
سياهه گوش/ هرولا

سياهه گوش/ هرولا
سياھہ گوش/ هرولا: هن ڪاري ڪنن واري جهنگ ٻلي کي انگريزي زبان ۾ (Files caracal) ۽ اردوءَ ۾ ڪالا ڪال يا سرخ سياھہ گوش چيو ويندو آهي. هن ٻلي جو تعلق Filidae نسل سان آهي. ظاهري شڪل شبيھہ ۾ هيءُ ٻلو هماليائي سياھہ گوش سان ڪي هڪ جهڙايون رکڻ باوجود ڪيترين ئي ٻين خاصيتن ۾ مختلف آهي. هن جي ٻنهي ڪنن مٿان ڊگهن وارن جو ڇڳو هوندو آهي، جنهن سان هو ماحول کي محسوس ڪرڻ جي صلاحيت رکندو آهي. منهن گول ۽ موڪرو، پويون ٽنگون اڳين ٽنگن کان ڊگهيون ۽ بت سنهو ٿيندو آهي. ڪنن مٿان وارن جا ڇڳا 40 ملي ميٽرن تائين ڊگها هوندا آهن ۽ ڳلن تي ڏاڙهيءَ ڪو وار ڪونه ٿئيس، مجموعي جسامت 620 ملي ميٽر (ڊيگهه ۾) ۽ پڇ جي ڊيگهه تقريباً 250 ملي ميٽر ٿئي ٿي. سياھہ گوش جا چنبا ويڪرا، پر ڪمزور ٿين ٿا، ننڍي عمر واري سياھہ گوش جي ڪنن جي ٻاهرين سطح مڪمل ڪاري رنگ جي ۽ بالغ سياھہ گوش جي ڪنن جي صرف ڪناري ڪاري ۽ باقي ٻاهرين سطح سليٽي رنگ جي ٿئي ٿي. هن جون اکيون ڀوري گيڙو رنگ جون، جسم جو رنگ ڳاڙهاڻ مائل يا ڀوراڻ مائل گلابي رنگ جو ٿئي ٿو. بت جا وار گهاٽا ۽ ننڍا ٿين ٿا، پيٽ ۽ ٽنگن جي اندرئين سطح پيلاڻ مائل ڀوري رنگ جي ٿئي ٿي. منهن تي هڪ ڪاري رنگ جو داغ، مٿئين چپ ۽ اکين مٿان ٻہ ٻہ ظاهري ليڪون ٿين ٿيون، ڄاڙي جي هيٺين چپ جي چؤڌاري اڇا وار ٿيندا اٿس. پيٽ ۽ ڀرپاسن کان هلڪي رنگ جا ننڍا ننڍا داغ بہ ٿين ٿا.
پاڪستان، خاص ڪري سنڌ ۾ سياھہ گوش غيرآباد، جابلو ۽ صحرائي علائقن ۾ رهندا آهن. انهن جي غير معمولي ڦڙتي ۽ تيز رفتاري سندن اهم خاصيت آهي، جيڪا انهن کي ٻين ٻلن کان منفرد ۽ امتيازي حيثيت ڏئي ٿي. عام طور تي صبح جي وقت، اونهاري ۾ رات جو ۽ سياري ۾ ڏينهن جي وقت شڪار ڪندا آهن. هن جانور ۾ گهڻن ڏينهن تائين پاڻيءَ کانسواءِ رهڻ جي اهليت هوندي آهي، عموماً پاڻيءَ جي ضرورت پنھنجي شڪار ڪيل جانورن جي جسم مان پوري ڪن ٿا. پنھنجي دفاع لاءِ وڻن تي چڙهي پنھنجي جان بچائين ٿا. اڪثر گهاٽي گاھہ جي جهڳٽن، جبلن جي ڏارن ۽ پٿر جي ڍيرن ۾ پنھنجي پناھہ گاھہ تيار ڪندا آهن يا ٻي صورت ۾ ٻين جانورن جي تيار ڪيل پناھہ گاهن تي قبضو ڪندا آهن. سياھہ گوش هر قسم جا چوها، سيهڙ، هرڻ، ٻڪريون، رڍون، گدڙ ۽ پکين ۾ تتر، پاريهر وغيرہ کي شڪار ڪري کائيندو آهي. زمين تي ويٺل پکين جي ولر تي تمام تيزيءَ سان حملو ڪري اک ڇنڀ ۾ 8 کان 10 پکي شڪار ڪري وٺندو آهي، جنهن سان ان جي تيز نظر ۽ شڪار ڪرڻ جي مهارت بابت خبر پوي ٿي.
بيريسن 1968ع جي بيان موجب: سياھہ گوش زهريلا نانگ بہ کائي ويندو آهي ۽ گهڻو وقت بک تي رهڻ سبب انسان تي پڻ حملو ڪندو آهي. (حوالو: پاڪستان ڪي جهنگلي حيات: ڊاڪٽر منظور احمد، صفحو 380)
مادي سياھہ گوش 21 مهينن ۾ بالغ ٿئي ٿي، انهن ۾ لڳ جو عرصو اپريل کان نومبر تائين هوندو آهي ۽ تقريباً 70 ڏينهن کانپوءِ هڪ وقت ۾ 2 کان 6 ٻچا ڏيندي آهي. نون ڄمندڙ ٻچن جو رنگ ڀوراڻ مائل پيلسرو هوندو آهي ۽ انهن جون اکيون پيدائش کان 9 - 10 ڏينهن کانپوءِ کلنديون آهن ۽ اهي ٻچا پيدائش کان ٽن مهينن تائين پناهگاهن اندر ئي رهن ٿا.
نسلي واڌويجهه لاءِ انهن جو ڪو خاص وقت مقرر ناهي هوندو، تنهن هوندي بہ مادي سياھہ گوش سال ۾ صرف هڪ ڀيرو ٻچا ڏيندي آهي. هي ٻلا انسانن سان جلد رلي ملي ويندا آهن. عام طور تي انهن جي مجموعي عمر 16 کان 17 سال ٿئي ٿي.
هي جانور پاڪستان ۾ پنجاب جي بهاولپور، صحرائي چولستان، سرگوڌا جي ويجهو صحرائي ٿل، ڪوهستان، ضلعي اٽڪ ۾ ڪالا چٽا جهنگ، سنڌ ۾ لاڙڪاڻو، ٿرپارڪر، بلوچستان ۾ چاغي، خاران، مڪران، قلات، لورالائي ۽ صوبي خيبر پختون خواھہ ۾ وزيرستان ۽ ٽانڪ ۾ ملي ٿو. موجودہ وقت ۾ پاڪستان اندر سياھہ گوش جي آبادي ۾ ايتريقدر گهٽتائي ٿي آهي، جو هي مشڪل سان ڪٿي نظر ايندو آهي.