
سيده نفيسه شاهه
سيده نفيسه شاھہ: ناليوارِي سياستدان، صحافي، سماجي اڳواڻ خيرپور جي اڳوڻي ضلعي ناظمه، ڊاڪٽر سيده نفيسه شاھہ، 20 جنوري 1968ع تي جنم ورتو. سيده نفيسه شاھہ سينيئر سياستدان ۽ سنڌ جي موجودہ وڏي وزير سيد قائم علي شاھہ جي نياڻي آهي. شروعاتي تعليم سينٽ جوزف ڪائوينٽ اسڪول مان او ليول ۽ ڪراچي گرامر اسڪول مان اي ليول جا امتحان پاس ڪيا. گرئجوئيشن آرٽس ۾ جرمن يونيورسٽيءَ مان ڪيائين، جڏهن تہ ماسٽرس آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان سوشل اينڊ ڪلچرل اينٿروپالاجيءَ ۾ ڪيائين. ڏهن سالن جي تحقيق کانپوءِ هن ساڳيءَ يونيورسٽيءَ مان Honour Violence, Law and Power: A case study of Karokari in Upper Sindh جي موضوع تي 2010ع ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي. سندس اها ٿيسز هن وقت ڪتابي صورت ۾ ڇپائيءَ هيٺ آهي.
سيده نفيسه شاھہ کي سياسي ماحول گهر ۾ ئي مليو، ان ڪري سياست سان سندس دلچسپي ننڍپڻ کان رهي. هيءَ پنھنجي والد سيد قائم علي شاھہ جي اليڪشن مھم ۾ حصو وٺندي رهي. 2001ع جي مڪاني چونڊن ۾ هوءَ ضلعي ناظمه چونڊي، جنهن دوران هن خيرپور جي ضلعي ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا. سندس شمار بھترين ناظمن ۾ ٿئي ٿو. هوءَ 2008ع وارين چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ طرفان عورتن جي مخصوص سيٽ تي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر بڻي. جتي پارليامينٽري اسٽيڊنگ ڪميٽي جي ميمبر رهي.
سيده نفيسه شاھہ سٺي صحافي ۽ تجزيانگار پڻ رهي آهي. هن جا ماحوليات، جٽادار ترقي (Sustainable Development) ۽ صنفي مسئلن (Gender Issues) تي انگريزي اخبار ’دي نيوز‘، رسالي هيرالڊ، نيوز لائين کانسواءِ ٻاهرين ملڪن جي نامور اخبارن ۽ مخزنن ۾ مضمون ڇپجندا رهيا آهن. ان کانسواءِ هوءَ مقامي انگريزي، اردو ۽ سنڌي ٽي. وي چئنلن کانسواءِ بي. بي. سي ۽ سي. اين. اين وغيرہ تي سياسي ۽ سماجي پروگرامن ۾ مهمان ۽ مبثر جي حيثيت ۾ شرڪت ڪندي رهي آهي.
کيس اي. پي. اين. ايس طرفان 1993ع ۾ ’بھترين ليک‘ (Best Article) جو اوارڊ ملڻ سان گڏ کيس ٻيا بہ ڪيترا اوارڊ ملي چڪا آهن، جن ۾ ورلڊ اڪانامڪ فورم طرفان 2005ع ۾ ’ينگ گلوبل اوارڊ‘، اقوام متحدہ طرفان 1993ع ۾ ’گلوبل رول آف آنر اوارڊ‘، رسالي نيوز ويڪ طرفان 2011ع ۾ کيس ’پاڪستان جي 100 نمايان عورتن‘ جي فهرست ۾ شمار ڪيو ويو. اهڙيءَ ريت نفيسه شاھہ کي 2005ع ۾ امن جي نوبل انعام لاءِ بہ نامزد ڪيو ويو هو.
سيده نفيسه شاھہ، انساني حقن جي عورت اڳواڻ طور ملڪ ۾ وڏي مقبوليت رکي ٿي. هوءَ نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊولپمينٽ (N.C.H.D) جي پليٽفارم تان تعليم، ثقافتي هنرن سميت ٻوڏ متاثرن جي فلاح بھبود لاءِ وڏو ڪم ڪندي رهي آهي. ان ڏس ۾ هن ڪيترا اسڪول، بالغان جي تعليم جا مرڪز ۽ ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ قائم ڪرايا آهن. هوءَ هن وقت پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر آهي.
1968.01.20 عيسوي
ناليوارِي سياستدان، صحافي، سماجي اڳواڻ خيرپور جي اڳوڻي ضلعي ناظمه، ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه، 20 جنوري 1968ع تي جنم ورتو.