سيد اسماعيل شاھہ شاهڪپور وارو

سيد اسماعيل شاھہ شاهڪپور وارو: سيد اسماعيل شاھہ جي مزار محمد طور عرف شاهڪپور، تعلقي جاتي، ضلعي ٺٽي ۾ آهي. ڪپور مهاڻي قبيلي جو فرد هو، جنهن پنھنجي مرشد جي گهڻي خدمت ڪئي، جنهن تي مرشد خوش ٿي چيس تہ تنهنجو نالو منهنجي نالي سان گڏ ورتو ويندو. تنهنڪري شاهڪپور مشھور ٿي ويو. هيءُ بزرگ امير پير جي نالي سان بہ سڏبو آهي. هن بزرگ جي مزار تي هر سال ربيع الاول مهيني ۾ عرس ٿيندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو