
سيتا ڦـل
سيتا ڦـل (Custard apple): هي قدرتي جهنگلي ميوو آهي، جيڪو پاڪستان جي ڏاکڻي گرم پٽيءَ ۾ پوکجي ٿو. سيتا ڦل کي اردوءَ ۾ شريفه چون. هي ميوو ايشيا، آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز جي گرم علائقن ۾ بہ پوکيو وڃي ٿو. هي وڻ اوچائيءَ ۾ 15 فوٽن تائين ٿئي ٿو، جنهن جا پن خوشبودار ٿين ٿا ۽ هن جو ميوو نارنگيءَ جي ميوي جيترو بيضوي ۽ ڊيگهه ۾ ٽي چار انچ ٿئي ٿو. هن ميوي جي کل ناهموار، ٻج ڪارو ٿئي، ميوي جي اندريون ڳر تمام سٺو، ذائقيدار ۽ خوشبودار ٿئي ٿو. هن جو پڪل ميوو سڌي طرح کاڌو وڃي ٿو، جنهن ۾ جهجهي مقدار ۾ غذائي جزا ملن ٿا. هن جي ٻج مان تيل ۽ کڙ وڏي مقدار ۾ ملن ٿا، جنهن جو تيل صابڻ ٺاهڻ جي ڪم اچي ٿو. هن ميوي جو کاڌي وارو حصو 75 سيڪڙو ۽ پروٽين جو ڪجهه سيڪڙو ٿئي ٿو. سيتا ڦل جو باغ سال جي ٻنهي موسمن ۾، يعني بھار (فيبروري- مارچ) ۽ سانوڻ (جولاءِ-آگسٽ) ۾ لڳائي سگهجي ٿو. سيتا ڦل جي وڻ مان سراسري طور في وڻ مان 30 کان 40 ڪلوگرام پيداوارا حاصل ڪئي وڃي ٿي.