
سيد امداد شاهه ڊڍرائي
سيد امداد شاھہ ڊڍرائي: سنڌي ۽ مارواڙي گيتن ۾ ڪئسٽ جي دنيا ۾ پاڻ مڃائيندڙ ۽ ڪٻڊيءَ (ڪوڏي ڪوڏيءَ) جي بھترين رانديگر، سيد امداد علي شاھہ، 3 جولاءِ 1968ع تي سيد قربان علي شاھہ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس ڳوٺ دين پور شريف، تعلقي کپري، ضلعي سانگهڙ ۾ آهي. هن مئٽرڪ تائين کپري مان تعليم حاصل ڪئي، بعد ۾ پرائمري ماستر مقرر ٿيو. کيس ننڍپڻ کان مختلف راڳين جا ڳايل ڪلام ٻُڌڻ سبب شاعريءَ جو شوق ٿيو. 1984ع ڌاري شاعريءَ جو آغاز ڪيائين. سنڌي ۽ مارواڙيءَ ۾ 500 کان مٿي ڪلام لکي چڪو آهي. سندس پهريون ڪلام ارباب سولنگيءَ 1990ع ۾ ڳايو، جنهن کي بعد ۾ ثمينه ڪنول بہ ڳايو ۽ مقبول ٿيو. ان کانپوءِ سندن مارواڙي ڪلام ’جوڳيڙا مانجو هٿ جوئي سچي تون سڻا‘ فوزيہ سومرو ڳايو ۽ ’لکي جاني مانجي رو نام سونارا ڇيڪو گهڙي ڏي مندرڙو‘ شمن علي ميراليءَ ڳايو. سندس ڪلام سنڌ جي ڪيترن ناليوارن راڳين ڳاتا آهن. هي شاعر هئڻ سان گڏ سنڌ جي ثقافتي راندين ۾ تمام گهڻي دلچسپي رکي ٿو. کيس ڪٻڊيءَ ۾ سنڌ جي بھترين رانديگر هئڻ جو اعزاز حاصل آهي. سڄيءَ سنڌ ۾ ٿيندڙ ڪٻڊيءَ جي ٽورنامينٽن ۾ سوڀ ماڻيندو رهيو آهي. هن تعلقي کپري ۾ ڪيترا ڀيرا ثقافتي راندين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪٻڊيءَ ۽ ملھہ جا ملاکڙا ڪرايا آهن، ڪٻڊيءَ ۾ پهلوانيءَ جا بهتر جوهر ڏيکارڻ سبب ڪيترائي انعام حاصل ڪيا اٿس. شاگرديءَ واري دور کان اسٽيج پروگرامن ۾ ڀرپور حصو وٺندو رهيو آهي. پاڻ پرائمري استاد آهي ۽ پنھنجي ابائي ڳوٺ دين پور شريف، تعلقي کپري ۾ رهي ٿو.
1968.07.03 عيسوي
سيد امداد علي شاهه، 3 جولاءِ 1968ع تي سيد قربان علي شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو.