سيال (ذات): سيال ذات وارا پنوار راجپوت آهن، جيڪي راءِ شنڪر جي اولاد مان سڏجن ٿا. ’ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا‘ ۾ خير محمد ٻرڙي جي بيان موجب، ”راءِ شنڪر کي چار پٽ: سيئو، ٽيئو، گهيئو ۽ سيال هئا. ٽيئو مان ٽوانا، گهئيو مان گهئيا، ۽ سيئو ۽ سيال مان ’سيال‘ قبيلو وجود ۾ آيو.“
ساڳيءَ ريت انسائيڪلوپيڊيا آف انڊين ٽرائبس اينڊ ڪاسٽس جي صفحي نمبر 6116 موجب، سيال قبيلي جو نسلي شجرو پنور راجپوت جي راءِ شنڪر سان ملي ٿو، جيڪو الله آباد ۽ فتح پور جي وچ ۾ دارانگر علائقي جو رهندڙ هو. پنور قبيلي جي هڪ شاخ ڳچ وقت اڳ جونپور ڏانهن هجرت ڪئي، جتي راءِ شنڪر جو جنم ٿيو. راءِ شنڪر جي ٻن پٽن: ٽيئو ۽ گهيئو مان نسلي شجرو اڳتي وڌيو، جنهن کي پوءِ جهنگ جا سيال (قبيلو) جو نالو ڏنو ويو.
اِي. بي. اسٽيڊمئن (E. B. Steedman) جي بيان ڪيل راءِ موجب، سياسي لحاظ سان سيال قبيلو انتهائي اهميت جو حامل رهيو آهي. لاهور سڀا جي قيام دوران چنيوٽ ۽ شورڪوٽ ۾ مقامي حڪومت جون ٻه نشستون سيال قبيلي جون هيون.
هندستان ۾ علاوالدين خلجيءَ جي حڪومت ۾ ڪيترا ئي راجپوت خاندانَ هندستان مان لڏپلاڻ ڪري پنجاب ۾ اچي آباد ٿيا، جن ۾ کيڙال، ٽوانا، غيباث (گهيئا)، چڍر ۽ پنور سيال شامل هئا.
هڪ روايت موجب انهن راجپوت قبيلن، پنجاب ۾ رهائش اختيار ڪرڻ کانپوءِ اسلام کان متاثر ٿي پنجاب جي صوفي بزرگ حضرت بابا فريد جي هٿ تي اسلام قبول ڪيو.
مسٽر اسٽيڊمئن ۽ رچرڊ برٽن، سيالن کي پنجاب جا ’جت‘ سڏيو آهي. سنڌ ۾ سيالن کي سماٽي ۽ سرائي جت چون ٿا. ڪن حوالن موجب سيال، جاٽ جو اولاد آهن. بڙيال، سگهڙ جال، ڪاٽيا، ملاڻا ۽ ورڙ، هنن جا عزيز آهن. ڪتاب ’شاهان گوجر‘ ۾ لکيل آهي ته سيال گوجر راجپوتن ۽ پنوار راجپوتن جو پاڙو آهي. هڪ ٻئي حوالي موجب باجر سماٽ سان واسطو رکن ٿا، جن جي هڪڙي پاڙي جو نالو پڻ ’سيال‘ آهي. ڪتابي تبصرن، رسالن، مقالن ۽ تاريخي احوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته راجپوتن، جاٽن، اعواڻن ۽ سماٽن جي ذاتين مان ’سيال‘ ذات وارا منفرد حيثيت رکن ٿا. سنڌ ۾ سيال وڏي تعداد ۾ اچي آباد ٿيا، جيڪي هاڻي سنڌي ۽ سرائڪي ڳالهائين ٿا.
هڪ تحقيق موجب سيالن جا خاص پاڙا هيٺينءَ ريت آهن:
اوڀاڙا، ٻپيرا، ڀتر، ڀرواني، ڀنگو، پلال، جلگاني، جنيانا، جهتيال، چڍڙ، ڌلاڻي، ڊب، ڊڊي، ڊول، رانءِ، سرگاٽي، سندا، سڻپال، سهاڳ، سينچ، علياڻي، ڪملانا، ڪِلي، ڪمياني، کک، گٽ، لوڌرا، مگهيانا، مڱڻ، ملانا، ملاني، موٽمل، نواب، واهوچا ۽ هراج.
پنجاب جي مشهور رومانوي داستان ’هير رانجهي‘ جو نسائي ڪردار هير به سيال ذات جي هئي. هوءَ جهنگ جي سيالڻ سڏبي هئي.