سيتا بندر

سيتا بندر: سونا ٻنڊيءَ کانپوءِ سنڌو درياھہ جو مشھور بندر سيتا بندر هو، جيڪو سيتا ضلعي دادوءَ ۾ هو. هتان جا ملاح اڳئين زماني ۾ سامونڊي ٻيڙا هلائيندا هئا. پوئين آخري دور ۾ سيتائي ملاحن جي ٻيڙي ’ڪراچي‘ لب درياهيءَ تي مشھور هئي. پوئين دور جي وڏي ۾ وڏي ٻيڙي ’محفل‘ هئي، جيڪا هڪ سو خرار ڪڻڪ جا يعني ٽي هزار مڻ بار کڻندي هئي، سيتائي ملاحن جي ٻيڙي ’ڪراچي‘ ٻئي نمبر تي وڏي ٻيڙي هئي.
سيتا بندر تمام مشھور ۽ سھڻو بندر هو. هن بندر تان تيلي ٻج، تيل، گيھہ، داليون، اناج، گدرا، ڇانهيون، بيسڻ، ڪاٺ مان ٺهيل سامان، واڻ، تڏا، مصري، نڪل ۽ ڀڳڙا ٻاهر ويندا هئا ۽ ڪپڙو، ڪرانو، ڏونگي، ڏونگيءَ جو تيل (کوپرو)، گرم مصالحو وغيرہ سکر بندر ۽ شاھہ بندر کان ٻيڙين ۾ هت پهچندو هو.


لفظ سيتا بندرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو