سيده بيگم

سيده بيگم: سنڌ جي سدا حيات شاعر شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي جيون ساٿڻ، بيبي سيده بيگم جو والد مرزا مغل بيگ هو، جيڪو شاھہ حبيب جو عقيدتمند ۽ مريد هو ۽ بيماري سيماريءَ ۾ کانئس دعا ڦيڻو ڪرائيندو هو. راويت آهي تہ هڪ ڀيري پيءُ جي بيماريءَ سبب سندس حڪم تي شاھہ لطيف دعا لاءِ مرزا مغل بيگ جي گهر ويو، سندس ڌيءَ بيبي سيده بيگم بيمار هئي. شاھہ جيئن ئي سندس نبض ڏسڻ لاءِ يا دعا لاءِ سندس هٿ جهليو تہ بي ساختہ چئي ويٺو ’جنهن جي چيچ سيد هٿ ۾، تنهن کي لھر نہ ڪو لوڏو‘ ۽ سندس دل ۾ سيده بيگم جي محبت مچ مچائي ڇڏيو.
ڪي عالم ان واقعي کي قبول نہ ٿا ڪن. روايتون مرزا مغل بيگ جي ڪاوڙ، سيدن سان مخالفت ۽ دل ذات جي ماڻهن هٿان جهيڙي ۾ سندس مارجڻ بابت ملن ٿيون. چون ٿا تہ جڏهن مرزا مغل مارجي ويو تہ ڪنهن سندس وفات جي قطع تاريخ ۾ سندس گلا ڪئي، ان تي شاھہ صاحب في البديھہ وراڻيو، ’يڪ مغل بھہ بود‘ (’هو هڪ بهتر‘ مغل هو) مادو ڪڍيو ويو تہ مغل بيگ جي قتل واري تاريخ نڪتي. مغل بيگ جي وفات کان پوءِ سندن خاندان جي عورتن، شاھہ صاحب جي سيده بيگم سان شادي ڪرائي. شاھہ صاحب سان شاديءَ کانپوءِ سيده بيگم کي مريدن ’تاج المخدرات‘ (پرديدار عورتن جو تاج) جو لقب ڏنو. سندس اعليٰ ڪردار جو تاريخن ۾ ذڪر ملي ٿو. سندس حوالي سان محققن لکيو آهي تہ هوءَ هڪ پرهيزگار ۽ سگهڙ عورت هئي، منجهس وڏائي بنھہ ڪانہ هئي. هوءَ پنھنجي گهر جو ڪم پنھنجي هٿن سان ڪندي هئي. سيده بيگم سان منسوب هڪ روايت آهي تہ شاديءَ کانپوءِ بيبي صاحبہ اميد سان ٿي ۽ پلي کائڻ جي خواهش ظاهر ڪيائين، جنهن لاءِ شاھہ صاحب جو هڪ فقير ڊوڙندو پئي ويو تہ شاھہ صاحب کانئس سبب پڇيو، جواب معلوم ٿيڻ تي پاڻ چيائين تہ: ”اهڙو اولاد مون کي نہ گهرجي، جيڪو اڃا ڄائو ئي ڪونهي تہ منهنجن فقيرن کي ڊوڙائيندو وتي ۽ ڄمندو تہ الائي ڇا ڪندو!“ چون ٿا تہ بيبي سيده بيگم جو اهو ٻار پيٽ ۾ ئي سُڪي ويو. سيده بيگم، شاھہ لطيف جي زندگيءَ ۾ ئي وفات ڪئي.


لفظ سيده بيگمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو