِ قانون جُڙي نہ سگهيا آهن، جنهنڪري ٻين ملڪن ۾ ’پناھہ وٺندڙ فردن‘ جي معاملن جو انفرادي حيثيت ۾ جائزو وٺڻ کان پوءِ سندن درخواستن تي مختلف فيصلا ڪيا ويندا آهن.
1960ع ڌاري گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪميشن ’پناھہ جي حقن‘ جي حوالي سان هڪ ڌار پڌرنامو جاري ڪيو هو، جنهن ۾ سياسي پناھہ گهرندڙ ڪنهن بہ شخص جي حمايت ڪندي واضح ڪيو هو تہ ”ڪابہ رياست سياسي پناھہ وٺندڙ کي جيستائين پنھنجي رياست ۽ قومي مفادن يا عوامي تحفظ لاءِ خطرو نٿي سمجهي، ان وقت تائين اها رياست کيس سياسي پناھہ ڏيڻ واري ذميواريءَ لاءِ پابند آهي ۽ سياسي پناھہ وٺندڙ لاءِ ضروري آهي تہ هُو جنهن ملڪ ۾ پناھہ وٺي ٿو، اُن کي ڪنهن بہ حوالي سان نقصان نہ رسائيندو ۽ ڪي بہ غير قانوني سرگرميون نہ ڪندو.“
دنيا ۾ پهريان ڪهڙي فرد کي ڪڏهن سياسي پناھہ ملي، ان بابت تاريخ مان ڪا آگاهي نہ ٿي ملي، پر ’سياسي پناھہ‘ جو اصطلاح ’سرد جنگ‘ دوران تمام گهڻو ڪتب آندو ويو. سوويت بلاڪ سان لاڳاپيل ملڪن جي شهرين سياسي اختلافن جي بنياد تي پاڻ کي غير محفوظ سمجهي آمريڪا ۽ اولھہ يورپ ڏانهن رخ ڪيو، تڏهن ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي هئي، جڏهن تہ سفارتڪاريءَ ۾ هيءُ اصطلاح، ڪنهن بہ رياست جي شهريءَ کي سفارتخاني جي حدن ۾ سياسي پناھہ ڏيڻ واري عمل لاءِ بہ استعمال ٿيندو آيو. هي سياسي پناھہ سياستدانن توڙي اديبن طرفان ورتي ويندي آهي.


لفظ سياسي پناھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو