سيالڪوٽ

سيالڪوٽ

سيالڪوٽ

سيالڪوٽ: قديم شھر سيالڪوٽ هن وقت پاڪستان جي صوبي پنجاب جي گوجرانوالا ڊويزن جو هڪ ضلعو آهي، جنهن ۾ پنج تعلقا: شڪرڳڙھہ، نارو وال، پسرور، ڊسڪه ۽ سيالڪوٽ اچي وڃن ٿا. هن ضلعي جي ايراضي 3016 چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي. سيالڪوٽ جي اتر ۾ ضلعي گجرات ۽ ڄمون جو ڪجهہ حصو آهي، ڏکڻ ۾ ڀارتي شھر امرتسر، اوڀر ۾ ضلعو گُورداس پور ۽ اولھہ ۾ ضلعا شيخوپوره ۽ گوجرانوالا واقع آهن.
سيالڪوٽ ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ جي ويب سائيٽ موجب، سيالڪوٽ شھر جي آبادي 1،603،431 آهي. ٻين شهرن جي نسبت هتي خواندگيءَ جي شرح وڌيڪ آهي. هتي ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين لاءِ اسڪول، ڪاليج، ميڊيڪل ڪاليج، لا ڪاليج ۽ ديني تعليم جا مدرسا پڻ موجود آهن. هيءُ قديم شھر پانڊوَ خاندان جي راجا سل تعمير ڪرايو هو، جنهن جو ذڪر مهاڀارت ۾ بہ آيل آهي. ڪجهہ عرصي بعد وڏي ٻوڏ اچڻ سبب هي علائقو هڪ هزار سال غيرآباد رهيو، پوءِ راجا سمدت جي زماني ۾ هتي ٻيهر آباديءَ جا آثار نظر آيا. ان وقت سيالڪوٽ، ڪشمير جو حصو هوندو هو، جنهن بعد اُجين جي بادشاھہ وڪرماجيت جي زماني ۾ راجا سلوان هتي هڪ قلعو تعمير ڪرايو.
راجـا سـلوان جي وفات کان پوءِ پورن ڀڳت جو پٽ راجا رسـالـو تخت نشين ٿيو. 360ع ۾ گکڙ قبيلن سيالڪوٽ کي هڪ وڏي فوجي لشڪر ذريعي فتح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ناڪام ويا. تاريخن موجب راجا رسالو جي مرڻ بعد هتي 300 سال ڦرلٽ وارو ماحول ۽ انتشار رهيو.
970ع ۾ يوسفزئي قبيلي جي مدد سان راجا نيروت سيالڪوٽ شھر ۽ قلعي تي فتح حاصل ڪئي، جنهن کانپوءِ هي علائقو ڄمون جي راجا براهم ديو جي حڪمرانيءَ هيٺ رهيو. 1184ع ۾ شھاب الدين غوريءَ ان تي حملو ڪري ڏنو. 1520ع ۾ جڏهن بابر، سيالڪوٽ رستي هندستان تي چڙهائي ڪئي تہ هن خسرو ڪوڪلتاش کي سيالڪوٽ جو گورنر مقرر ڪيو.
شاھجھان بادشاھہ جي زماني ۾ هي علائقو علي مردان خان جي انتظام هيٺ رهيو. 1748ع ۾ احمد شاھہ درانيءَ ان تي قبضو ڪري ورتو، پوءِ هي علائقو سِکن جي عملداريءَ هيٺ رهيو. رنجيت سنگهہ کانپوءِ انگريزن جي قبضي ۾ رهڻ بعد 1947ع ۾ هي علائقو نئين ٺهيل ملڪ پاڪستان جي حصي ۾ آيو.
پاڪستان ٺھڻ بعد سيالڪوٽ گهڻي ترقي ڪئي، وڏيون صنعتون ٺھي ويون، گهر گهر ۾ ننڍا ڪارخانا کُلي ويا. سيالڪوٽ راندين جي سامان، چمڙي جي مصنوعات، اسٽيل جي ٿانوَن، اسلحي ۽ سرجريءَ جي اوزارن ٺاهڻ جو مرڪز رهيو آهي. سيالڪوٽ ۾ ٺهندڙ بيٽ بال، فوٽ بال، هاڪيون ۽ چمڙي جون شيون وغيرہ سڄيءَ دنيا ۾ مشھور آهن.
سيالڪوٽ، علمي ادبي لحاظ کان مردم خيز شھر ثابت ٿيو آهي. مغل دور ۾ ملا ڪمال ڪشميري ۽ سندس شاگرد ملا عبدالحڪيم سيالڪوٽيءَ جي درسگاهن شھرت ماڻي. شمس العلماءِ مولانا مير حسن بہ سيالڪوٽ جو هو، جنهن جو شاگرد علامہ محمد اقبال، برصغير جو وڏو شاعر ۽ مفڪر ٿي اڀريو ۽ عالمگير شھرت حاصل ڪيائين. علامہ اقبال جو اباڻو گهر اڄ بہ سيالڪوٽ ۾ هڪ ميوزيم جي حيثيت ۾ موجود آهي. ان کانسواءِ مولانا غلام حَسن ۽ مولانا محمد ابراهيم سيالڪوٽي بہ هن شھر جا هئا. ويجهي ماضيءَ ۾ برصغير جو وڏو ترقي پسند شاعر فيض احمد فيض، ڪهاڻيڪار غلام الثقلين نقوي، آثم مرزا، پروفيسر اصغر سودائي، ڪارٽونسٽ جاويد اقبال، ڪرڪيٽر ظھير عباس ۽ هاڪيءَ جو رانديگر شھناز شيخ بہ هن شھر سان وابستہ رهيا آهن. سيالڪوٽ شھر جون بازارون ڪشاديون آهن. هتان جي بازار ڪلان، صرافه بازار، لوهاران بازار، مسلم بازار، ٽرنڪ بازار مشھور آهن.


لفظ سيالڪوٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو