سيتا جون کوهيون

سيتا جون کوهيون: ڪراچيءَ کان هنگلاج (بلوچستان) ويندڙ رستي تي، حب ندي پار ڪرڻ کانپوءِ بريدي لڪ ڀرسان مٺي پاڻيءَ جون ڪجهہ کوهيون کوٽيل آهن، جن کي ’سيتا ديويءَ جون کوهيون‘ سڏيو وڃي ٿو. روايت آهي تہ: رام، جلاوطني (بنواس) جي وقت ۾ پنھنجي پتني سيتا ۽ ڀاءُ لڪشمڻ سان گڏ هنگلاج ياترا ڪئي هئي. ان لحاظ کان اڄ بہ ڪجهہ ماڳ سندن نالي سان سڏيا وڃن ٿا، جيڪي ڪراچي ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ موجود آهن. اهي کوهيون ڪچيون آهن، ان ڪري ٿوري ئي وقت ۾ واريءَ ۽ مٽي سان لٽجي وڃن ٿيون. مقامي ماڻهو مٺي پاڻيءَ لاءِ انهن کوهين کي وقت بہ وقت صاف ڪري پاڻي ڪڍندا رهندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو